روس اولهه مان  پنھنجن قيدين جي آزادي کي فتح سمجھي ٿو

آمريڪا خميس ڏينھن اھا تصديق ڪئي آھي ته روس ۽ اولهه جي ملڪن  وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا ٿي آھي.روس پاڻ وٽ قيد رکيل 24 ماڻهن کي آزاد ڪيوآهي.عالمي ميڊيا موجب سرد جنگ کان پوءِ روس ۽ اولهه جي وچ ۾ قيدين جو اهو سڀ کان وڏي مٽاسٽا آھي.

وائيٽ هائوس طرفان چيو آهي ته روس 16 قيدين کي آزاد ڪيو آهي. انهن ۾ آمريڪي رسالي  وال اسٽريٽ جرنل جو رپورٽر ايوانگرشڪووچ بھ شامل آھي.  انهن قيدين جي بدلي ۾ آمريڪا، ناروي، جرمني، پولينڊ ۽ سلووينيا جي جيلن مان اٺ روسي قيدين کي آزاد ڪيو آهي. آزاد ڪيلن ۾ انٽيليجنس سرگرمين ۾ ملوث فرد بھ شامل آهن. قيدين جي مٽا سٽا جي تقريب خميس ڏينهن ترڪي جي شهر انقره جي ايئرپورٽ جي رن وي تي ٿي.

بي بي سي جي اسٽيو روزنبرگ پنھنجي تجزيي ۾ چيو آھي تھ ھوائي اڏي تي وڃڻ ۽ جھاز مان لھندڙ مسافرن جو ذاتي طور تي استقبال ڪرڻ اھڙو ڪم آھي جيڪو ولاديمير پيوٽن گھٽ ئي ڪندو آھي.

آزاد ٿيل قيدي ماسڪو جي ونڪووو ايئرپورٽ تي پهتا تھانھن سپاهين جو استقبال ڪيو ويو. اهو سرد جنگ کان پوءِ روس ۽ اولهه جي وچ ۾ قيدين جي سڀ کان وڏي مٽاسٽا  آھي. جهاز مان لھندڙ 10 ماڻهن ۾ هڪ جاسوس،ھڪ سليپر ايجنٽ ۽ هڪ سزا يافته قاتل بھ شامل هئا.روسي صدر آجيان ڪندي انھن کي مبارڪ بھ ڏني. واپس ايندڙ روسين جو استقبال ريڊ ڪارپيٽ ۽ گارڊ آف آنر سان ڪيو ويو. صدر طرفان گلدستا بھ پيش ڪيا ويا.صدر پيوٽن واپس آيلن کي رياستي تمغا ۽اعزاز ڏيڻ جو پڻ واعدو ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته روس قيدين جي واپسي کي فتح  طور  ڏسي ٿو. ۽ روس جيڪو  چاهيو سو حاصل ڪري ورتو آھي.

جرمني اختيارين شروعاتي طور تي سزا يافته قاتل کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جرمن عدالت موجب اھو قيدي روسي اختيارين جي ھٿيار طور ڪم ڪري رهيو هو.پر ھڪ وڏي معاھدي جي لاءِ اھو معاملو سڌو ڪيو ويو.پر ڪرملين لاءِ قيدي واديم ڪراسيڪوف جي آزاديءَ کي يقيني بڻائڻ ايترو اھم ڇو ھو ؟  روسي اخبارن هن سوال جي جواب بابت ڪجهه اشارو ڏنو آھي.”اسان پنهنجي ماڻهن کي واپس آڻي رهيا آهيون ،“

روس اھم قيدين جي واپسي سان گڏ پنهنجي ايجنٽن ۽ جاسوسن ڏانهن  اھو پيغام موڪلڻ چاهي ٿو تھ جڏھن  اسان توهان کي ڪنهن اهم مشن تي موڪليو ۽ معاملا خراب ٿي بھ وڃن تھ پڻ  اسان حالتن کي پنھنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ ڪا ڪسر نٿا ڇڏيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.