حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ورتل امتحانن جا نتيجا تڪراري بڻجي وڃڻ معمول بڻيل آهي، سوشل ميڊيا تي امتحانن جا نتيجا جاري ٿيڻ شرط ئي ايس پي ايس سي تي ڇتي تنقيد شروع ٿي وڃي ٿي، اهڙي ئي تنقيد ڪالهه هيڊ ماسترن بابت ورتل امتحان جا نتيجا جاري ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي آهي، جنهن ۾ ايس پي ايس سي تي قائدن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي سان گڏ رشوت جو الزام هنيو پيو وڃي، جاري ڪيل ھيڊ ماسترن جي زباني امتحان ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ڪميشن کان سندن نتيجا گهرڻ سان گڏ نتيجن کي عدالت ۾ چئلينيج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪميشن نتيجا پڌرا ڪندي گڏيل طور 174 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. لکت امتحان ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻي زباني امتحان ۾ فيل ڄاڻايل اميدوارن ڪميشن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندي کين سندن زباني امتحان جي وڊيو رڪارڊنگ ۽ نتيجا ڏيڻ لاءِ 161 جي شق تحت ڪميشن کي خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران تعليم کاتي ۾ ھيڊ ماسترن جا نتيجا جاري ڪيا آھن. جنھن ۾ 174 اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي. ايس پي ايس سي پاران ڄاڻايل کاتي ۾خالي پوسٽس لاءِ 18 هزار 340 اميدوارن حصو ورتو. جنهن جو لکت وارو امتحان 28 فيبروري 2024ع ۾ منعقد ٿيو، جنھن جو نتيجو 25 اپريل 2024ع تي پڌرو ڪيو ويو، جنھن ۾ مجموعي طور تي 623 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي زباني امتحان لاءِ کين گهرايو ويو، زباني امتحان ھلندڙ سال جي جون ۽ جولائي مھيني ۾ ورتا ويا آهن، جنهن ۾ ڪامياب اميدوارن جا حتمي نتيجا جاري ڪري تعليم کاتي کي سندن مقرري جي سفارش ڪئي وئي آھي. جنھن ۾ 108 اميدوارن جو تعلق رورل ڪوٽا، جڏھن ته 66 اميدوارن جو تعلق شھري ڪوٽا سان آھي، جڏهن ته هيڊ ماستري جي لکت امتحان ۾ 70 سيڪڙو تائين پاس ٿيل اميدوارن کي زباني امتحان ۾ فيل ڪيو ويو آهي، اميدوارن ڄاڻايل امتحان جا نتيجا وٺڻ لاءِ ڪميشن کي خط لکڻ سان گڏ سندن امتحان جا نتيجا وٺڻ لاءِ شق 161 تحت خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ارشد، رضا ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته هيڊ ماستري لاءِ 50 کان 60 لک ۾ سيٽ وڪرو ٿي آهي، نتيجن کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.
اربن اميدوار 33 تي پاس ۽ رورل اميدوار 55 سيڪڙو تي به فيل!
حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪيمشن ۾ شهري اميدوار کي مارڪن ۾ وڏي رعايت مليل آهي، اربن اميدوار کي 33 سيڪڙو تي پاس ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻهراڙي وارو رورل اميدوار 50 ۽ 55 سيڪڙو تي به فيل ٿي وڃي ٿو، شهري اميدوار گهٽ مارڪون کڻي ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ ٻهراڙي جو اميدوار گهڻيون مارڪون کڻڻ باوجود فيل ٿي وڃي ٿو.
نتيجا اچڻ کان اڳ ئي اگهه مقرر ٿي وڃن ٿا: ايس پي ايس سي تي تنقيد
حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران هيڊ ماسترن جي مقرري لاءِ ورتل امتحان جي جاري ڪيل نتيجن کانپوءِ معمول جيان ايس پي ايس سي تي تنقيد ڪندي چيو پيو وڃي ته سيٽون اڳ ئي وڪامي چڪيون هيون، ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن جي مقرري جيان هر امتحان ۾ نتيجا اچڻ کان اڳ ريٽ مقرر ٿي وڃن ٿا.
اميدوار کي زباني امتحان لاءِ انٽرويو کان صرف هڪ ڏينهن اڳ سلپ اماڻي وئي!
حيدرآباد: هيڊ ماستري جي زباني امتحان لاءِ هڪ اميدوار کي زباني امتحان لاءِ سندس ايڊريس تي ڪراچي ۾ رٿيل انٽرويو کان هڪ ڏينهن اڳ سلپ ايڊريس تي اماڻي وئي، جنهن ۾ ٽي سي ايس آفيس کي پڻ هڪ ڏينهن اڳ ليٽر ڏنو ويو آهي. جنهن جا اميدوار ثبوت پڻ موجود آهن. جنهن بعد اميدوار کي ٻيهر امتحان سلپ جاري ڪري امتحان ۾ سڏايو ويو.ڄاڻايل اميدوار نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين امپاورمينمٽ ۾ لکت جو امتحان ڏنو. هنيئر هيڊ ماستري ۾ لکت جي امتحان ۾ 70 سيڪڙو کڻي زباني امتحان ڏنو آهي. جنهن ۾ فيل ڪيو ويو آهي.
لکت ٽيسٽ ۾ 65 يا گهٽ مارڪون کڻندڙ کي زباني امتحان ۾ 90 سيڪڙو مارڪون ڏئي پاس ڪيو وڃي ٿو: اميدوار ارشد علي
حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 2008ع کان مسلسل امتحانن ۾ حصو وٺندڙ ارشد علي ٻڌايو ته هيڊ ماستري جي لکت ٽيسٽ ۾ جن اميدوارن 65 يا گهٽ مارڪون کنيون آهن، انهن کي 90 سيڪڙو مارڪون ڏئي زباني امتحان ۾ پاس ڪري هيڊ ماستر ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته لکت امتحان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوان کي فيل ڪيو ويو آهي. مون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، ليڪچرر ۽ هيڊ ماستري جي زباني امتحان ڏيڻ سان گڏ 2013ع ۽ 2018ع ۾ گڏيل چٽاڀيٽي جو امتحان پڻ لکت ۾ پاس ڪيو. هن ڀيري چٽاڀيٽي جي امتحان ۾ هڪ پيپر ۾ فيل ڪيو ويو آهي. ڪيمشن کان منهنجي انٽرويو جا نتيجا وٺڻ ۽ جواب طلب ڪرڻ لاءِ شق 161 تحت ڪيترائي خط لکيا آهن پر جواب نه مليو آهي. هاڻ عدالت ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري پٽيشن داخل ڪئي ويندي