سنڌ جي فن ثقافت جو ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ نالو روشن ڪندڙ سنڌ جا چار بهترين هيرو هن وقت بيماري جي بستري تي آھن جيڪي انتهائي بي وسي ۽ ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رهيا آھن جن ۾ پهريون سنڌ جي ماڻھن جي دلين ۾ وسندڙ ۽ پنهنجا ڏک درد دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلي ماڻھن ۾ سدائين مرڪون پکيڙيندڙ اداڪار عبدالله ملاح عرف موالي، ٻيو اهڙو ئي سنڌي ڊرامن وسيلي پنهنجي محنتن سان لازوال ڪردار ادا ڪري ماڻھن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندڙ اداڪار منير سيال، ٽيون راڳ جي دنيا سان سلھاڙيل سنڌ جي لاڙ واري پاسي جي نرالي آواز مرحوم الھڏنو خاصخيلي جو ڀاءُ ۽ استاد علي محمد خاصخيلي جو ننڍو فرزند بهترين راڳي محبوب علي خاصخيلي، جڏهن ته چوٿون هيرو سنڌ جي دل سڏجندڙ شھيد بينظيرآباد جي تعلقي سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ نهايت ئي سريلو ڪلاسيڪل راڳي استاد گلاب گل آھي هي چارئي سنڌ جو آواز آھن جيڪي هن وقت گڙدن ۽ دل سميت مختلف بيمارين سبب وڏين تڪليفن کي منھن ڏيندي بي يارو مددگار بڻيل آھن جيڪڏهن ڪجھ ڏينهن پوئتي نظر ڪنداسين ته تازو هڪ انمول هيرو استاد سوڍل لغاري به هو جيڪو بيماري ۽ بيوسي سبب هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو جنهن جي پڻ هڪ تمام ڏکوئيندڙ ڪھاڻي آھي
اداڪار عبدالله ملاح عرف موالي گڙدن جي بيماري سبب ڪراچي ۾ گڙدن جي اسپتال ايس آءِ يو ٽي ۾ داخل هجڻ باوجود به تمام ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيو آھي، جڏهن ته لاڙ جي محبوب هوائن جو راڳي محبوب علي خاصخيلي پڻ بيماري سبب جواني ۾ ئي پنهنجي جوڀن کان ڪيترائي سال وڏو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ڄڻ بيماري هن جي جواني ڳڙڪائي هاڻي موت ڏانهن ڌڪي رهي آھي ۽ هو انتهائي لاچارگي افسردگي سبب نه ڪنهن کي ميار ڏئي ٿو سگهي ۽ نه ئي وري جبل جيڏي بيماري سان جنگ جوٽي ان مان ڪامياب ٿي نڪري سگهڻ جھڙو رهيو آھي، هن جي سنڌ کي ميار اها آھي ۽ ڪيڏي نه عجيب ڳالھه آھي جو چئي ٿو ته مونکي پئسن جي نه پر بهتر علاج جي ضرورت آھي
ان کان علاوه سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻو استاد مٺل ميراثي جي خاندان جو فرد وقت جي بهترين راڳي استاد پنهل فقير جو پٽ سنڌ جو سدا بهار ڪلاسيڪل راڳي استاد گلاب گل پڻ دل ۽ گڙدن جي تڪليف سبب سڪرنڊ ڀرسان پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ بي وسي ۽ غربت سبب ٻچڙن سميت فاڪاڪشي واري صورتحال مان گذري رهيو آھي
انهن سميت سنڌي ڊرامن ۾ اڪثر پوليس آفيسر جي بهترين ڪردار سان سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جو هڪ ٻيو هيرو ۽ اداڪاري وسيلي پنهنجو ٽئلنٽ مڃائيدڙ محترم منير سيال به ڪافي وقت کان بيماري ۽ بيروزگاري سبب سنڌ واسين ۽ ثقافت کاتي آڏو لاوارث ۽ لاچارگي جي تصوير بڻيل آھي، افسوس جو هن وقت سنڌ جا اهي چارئي هيرا جنهن پيڙا مان گذري رهيا آھن اها صرف اهي ئي سمجهي سگهن ٿا يا انهن جا گهر وارا ئي ڄاڻن ٿا جيڪي هنن هيرن کي پل پل تڙپندي پچندي ۽ پڄرندي ڏسي بي وسي جا لڙڪ هاري پنهنجي رب ڏانهن نگاهون کڻي ڪنهن غيبي مدد جا منتظر بنجي ڌڻي در صدائون ڏيندي نظر اچن ٿا پر ان سڀني ڏکن دردن ۽ تڪليفن جي عام ماڻھن کي ڪابه پرواھ ئي ناهي جيڪڏهن هو پنهنجي هيرن جي مالڪي ڪن ها ته شايد اهي هنن حالتن مان نه گذرن ها.
سنڌ جي ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاھ ۽ ڊائريڪٽر منور مهيسر هڪ درد دل رکندڙ انسان آھن جن هنن هيرن جي بيماري تي نوٽيس به ورتا ۽ ڪجهھ مالي مدد به ڪئي آھي جن ۾ تازو سماجي اڳواڻ ۽ ڀٽائي جي عاشق محترم محمد صالح ڪيريو لطيفي جن جي ڪوششن سان راڳي استاد گلاب گل جي ترت مالي سهائتا ڪندي کيس هڪ لک روپين جو چيڪ پڻ ڏنو ويو آھي جڏهن ته ٻين جي پڻ ان طريقي سان معمولي مالي سهائتا ڪئي پئي وڃي پر اصل معاملو صرف معمولي مالي سهائتا جو ناهي سنڌ جي انهن هيرن جي گذر سفر جي لاءِ هن ظالم مھانگائي جي دؤر ۾ ان عمل جي ساراھ ڪجي ٿي جڏهن ته اها مالي سهائتا بهترين قدم آھي پر ان سان گڏو گڏ اگر هنگامي بنيادن تي سنڌ جي بيمار اداڪارن ۽ راڳين کي سنڌ جي بهترين اسپتالن ۾ داخل ڪري سرڪار سطح تي ڪي ميڊيڪل بورڊ جوڙي فوري طور ٽيسٽون ڪرائي سندن اوليت جي بنياد تي مڪمل علاج ڪرائي انهن جون زندگيون بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي ته انسانيت جي ناتي به اهو تاريخي ڪم هوندو جيڪو نه رڳو سندن حق آھي پر سنڌ جي ثقافت کاتي تي فرض پڻ آھي
اميد ته سنڌ جا ماڻھو به عبدالله ملاح، محبوب خاصخيلي، گلاب گل، منير سيال سميت سندن علائقن ۾ رهندڙ پنهنجي انهن خوبصورت هيرن جي سار لھي سندن ڀرجهلا ٿيندا رهندا ته جيئن ڪوبه سنڌ جو هيرو استاد سوڍل فقير لغاري جيان بي يارومددگار نه رهي ۽ ڪوبه هيرو سنڌ کي ميار نه ڏي ته ڪاش اسان سنڌ ۾ پئدا نه ٿيون ها جتي اسان جو قدر ئي نه ٿي سگهيو .