سياستدان ميڊيا کي جهڪائي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا: صحافي اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) مختلف صحافي اڳواڻن ۽ سياسي ورڪرن سنڌ حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته سنڌ ۾ اخباري صنعت  کي ٻيهر جيئارڻ ۽ اخباري ڪارڪنن جي بي روزگاري جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، وفاقي ۽ پنجاب حڪومت وانگر سنڌ ۾ به صحافين لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي، ٽي وي ۽ اخباري ميڊيا ۾ صحافين جي گهٽ ۾گهٽ پگهار سنڌ حڪومت طرفان ملازمن جي لاءِ مقرر ٿيل پگهار جي برابر مقرر ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجي سنڌ ۾ آزاد صحافت جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اها ڳالهه ڪالهه پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ( پي ايف يو جي)  جي 75 هين سالگرهه ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ( ڪي يو جي) طرفان ملهائڻ جي تقريب ۾ تقريرن ڪندي چئي وئي. ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي جهوني اڳواڻ حبيب خان غوري چيو ته آزاد صحافت لاءِ جدوجهد ڪندڙ شڪور احمد جهڙا صحافي پنهنجي زندگيءَ سادگي سان گذاريندا هئا جن وقت جي حڪومت کان رعائتون ۽ معافيون وٺڻ بدران جلاوطن ٿي ويا، هاڻي صحافت ۽ صحافي ڪمرشل دنياداري جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ جن آزاد صحافت ۽ صحافي اصولن جي پائيداري ڪئي آهي، اهي پي ايف يو جي کي زنده رکندا آيا آهن. سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو اهو اعلان ڪري ٿو ته جيڪي اخبارون ۽ ٽي وي ميڊيا پنهنجي ڪارڪنن جي گهٽ ۾گهٽ پگهار سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل پگهار جي برابر ادائيگي نه ٿا ڪن، انهن کي سنڌ حڪومت طرفان ٻڙي بزنس ڏنو ويندو، جنهن لاءِ ڪي يو جي ۽ پي ايف يو جي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ اخباري ميڊيا جي واپسي لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر اسان کي اخبار پڙهندڙن جو تعداد به وڌائڻو پوندو ۽ افسوس ته پڙهندڙن جو تعداد گهٽجي چڪو آهي. هن چيو ته پي پي پي جي سنڌ حڪومت ميڊيا ٽرائل ٿيڻ جي باوجود آزاد صحافت آڏو ڪابه رڪاوٽ ۽ قانون پاس نه ڪيو ۽ سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن جرنلسٽ ڪميشن قائم ڪئي آهي ۽ صدر آصف علي زرداري صحافين جي فلاح لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اسان بيمار صحافين جي علاج لاءِ سرڪاري طريقي ڪارن کي ڇڏي سڌي طرح صحافين جي مالي مدد ڪئي آهي، جيڪو اسان جو احسان نه آهي ۽ سنڌ ۾ ميڊيا انڊسٽري پي پي حڪومت جي ڪري زنده آهي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد صحافت جو فرض ذميواري سان ادا ڪرڻ گهرجي ۽ بغير تصديق جي نه ڪنهن جي خلاف الزام لڳايو وڃي پر معافي به وٺڻ کي ڪوڙي خبر وانگر وڏو ڪري هلائڻ گهرجي، ان باوجود اسان ڪنهن جي خلاف به انتقامي ڪارروائي نه ڪئي آهي، جيڪڏھن بلوچستان ناراض آهي ته انهن سان ڳالهائي انهن جي ناراضگي ختم ٿيڻ گهرجي. پي ايف يو جي، جي قائم مقام صدر خورشيد عباسي چيو ته پي ايف يو جي، جي 75 سال اڳ جيڪا آزاد صحافت جي جدوجهد جو بنياد وڌو ۽ مسلسل جنگ جاري رکي، ان جا اثر اسان مٿان موجود آهن، اسان جي ملڪ جا حڪمران طبقا ۽ سياستدان به ميڊيا کي پنهنجو آڏو جهڪائڻ ۽ ان کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ چاهن ٿا، پر سموري صورتحال باوجود پي ايف يو جي زنده آهي. ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي صدر طاهر حسن چيو ته پي ايف يو جي آزاد صحافت لاءِ جيڪا 75 سال اڳ جدوجهد ڪئي، سول ۽فوجي آمرن جي خلاف جدوجهد ڪئي، جيل  ۽ ڪوڙا کاڌا ۽ روپوشي جا ڏينهن گذاريان، صحافت ۾ آيل نئين نسل کي اها تاريخ پڙهڻ گهرجي، ڇو ته اڳتي هلي کين پي ايف يو جي جو جهنڊو بلند رکڻو آهي. نامور صحافي ۽ ليکڪ مظهر عباس چيو ته پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه مهينن بعد ملڪ ۾ آزاد صحافت آڏو رڪاوٽن جو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ 1948 م صحافي تنظيم جي بنياد ۽ آزاد صحافت جي صحافين جي گڏجاڻي هڪ وڏي انگريزي اخبار ۾ ٿيڻ نه ڏني وئي ۽ ٻين هنڌن تي به ان اجلاس نه ٿيڻ لاءِ حڪم ناما جاري ڪيا ويا اڳتي هلي سنڌ يونين آف جرنلسٽ ۽ پنجاب يونين آف جرنلسٽ کي ضم ڪري پي ايف يو جي جو 75 سال اڳ 2 آگسٽ تي بنياد وڌو ويو جن جي ڪارڪنن ضياء جي دور ۾ جيل مان به اخبار ڪڍي. اڳوڻي سياسي ڪارڪن مسرور احسن چيو ته پي ايف يو جي طرفان جنرل ضياء جي دور ۾ آزاد صحافت واري جدوجهد انقلابي جنگ ۽ رازداري سان هلائي وئي هئي ۽ کين روپوشي ۾ لڪڻ لاءِ جاء نه هوندي هئي ته هو قبرستان اندر مزدور ساٿين جي سهڪار سان کوٽيل قبرن ۾ رات گذاري صبح جو گرفتاري ڏيندا هئا ۽ هن خود هڪ رات شير شاه جي قبرستان جي کوٽيل قبر ۾ رات گذاري هئي ۽ جيل اندر سياسي ڪارڪنن کي لڳندڙ هر ڦٽڪي تي جيل ۾ قيد صحافي مارشلا خلاف نعريبازي ڪندا هئا. پي ايف يو جي طرفان ضياء جي دور ۾ هلايل هلچل ۾ گرفتاري پيش ڪندڙ ساٿين جي گرفتاري جا فوٽو ڪڍندڙ فوٽو گرافر زاهد حسين چيو ته پي ايف يو جي جدوجهد جو هو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ هن وٽ فوٽو گرافي جي روپ ۾ سڄي تاريخ موجود آهي، هن جي فوٽو گرافي ڪري هن جي گرفتار لاءِ خاص حڪم ٿيل هو ۽ هو ڪيترائي ڀيرا گرفتار کان بچي ويو هو، اڄ به پي ايف يو جي هن جي لاءِ ۽ آزاد صحافت لاءِ مشعل راہ آهي. تقريب م پي ايف يو جي اڳواڻ سردار لياقت علي، نواز ليگ جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه، اختر حسين ايڊووڪيٽ، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، جاويد چوڌري ۽ ٻين خطاب ڪندي پي ايف يو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 75 هين سالگرهه جي مبارڪ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ مظبوط جمهوريت ۽ جمهوري ماحول لاءِ آزاد صحافت جو هجڻ ضروري آهي، سياست ۽ جمهوريت جو پاڻ ۾ گهرو واسطو آهي،

هنن چيو ته سنڌ حڪومت ميڊيا صنعت ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي گهٽ ۾گهٽ پگهار سنڌ حڪومت جي مقرر ٿيل پگهار جيتري مقرر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ صحافين جي بي روزگاري ۽ معاشي حالتن کي ٺيڪ ڪيو وڃي. پي ايف يو جي سالگرهه جي موقعي تي فلسطينن جي جدوجهد سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي حماس اڳواڻ اسماعيل هاني جي قتل جي سخت مذمت ڪندي آمريڪا کي آزادي دشمن ۽ اسرائيل جو مددگار ڪوٺيندي اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ويو ته اسرائيل کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏئي ھن خلاف عالمي اصولن موجب قدم کنيا وڃن  قرار داد منظور ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.