حيدرآباد(رپورٽر) دال ملز اونر ايسوسيئيشن پاڪستان جي سڏ تي اعلانيل 3 ڏينهن واري شٽربند هڙتال ۽ احتجاج جي سلسلي ۾ حڪومت پاران لڳايل وڌ هولڊنگ ٽيڪس خلاف حيدرآباد ۾ ڪاروبار بند ڪري پريس ڪلب حيدرآباد سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حيدرآباد دال ملز ايسوسيئيشن جي صدر صلاح الدين قريشي، ايسر ڪمار، ڀون ڪمار، ڀوجومل ۽ يارام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته تازو وفاقي حڪومت دال سميت مختلف زرعي جنسن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪري غريبن کان دال کائڻ جي به سگھ کسي ورتي آھي. هنن چيو ته وڌ هولڊنگ جي لاڳو ٿيڻ سان دالن جي قيمتن ۾ في ڪلو 50 کان 80 رپيا واڌ ٿي ويندي. جيڪڏهن کاڌي پيتي ۽ خوراڪ جي شين تي وڌيڪ ٽيڪس لڳندا رهيا ته غريب ماڻھو بکون ڪاٽي مري ويندا ۽ پاڪستان جي صورتحال ايٿوپيا ۽ صوماليا جهڙي ٿي ويندي. هنن چيو ته اسان جي هڙتال جمع تائين جاري رهندي، جيڪڏهن حڪومت وڌ هولڊنگ ٽيڪس واپس نه ورتو ته وڌيڪ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.17