سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ بلڪل درست چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي واري بحران جو حل فقط سنڌ وٽ آهي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي، سڄي ملڪ جون گهرجون هتان پوريون ڪري سگهجن ٿيون. جيڪڏهن ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪيو وڃي ته بجلي جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اڻي سگهجي ٿي.هن چيو ته ٿر ۾ ايترو ته ڪوئلو موجود آهي جو سڄي پاڪستان جي توانائي ۽ ڀاڻ جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. ان ڪوئلي مان ڊيزل به ٺاهي سڄي پاڪستان کي مهيا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته نوري آباد پاور پلانٽ مان ڪي ايڪٽرڪ کي 100 ميگا واٽ بجلي 15 رپيا في يونٽ جي حساب سان مهيا ڪئي پئي وڃي جيڪا صنعت ڪارن کي 48 رپيا ۽ 200 يونٽن کان گهٽ گهريلو صارفين کي 24 کان 25 رپيا في يونٽ کان گهٽ وڪرو ڪيو پيو وڃي. ايتري سستي بجلي پيدا ڪرڻ باوجود اسان کي ٻيو پاور پلانٽ لڳائڻ نه ڏنو ويو، گهڻين ڏکيائين کان پوءِ اسان کي نئين پاور ڪمپني سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽر اٿارٽي ٺاهڻ جي منظوري ملي آهي جيڪا جلد شروع ڪئي ويندي هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي وسيلن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته بجلي جي قيمت 50 سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿي. ان سان گڏ وڏي وزير ٻيون به ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون پنهنجي خطاب ۾ ڪيون. هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته جيڪو صوبو گئس پيدا ڪري ٿو ان کي اوليت ڏني وڃي پر سنڌ جون صنعتون بند ٿي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي يا علائقي مان اوهان کي فائدو ملي ٿو ته ان کي به وڌيڪ فائدو ڏيو.
اسان وڏي وزير مراد علي شاهه جي انهن خيالن سان بلڪل به متفق آهيون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته وفاق هر دور ۾ سنڌي کي ان جي بنيادي حقن ۽ وسيلن کان محروم ڪيو آهي. وفاق هر دور ۾ سنڌ کان رڳو ورتو آهي پر ان کي ڏنو ڪجهه به ناهي، ڏيڻ ته ڇڏيو پر ڏکايو به گهڻو آهي. سنڌ کي وري به جيڪڏهن ڪجهه مليو آهي ته اهو ان صورت ۾ جڏهن پ پ جي وفاق ۾ حڪومت هوندي آهي. مثال طور ذوالفقار علي ڀٽي، بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو 2008ع وارو دور پر جڏهن پ پ جي مخالف ڪا جماعت وفاق ۾ هوندي آهي ۽ پ پ جي سنڌ ۾ حڪومت هوندي آهي ته اها وفاقي جماعت چاهيندي آهي ته سنڌ جي پ پ حڪومت کي ڪجهه نه ڏجي ته جيئن ان جي حڪومت سنڌ ۾ ناڪام رهي، ائين پ پ جي سياسي دشمني ۾ به وفاقي حڪومت سنڌ کي نظرانداز ڪيو آهي. هونئن مجموعي طور به ڏسجي ته وفاق جو هر دور ۾ ننڍن صوبن ۽ قومن سان خراب ورتاءُ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن صوبن ۾ عليحدگي جي تحريڪن جنم ورتو.
سنڌ جي حوالي سان ڏسجي ته سنڌ کي سنڌو درياهه جي حصي مان پاڻي جو جائز حصو نٿو ملي ائين اين ايف سي ايوارڊ مان به سنڌ کي جائز حصو ناهي ملندو، جڏهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ئي ملڪ کي روينيو جو گهڻو حصو ڏيندي آهي. ائين سنڌ معدني وسيلن ۾ به مالامال رهي آهي. ٿر جي ڪوئلي بابت ته وڏي وزير پاڻ گهڻو ڪجهه ٻڌايو ۽ دعوايٰ ڪئي آهي ته پاڪستان اندر جيڪو توانائي جو بحران آهي تنهن جو حل فقط سنڌ وٽ آهي پر ان سنڌ کي پوءِ اوترو فائدو به ڏيڻ گهرجي.
