حيدرآباد (م ڊ) اسرائيل پاران دهشتگرد حملي ۾ اسماعيل هنيا جو قتل هڪ کليل جارحيت آهي جيڪا خطي کي غير مستحڪم ڪرڻسان گڏوگڏ عالمي جنگ ۾ تبديل نه ٿي وڃي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ امداد قاضي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ايران يا ان جي حمايتي گروپن جي انتقامي ڪارروائين کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پراڪسيز ذريعي ڪٿي فرقيواريت وارا جهيڙا نه شروع ڪرائي ڇڏي. ان ڪري مختلف ملڪن ۾ گهرو ويڙهه جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، هن وقت دنيا ۾ سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي غير موجودگيءَ جي ڪري اسرائيل آمريڪي مدد سان سمورن عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهي آهي.