روس، چين، ترڪي، پاڪستان پاران اسماعيل هانيه جي قتل جي مذمت

تهران/ماسڪو/ انقرا(م ڊ) روسي پرڏيهي وزارت اسماعيل هنيه جي قتل کي ”مڪمل طور تي ناقابل قبول“ قرار ڏنو آهي. جڏهن ته نائب پرڏيهي وزير ميخائل بوگدانوف جو چوڻ آهي ته حماس اڳواڻ جي موت سان خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ٻئي طرف ترڪي جي پرڏيهي وزارت به هڪ بيان ۾تهران جي ان ڪارروائي ۽ اسماعيل هنيه جي موت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان حملي جو مقصد غزه جي جنگ کي خطي ۾ پکيڙڻ آهي. چين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهڙن عملن سان خطي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. افغان طالبان حڪومت حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جي شهادت جي سخت مذمت ڪئي آهي. اسلامي امارت افغانستان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهيد اسماعيل هنيه هڪ مسلمان، عقلمند ۽ تمام وسيلا رکندڙ فلسطيني اڳواڻ هو. قطر، اردن، عرب امارتن ۽ ٻين به مذمت ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هوڏانهن ايران جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.