کچڻي تھ ڪافي ديرکان رڌجي رھي هئي، فيصلا ڪندڙن ۽ سياسي حڪمرانن ۾ سياسي مقصدن تي اتفاق جي باوجود لاڳاپن ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ڏکيائيون محسوس ٿي رهيون آھن ۽ هاڻي معاملو ان حد تائين پهچي ويو آهي ته فيصلا ڪندڙن جي پرزور حمايت ۽ ھر طرح جي مدد باوجود حڪومتي ڦيٿو ڦري نھ رھيو آھي.افواھ گھڙيندڙ تھ رنگ برنگي ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا آهن، ڪيترائي تھ سياسي حڪومت جي سربراهه کي گهر موڪلڻ يا خود ذميوارين مان ھٿ ڪڍي استعفي ڏيڻ جا افواھ اڏائي رهيا آهن.
رياست اھو سڀ ڪجهھ افورڊ نھ ٿي ڪري سگھي،اڃان حڪومت کي آئي ٽي چار مهينا ٿيا آهن، سياسي حريف مقبول آهي، معيشت ڪمزور آهي، قرض ملي نھ رھيا آھن، مهانگائي ماري رهي آهي، عالمي حالتون سازگار نه آهن، اهڙي صورتحال ۾ ايتري تڪڙي تبديلي رياست جي ڪنهن به ڪردار لاءِ فائديمند ثبات ٿي نه ٿي سگهي. اهو درست آهي ته حڪومت جو ڦيٿو هلي نھ رهيو آهي، پر رياست جا سمورا ٿنڀ ڪوشش ڪري رھيا آھن تھ رڪجي ويل ڦيٿي کي طاقت سان، ڌڪو ڏئي ۽ تيل، پاڻي سان هلايو وڃي.
ايس آءِ ايف سي کي حڪومت ۽ اختيارين جو گڏيل صلاحڪار ادارو بڻائي سرمائيڪاري کي آڻڻ مقصد ھو. 50 کان 100 ارب جي پرڏيهي سيڙپڪاري جو اندازو لڳايو ويو هو، پر في الحال حڪومتي پارٽنر جون پاليسيون ۽ صلاحيت مايوس ڪندڙ رهيون آهن، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي دلچسپيءَ باجود ڪا فزيبلٽي اھڙي نھ بڻجي سگھي آھي جيڪا سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش هجي يا ان ڳالهھ کي يقيني بڻائي تھ سيڙپڪار پنهنجو منافعو واپس وٺي سگهي.
زراعت جي شعبي ۾ بھرحال خاصو ڪم ٿيو آهي، مختلف ڪارپوريٽ ادارن کي زمينون ڏنيون ويون آهن، جتي چٽا ڀيٽي واري طريقيڪار ذريعي اهي ادارا پيداوار ۾ مقابلو ڪري رهيا آهن، جن مان جيڪو به ڪامياب تجربو ڪري ڏيکاريندو، ان جي ٻج ۽ طريقي کي عام زمين ڪندڙ تائين پهچايو ويندو ته جيئن سڄي ملڪ ۾ زراعت تيزيءَ سان ترقي ڪري سگهي.
حڪومتي ڦيٿي نھ ھلڻ جي پس منظر جو جائزو وٺڻ بھ دلچسپ ھوندو.اٺ فيبروري جي چونڊن کان پوءِ جڏهن نئين سيٽ اپ جو بنياد وڌو ويو ته ان ۾ سڀني کان پسند وارو ۽ طاقتور وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڀ کان گھٽ پسند وارو ۽ ڪمزور صدر آصف زرداري ھو. شهباز شريف ڪافي عرصي کان مقتدر جي اکين جو تارو رهيو آهي ۽ ھن جي معاملن کي سمجھڻ، مينيجمينٽ ۽ ڏينھن راتين جي محنت کي مقتدرا ۾ گھڻو ساراھيو ويو ھو.
شايد اهو ئي سبب هو جو سندس وڏي ڀاءُ نواز شريف بدران شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. بھرحال شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي خدشا ۽ اعتراض پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا، جنھن ۾ سڀ کان وڏو اعتراض فيصلا نه ڪرڻ هو ۽ معاملي کي اينگھائڻ جو آهي، بيوروڪريسي جي ڪوتاھين ۽ سياسي نظام جي خامين جو بار به شهباز شريف جي مٿي تي پوڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ اهو جيڪو ڪنهن وقت اکين جو تارو هو، سو هاڻي گذاري جھڙو قرار ڏنو ويو آھي. 8 فيبروري کان پوءِ قائم ٿيل نظام ۾ صدر آصف زرداري آهستي آهستي مقبول ٿيو آهي ۽ ايئن محسوس ٿي رھيو آھي ته طاقتور حلقن جي اندر سندس اثر رسوخ وڌي ويو آهي ۽ سندس آواز کي وڌيڪ غور سان ٻڌو پيو وڃي.
