اسلام آباد ( م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته محمود اچڪزئي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ عمران خان جي نمائندگي کان انڪاري ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني موجب، محمود خان اچڪزئي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ سندس نمائندگي ڪندو. خواجا آصف چيو ته مون محمود خان اچڪزئي کان اِهو سوال قومي اسيمبلي ۾ ٿيل ملاقات دوران پڇيو، محمود خان اچڪزئي نه ۾ جواب ڏيندي چيو ته هو اِهو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي. بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي تجويز هميشه جيان غير سنجيدا، سياسي بيان بازي کانسواءِ ڪجهه ناهي.
-
ملير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد،نينگر سميت 2 زخمي
ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي قائدآباد واري علائقي ۾ پوليس اهلڪار قتل، مقتول جيل پوليس جو اهلڪار آهي: ايس ايس پي، خبر موجب: قائدآباد ٿاڻي جي حد گرين= سٽي پوليس ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو، جڏهن هڪ ٻار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقتول پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ 40 ورهين جي محمد اڪرم پٽ محمد حسين، جڏهن ته زخمي ٻارڙي جي سڃاڻپ شاهزيب پٽ شعيب طور ٿي، جڏهن ته 30 ورهين جي زخمي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪارروائي بعد مارجي ويل پوليس اهلڪار جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن سينيئر سپريڊنٽ آف پوليس ملير ڪاشف آفتاب عباسي موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ جيل پوليس اهلڪار مارجي ويو جڏهن ته هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو نه آهي، اکين ڏٺن شاهدن موجب ملزم مقتول پوليس اهلڪار جو دوست آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.