ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي فلسطين جي آزادي واري تنظيم “ حماس” جي سياسي ونگ جي اڳواڻ اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري هنڌ تهران ۾ اسرائيلي ڳجهي تنظيم “ موساد” جي ايجنٽن هٿان شهادت واري واقعي تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسماعيل هانيه پوري امت جو اڳواڻ هو جنهن جي شهادت سان سڄي امت جو نقصان ٿيو آهي، هو هڪ فرد نه پر تحريڪ هو جنهن جو رت ڪڏهن به ضايع نه ٿيندو، اسماعيل هانيه جي شهادت سان خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته اهو واقعو ايراني سيڪورٽي ۽ ڳجهي ايجنسين جي ناڪامي جو آهي، فلسطين جو هر ٻار اسماعيل هانيه جي ڏسيل واٽ تي هلندي غاصب ۽ قابض جارح يهودي رياست خلاف رت جي آخري ڦُڙي تائين ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.