حال جون حقيقتون مٿين واقعن جي چوڌاري ڦري رھيون ھجن ته افواھ جنم وٺڻ لڳندا آھن. ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته رياست جا ٻھ ٿنڀ، چونڊيل حڪومت جي ٽئين ٿنڀ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جص مايوسي ۽ نااميدي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،ڪڏھن چيو وڃي ٿو تھ وزيراعظم هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آھن،ڇاڪاڻ جو کيس لڳي ٿو تھ نظام ۾ ھن جي لاءِ ڪو اسپيس (جاءِ) نھ آھي.وزيراعظم جا اختيار ۽ طاقت ايتري حد تائين محدود ٿي چڪي آھي جو اھو ڪو وڏو فيصلو وٺي ئي نھ ٿو سگھي.
لڳي ٿو ته ڪيترا ئي افواه سکڻا اڏايا ويا آھن، پر اها تھ حقيقت آهي ته اندر ئي اندر گڙٻڙ هلي رهي آهي، مطمئن ڪو بھ نھ آهي، نه مقتدرا، نھ نوني حڪومت،مقتدرا تيز ترين ڊليوري جي توقع رکي ھئي ۽ نوني،کي طاقت ۽ اختيار نھ ھئڻ جي شڪايت آھي.ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي مقبوليت جو دٻاءَ ۽ عدالتن جا حڪومت جي خلاف ھڪ ٻئي مٿان ايندڙ فيصلا پڻ نظام تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. انهن حالتن ۾ وزير اعظم جي موڪلاڻي يا تبديلي ڪنهن به ڌر لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندي، بلڪه اهو نظام کي مڪمل ويھارڻ جو پهريون مرحلو هوندو،جيتوڻيڪ واقعن جو تسلسل ان طرف وڌندي نظر اچي رهيو آهي، پر ان جو آخرڪار نتيجو نظام جي زوال وارو ٿيندو.
سياست بيٺل پاڻي جي کڏ نه پر وهندڙ پاڻي جو درياءُ آهي، هر حڪومت کي نوان چئلينج درپيش ھوندا آهن، ڪڏهن دهشتگردي سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل هو، ڪڏهن لوڊشيڊنگ سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي وئي، ڪڏهن خراب معيشت اھم معاملو رھيو ۽ ڪڏهن پرڏيهي پاليسيون، ڪڏهن دفاع ، هن سياسي حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو بحران مٿان بحران منجھيل مسئلا آهن، پر هاڻي مهانگي بجلي هڪ اهڙو مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ کانسواءِ نه حڪومت هلي سگهي ٿي ۽ نه ئي رياست ھلي سگھندي.
هن وقت سياست جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته مهانگي بجلي هر گهر لاءِ برداشت کان ٻاھرٿي چڪي آهي،صنعتڪار بھ ايتري مهانگي بجلي کي برداشت نه پيا ڪري سگھن.اڄ جي بنگلاديش نامنظور تحريڪ يا لوڊشيڊنگ ختم ڪريو تحريڪ،مهانگي بجلي ختم ڪرائڻ جي آھي.جيڪا حڪومت يا سياستدان مهانگي بجلي کي ختم ڪرائيندو اھو ھيرو ھوندو ۽ جيڪو مھانگي بجلي کي برقرار رکڻ ۾ مدد گار بڻجندو اھو ٻڙي ٿي ويندو.
نامور صنعتڪار گوهر اعجاز عوام جي نبض تي هٿ رکيو آهي، اڃان تائين شھباز حڪومت آئي پي پيز سان گڏ بيٺي آهي، جيڪڏهن ان جو موقف اھو ئي برقرار رهيو ته انهن کي سياسي طور تي وڌيڪ نقصان رسندو.ايئن لڳي پيو تھ حڪومتي جماعت کان گھڻو ان مسئلي جي حساسيت جو اندازو مقتدرا کي آھي ۽ اھا مسلسل ان معاملي کي اپڊيٽ وٺي رھي آھي.
ان معاملي تي فيصلو وچولي طبقي جي ووٽر جو ذهن تبديل ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن نون کان سواءِ ڪنھن ٻئي فيصلو ڪري ورتو ته اهو هيرو ھوندو. هڪ نئين تبديلي اها آهي ته 3 ڏهاڪن کان ”نون“ جو حامي صنعتڪار ۽ واپاري طبقو مهانگي بجلي جي معاملي تي حڪومت جي سامھون کڙو ٿي ويو آهي ۽ ائين لڳي رھيو آھي اصنعتڪارن ۽ نون جي وچ ۾ ان مسئلي تي وڇوٽي وڌي ويندي.
تضادستان ھن وقت پنھنجي تاريخ جي،مادرِ بحران، مان گذري رهيو آهي. معاشي بحران، سياسي بحران، انتظامي بحران، بي اعتمادي جو بحران ۽ هاڻي مهانگي بجليءَ جو عذاب، حڪومت جيڪڏھن تڪڙا فيصلا نه ڪندي تھ بي اطمينائي ۽ مايوسي اڃان بھ وڌندي. نوني حڪومت ڪا اميد ڏيارڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگهي آهي، ڪو خواب بھ نھ ڏيکاري سگهي آهي، جيڪڏهن اهو ئي حال رهيو ته پوءِ انهن جي باري ۾ نظر ايندڙ خراب خواب ڪٿي حقيقت نه بڻجي وڃن.