چين ۾ ٽرڪ ڊرائيورن کي رات جي وقت حادثن کان بچائڻ جو منفرد طريقو متعارف

بيچنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ رات جي وقت هاءِ وي تي گاڏي هلائڻ دوران ڊرائيورن کي جاڳائڻ لاءِ منفرد طريقو اختيار ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب چين ۾ اختياريون هڪ نئون تجربو ڪري رهيا آهن جنهن ۾ موٽر ويز تي طاقتور ليزر لائيٽون لڳايون ويون آهن ته جيئن ڊرائيورن کي ڊرائيونگ دوران سمهڻ سبب پيش ايندڙ حادثن کان بچائي سگهجي.

سوشل ميڊيا تي وڊيوز منظر عام تي اچي رهيون آهن جنهن ۾ موٽر ويز جي سائن بورڊن تان رنگ برنگي لائيٽون نڪرندي نظر اچي رهيون آهن.

شروع ۾ ته اهو نظارو ڪنهن ميوزڪ فيسٽيول جي لائيٽن وانگر نظر آيو، پر بعد ۾ انڪشاف ٿيو ته انهن ليزر لائيٽن جو مقصد ڊرائيورن، خاص ڪري ٽرڪ ڊرائيورن کي رات جي وقت ننڊ ڪرڻ کان روڪڻ آهي.

هن تجربي تي ڊرائيور جو ردعمل ٿورو مختلف هو. هڪ ڊرائيور، لي جو چوڻ آهي ته روشني فوري طور تي هن کي متوجهه ڪيو ۽ رات جي ڊرائيونگ دوران هن جي ٿڪاوٽ کي گهٽائي ڇڏيو.

ٻئي طرف، ڪجهه ڊرائيور تجربي سان مطمئن نه ٿا لڳن. انهن جو چوڻ آهي ته ليزر لائيٽ انهن کي وڌيڪ پريشان ڪري ٿي.

چيني اختيارين طرفان اهو واضح ناهي ته ڇا اهو ليزر لائيٽ سسٽم اڃا تائين موٽر ويز تي آزمايو پيو وڃي يا نه ۽ ڇا اهو منصوبو مستقبل ۾ لاڳو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.