نواز شريف جي تڪ اين اي 130 جي نتيجن ۾ ڌانڌلي جو انڪشاف

لاهور (م ڊ) چونڊن جي نگراني ڪندڙ اداري پتن جي رپورٽ ۾ نواز شريف جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 جي چونڊ نتيجن تي سوال اٿاريا ڇڏيا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق پتن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جعلي فارم 47 جي ڪري فارم 45 جمع ڪرائڻ ۾ غيرمعمولي اختلاف پيدا ٿيا، قومي ۽ صوبائي تڪن جي ووٽنگ جي ٽرن آئوٽ ۾ واضح فرق آهي، قومي اسيمبلي جي فارم 45 ۾ ٽرن آئوٽ 90 کان 102 سيڪڙو ۽ صوبائي اسيمبلي جي فارم 45 ۾ ساڳيو ٽرن آئوٽ گهٽجي 41 سيڪڙو ٿي ويو.82 پولنگ اسٽيشنن تي قومي اسيمبلي جو ٽرن آئوٽ 86 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته صوبائي اسيمبليءَ جو سراسري ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو کان به گهٽ رهيو، يعني قومي اسيمبليءَ لاءِ اڪثريتي ماڻهن ووٽ ڏنو پر صوبائي لاءِ ووٽ نه ڏنا، شروعاتي نتيجن ۾ نواز شريف 166 ۽ پي ٽي آءِ اميدوار ڊاڪٽر ياسمين راشد 208 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پر بعد ۾ فارم 47 تي نواز شريف جي ياسمين راشد تي برتري ڏيکاري وئي، فارم 47 ۾ نوازشريف 11 هزار 817 ووٽ ۽ ياسمين جا 2 هزار 845 ووٽ گهٽايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.