تهران(م ڊ) ايران جي تخت گاهه تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ فلسطيني تنظيم حماس جي سياسي ونگ جو سربراهه اسماعيل هانيه محافظ سميت شهيد ٿي ويو آهي. اسماعيل هانيه ايران جي نئين صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل هو. ايران حماس سربراهه جي قتل جي پلاند جو اعلان ڪيو آهي. حماس به اسماعيل هانيه جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ايراني ٽي وي جو چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه ايراني صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران پهتو هو ته سندس رهائشگاهه تي حملي ۾ مارجي ويو. ايران جو چوڻ آهي ته قاتلاڻي حملي جي جاچ جا نتيجا جلد سامهون ايندا. حماس دعويٰ ڪئي آهي ته اسماعيل هنيه کي يهودي ايجنٽن پاران نشانو بڻايو ويو ۽ ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايراني ميڊيا موجب حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه تي تهران ۾ سندس رهائشگاهه تي حملو ڪيو ويو. هو ايران جي نئين صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ايران پهتو هو. حلف برداري واري تقريب ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. تاجڪ صدر امام علي رحمان، حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه ۽ اسلامي جهاد جي زياد النخليح به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. برطانوي نشرياتي اداري ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب سعودي ميڊيا حدث جو چوڻ آهي ته تهران ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي رهائشگاهه کي گائيڊڊ ميزائل سان نشانو بڻايو ويو. رپورٽ موجب اسماعيل هانيه جي رهائشگاهه کي مقامي وقت موجب 2 وڳي ڌاري نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي ميڊيا موجب تهران جي دل ۾ اسرائيلي وقت موجب 2 وڳي ميزائل فائر ڪيو ويو، جتي اسماعيل هنيه پنهنجي محافظ سان گڏ موجود هو. غزه جنگ دوران اسرائيلي حملي ۾ اسماعيل هنيه جا ٽي پٽ ۽ چار پوٽا شهيد ٿي ويا هئا. حماس پاران اسماعيل هنيه جي شهادت تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حماس جي سربراهه تي حملي جي ذميوارن کي سزا ڏني ويندي. حماس اڳواڻ موسيٰ ابو مرزوق چيو آهي ته اسماعيل هنيه جو قتل بزدلاڻو عمل آهي جنهن جي سزا ڏني ويندي. حماس اڳواڻ سامي ابو زهري چيو آهي ته اسان بيت المقدس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ کليل جنگ وڙهي رهيا آهيون، يروشلم لاءِ ڪا به قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين جي ترجمان مهر الطاهر چيو ته شهيد اسماعيل هنيه فلسطين جي لاءِ پنهنجي قيمتي ملڪيت جو نذرانو ڏنو. ايراني صدر مسعود پيزشڪيان چيو آهي ته هو اسرائيل کي هانيه جي ”بزدلاڻي“ قتل جو سخت جواب ڏيندو ۽ ايران ”پنهنجي علاقائي سالميت، عزت ۽ وقار جو دفاع ڪندو. نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب ايراني صدر هڪ بيان ۾ هنيه کي ”بهادر اڳواڻ“ قرار ڏنو. حماس جو سياسي اڳواڻ، جيڪو قطر ۾ مقيم هو، پيزشڪيان جي صدارتي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران آيو هو. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي پڻ چيو آهي ته اسماعيل هنيه جي موت جو بدلو وٺڻ تهران جو فرض آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل، جنهن اڃا تائين هانيه جي قتل جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي، "سخت سزا” جو بنياد فراهم ڪيو آهي. هوڏانهن الجزيره ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته اسماعيل هانيه جي قتل ۾ آمريڪي انٽيليجنس مدد شامل هئي. ايڊيٽر ڊفينس الجزيره چيو آهي ته حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل ۾ آمريڪي انٽيليجنس مدد شامل ٿي سگهي ٿي. دوحه جي هڪ ايڊيٽر ڊفينس الجزيره موجب ايراني حڪومت جي مخالفن ۽ موساد زميني انٽيليجنس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عرب ميڊيا موجب شهيد اسماعيل هانيه جي جنازي نماز خميس ڏينهن صبح 8 وڳي تهران ۾ ادا ڪئي ويندي.