اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي سياسي اڳواڻن حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اسيمبليون هن شهادت تي ٺهراءُ پيش ڪنديون، اسماعيل هنيه ۽ سندس خاندان جون قربانيون ضايع نه ٿينديون. مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ايران اندر اسماعيل هنيه جو قتل امن جي ڪوششن لاءِ سنگين ڌڪ آهي، اسرائيل اهڙن عملن سان مزاحمتي تحريڪن کي نقصان نه ٿو پهچائي سگهي.پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته اسرائيل پيغام ڏنو آهي ته هو جنگ جو دائرو وڌائي رهيو آهي، هو امن ۽ جنگ بندي جي ڪوششن تي غور نٿو ڪري، نئين ايراني صدر کي امن لاءِ جيڪو موقعو ملڻو هو اسرائيل ان کي چڪناچور ڪري ڇڏيو آهي. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته واضح آهي ته جنگ رڳو غزا تائين محدود نه رهندي، نئين صف بندي ٿيندي، اسماعيل هنيه کي اسرائيل دهشتگرد سمجهي ڪري شهيد ڪيو آهي، هن آزادي جي تحريڪ ۾ پنهنجي خاندان کي قربان ڪري ڇڏيو آهي، هن جي خاندان مان 70 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.