4 آگسٽ: پوليس جي شهيدن جو ڏينهن

تحرير: اعجاز ممنائي

آگسٽ پوليس جي انهن جوانن کي سلام پيش ڪجي ٿو جن وطن جي عوام جي حفاظت خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيئي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو۔ اسانکي انهن دليرن، جوڌن، جوانن، سپوتن، بهادرن سورهين ۽ سورمن تي فخر آهي  جن پنهنجي قيمتي زندگي داءُ تي لڳائي پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ۽ رهندڙ عوام خاطر شهادت جو جام پي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ڪردار بڻجي ويا آهن.

سنڌ پوليس جي بهادري جو اهو مثال تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکجي ويو آهي، جڏهن  ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ڪميشن تي ڪالعدم تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي طرفان ڪيل دهشتگردي کي سنڌ پوليس جي شاخ ريپڊ ريسپانس فورس (آر-آر-ايف)  منهن ٽوڙ جواب ڏئي دشمنن جي ڪمزور ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.

اها عالمِ آشڪار حقيقت آهي ته فورس جي نوڪري ٻين نوڪرين کان ڏکي نوڪري آهي، جيڪا 24 ڪلاڪ سرانجام ڏني وڃي ٿي۔مينهن هجي يا واچ۔ ڏڪار هجي يا سڪار۔ رات هجي يا ڏينهن پوليس جا جوان عوام جا ڀرجهلا ٿي ڪم ڪندا رهن ٿا۔ هي پوليس جا جوان به هن سماج جو حصو آهن، انهن کي به جذبا آهن، اهي به خواهشون رکن ٿا، اهي  به هن سماج ۾ عزت ۽ آبرو ۾ برابر جا شريڪ آهن،جيڪڏهن انهن جي عزت النفس ۽ جذبن کي اسان مجروح ڪنداسين ته سامهون ردِ عمل ضرور نظر ايندو۔جيڪڏهن اسان پوليس جي جوانن سان خوش اخلاق ۽ خوش گفتار سان پيش اينداسين ته سماج اندر مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي ڇاڪاڻ جو پوليس جو اولين فرض ئي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي.

پوليس جڏهن پنهنجون قانوني گهرجون پوري ڪري توهان کي باعزت طريقي سان ڇڏي ٿي ته ان ۾ ان جو ئي ڀلو آهي ڇوته انهيءَ عمل سان ڏوهاري ماڻهو قانون کان بچي نه سگهندا ۽ پڪڙ ۾ اچي ويندا۔ جنهن سان توهان يا ڪنهن ٻئي شهريءَ جو به ڀلو ٿي پوندو.

اچو ته اڄ هن شهداءِ سنڌ پوليس واري ڏينهن تي وچن ڪيون ته اسان پوليس جا ساٿي بڻجون، هڪٻئي جا همراز ٿيون، پوليس جي عزت ڪيون، هڪٻئي کي مڪمل طور تي سمجهون، هڪٻئي جي عزت ڪيون، هڪٻئي جو قدر ڪيون، ڏوهن جو خاتمو آڻڻ لاءِ پوليس جا مددگار ۽ وسيلا بڻجون، ته جيئن ملڪ دشمن عناصرن جو خاتمو آڻي سگهجي، انهن جو گهيرو تنگ ڪيون، انهن کي اتي ئي مات ڏيون ۽ سنڌ پوليس جو ساٿ ڏيون. اسان سنڌ پوليس جي شهداءِ پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي والدين ۽ وارثن سان  ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.