سو سنڌ حڪومت جون وفاق کان جيڪي به شڪايتون آهن سي سڀ جائز آهن پر ائين سنڌ جي عوام کي وري پ پ جي سنڌ حڪومت کان به اهڙيون شڪايتون رهيون آهن ته سنڌ جي بجيٽ مان سنڌ تي خرچ گهٽ ڪيو پيو وڃي، ڪرپشن جا حڪمرانن تي ڌار الزام آهن. هوڏانهن وفاقي حڪومت وري سنڌ سرڪار تي الزام هڻندي آهي ته اسان سنڌ لاءِ جيڪي فنڊ مختص ڪندا آهيون سي ليپس ٿي ويندا آهن، يعني سنڌ جي وزيرن ۾ ايتري به صلاحيت ناهي جو ترقياتي اسڪيمون جوڙي اهي فنڊ سنڌ ۽ عوام تي خرچ ڪري سگهن. سو سنڌ جي بجيٽ، فنڊن ۽ معدني وسيلن مان سنڌ ۽ سنڌي عوام کي سنئون سڌو ۽ گهڻو فائدو ڏيارڻ ۾ پ پ جي حڪومت تي به ناڪامي جا الزام لڳندا رهيا آهن.
پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ پنهنجي جوهر ۾ بيحد مالدار خطو آهي. سنڌ جا سڀ وسيلا سنڌ تي خرچ ٿين ته هي خطو دبئي وانگر مالدار آهي.جيڪڏهن سنڌ آزاد ۽ خودمختيار هجي ته اها پنهنجي وسيلن مان اڪيلي سر سنڌ کي هلائي سگهي ٿي. اها خبر پ پ ۽ آصف زرداري کي به آهي ته وفاق کي به ان ڪري سڀني کي سنڌ جي ضرورت آهي. پر جنهن ڌرتي جو کائبو پيئبو آهي تنهن سان نمڪ حلالي به ڪبي آهي. اها تقاضا وفاق کان به ڪبي ته پ پ جي سنڌ حڪومت کان به. توهان سنڌ لاءِ سوچيو ته سنڌ اوهان کي مالا مال ڪري ڇڏيندي.جيئن وڏو وزير پاڻ فرمائي رهيو آهي ته سنڌ ۾ سڀ ڪجهه آهي اها پاڪستان جي توانائي جو بحران به حل ڪري سگهي ٿي بس ان کي موقعو ڏيو ۽ ان جو قدر ڪريو.
جيستائين وڏي وزير طرفان سنڌ جي پنهنجي بجلي جي ڪمپني ٺاهڻ جي ڳالهه آهي ته اسان ان جي آجيان ڪريون ٿا. ائين اسان سنڌ حڪومت طرفان اسٽيل مل کي سنڌ صوبي طرفان هلائڻ واري اعلان جي به آجيان ڪئي هئي. سو سنڌ حڪومت کي پنهنجي وسيلن مان فائدو وٺڻ جو مڪمل حق آهي پر aهو ڌيان ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته حڪومت کي سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪرڻ جو حق آهي، وفاق کي سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ڪيتري پياري آهي سا ته تاريخ ٻڌائي رهي آهي پر سنڌ حڪومت جيڪا سنڌي عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ آئي آهي تنهن جو اولين فرض آهي ته اها سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ۽ هاڻي جڏهن پ پ وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي ته اميد ڪجي ٿي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ مسلم ليگ ( ن) سنڌ حڪومت سان بهتر نموني سهڪار ڪندي ۽ سنڌ کي اسٽيل مل توڙِي بجلي جي ڪمپني ٺاهڻ ۾ هر قسم جي مدد ڪندي.