زندگي قدرت جي طرفان عظيم نعمت ھوندي آھي اڄ ڪلهھ اھڙي نعمت ملڻ کان پوءِ زندگي گذارڻ تمام گھڻي مشڪل بڻجي رھي آھي. وِک وِک تي تڪليفون مصيبتون پريشانيون گھر وارن جي طرفان ذھني ۽ جسماني پابنديون مٽن مائٽن جا مهڻا طعنا روز جو معمول ھجن ته پوءِ اُھا زندگي عظيم نعمت مان اڻ پوري زندگيءَ بڻجي ويندي آھي خاص ڪري معاشري اندر عورتن کي نياڻين نماڻين کي ڪمزور سمجهي کين چادر چار ديواري تائين محدود سمجھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي ته پوءِ اھڙي معاشري اندر عورتن جي زندگي اڻ پوري گذرندي آھي. جيئن عورتون معاشري اندر پنھنجي خواھشن مطابق زندگي نه ٿيون گذاري سگهن يا وري کين پڙھڻ جيئڻ ھمسفر چونڊڻ ۽ پنھنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جو ڪو حق ناھي ھوندو اھڙي طرح معاشري اندر مسڪينن غريبن عورتن جي زندگي پڻ اڻ پوري گذرندي رھندي آھي.
ھِتي آئون پنھنجي زندگيءَ جون ڪجھه ساروڻيون پيش ڪيان ٿي جنھن سان ڪنھن جو متفق هجڻ ضروري نه آھي جڏهن به هٿ جي لڪيرن ۾، نصيبن جا پيرا کڻان ٿي ته ، هر ليڪو اڌ مان شروع ٿي، اڌ ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. ايئن جيئن هر ڪهاڻي اڌ مان شروع ٿي، اڌ ۾ ئي ختم ٿي وڃي ٿي. جيئن جُهڙ ڦُڙ جهڙالين راتين ۾ آسمان جا ستارا چٽا نظر ناهن ايندا، ايئن جيون جو ڪو به ڪردار، يادن جي آرسي ۾ واضح نظر نٿو اچي. رڳو ائين به ناهي ته هر سپني بي منزل مسافرين جا پنڌ جهاڳيا آهن. رڳو ائين به ناهي ته هر خوشي پارس پٿر جيان افسانو بڻجي، اڻ لڀ ٿي آهي ۽ رڳو ائين به ناهي ته هر خواهش حسرتن جي مزارن جي مجاوري ڪئي آهي. پر ٿيو ائين آهي جو، ڪڏهن ڪڏهن اکين مان دربدر ٿيل ڪو نڌڻڪو ڳوڙهو، خزان رسيده پن جيان ڳلن تان ڇڻيو آهي. ڪڏهن ڪي معصوم مُرڪون، چيٽي کنوڻ جي چمڪي جيان، آس نراس جي امبر تي وڃائجي ويون آهن. بس ڪڏهن ڪڏهن مسافر دل جو ڪو ئي هيڪلو جذبو لادوا بڻجي پيل مريض جيان اڪيلائي ۾ منهن ڍڪي رنو آهي ۽ ڪڏهن وري بيگار ڪئمپ تي ڪم ڪندڙ ٻار جهڙو ٻالا ڀولو احساس، سراب آسرن تي ڌتارجي کليو آهي ۽ محرومين سان مليو آهي.
جڏهن به ساروڻين جي ديس ۾ سوچ جا پير پهچن ٿا ته، توسان گڏ گهاريل دلفريب لمحن جا منظر، اکيون مهٽي اٿي پون ٿا. جن ۾ ڪي بانورا ٽهڪ لڪيل آهن، حُسن جون ڪي دلبريون ليٽيل آهن ۽ توسان رچيل املهھ ڳالهين جا صفحا کليل آهن. خبر ناھي ته هميشه ائين ئي اڻ پوري افسانن ۾ زندگي گذرندي رھندي يا معاشري جي مھڻن طعنن ۾ اڻ پوري زندگي گذرندي، ڪا خبر ناھي ته ھيءَ اڻ پوري زندگيءَ جا رھيل ڪجهھ پل ڪيئن گذرندا رھندا ڪجهھ سمجهھ ۾ نٿو اچي.
هاڻ ته بس اهي ئي ساروڻيون زندگيءَ جو سرمايو رهنديون يا وري وري مردن جي معاشري ۾ مظلوم مسڪين نياڻين نماڻين کي آزاديءَ سان رھڻ جو ڪو حق مھيا ڪيو ويندو ڪجهه انسان اسان جي زندگيءَ ۾ اسان سان پيار محبت ڪندا آھن، اسان جو خيال رکندا آھن ۽ اسان کي روح ۾ جايون ڏيندا آهن.
اھڙا انسان دراصل اسان جا اھڙا دوست ھوندا آھن جيڪي ڏک ۽ سک ۾ بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي اسان جو ساٿ نڀائيندا آھن.اسان جي غير موجودگيءَ ۾ اسان جا حامي ۽ سڄڻ رھندا آھن. اھڙي نفسياتي، ڪٽرپڻي، ھوش پڻي دجالي دؤر ۾ اھڙا انمول دوست نصيبن وارن کي ملندا آھن. زندگيءَ ۾ دل جو صاف سٿرو رھڻ ئي زندگيءَ جو ڪشادو تجربو آهي.
دوستن کي پنهنجو رازدار بڻائڻ ۽ سندن اڀرا سڀرا عيب ڍڪڻ به کيس بخوبي اچن ٿا.ھن اڌ ڪهاڻي ۽ اڌ عمر، اڌ زندگيءَ ۾ جيڪي پاڻ زندگيءَ جا تجربا ڪندا رھندا آھيون. اھيو اسان جي اڻ پوري زندگيءَ جو سرمايو آهن.