حماس جي نئين سربراهه لاءِ يحيٰ سنوار ۽ خالد مشعل تي غور

غزه (م ڊ) حماس  ۾ اسماعيل هانيه جي نئين جانشين لاءِ ٽي نالا ڊوڙ ۾ آهن. جانشيني جا قدم شايد ايران نواز شخصيتن لاءِ حماس جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪن. قطار ۾ انهن مان سڀ کان اڳيان آهي يحيٰ سنوار، غزه پٽي گروپ جو موجوده سربراهه آهي. يحيٰ سنوار  کي 7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل تي حماس جي خطرناڪ حملي جو ماسٽر مائينڊ سمجهيو وڃي ٿو.ٻيو آهي خالد مشعل، جنهن کي گهٽ انتهاپسند سمجهيو وڃي ٿو. خالد مشعل قيادت جي چيلنج شروع ڪرڻ جي تيارين ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.هن اسماعيل هنيه کان اڳ ڪيترن ئي سالن تائين حماس جي اڳواڻي به ڪئي، پر خالد مشعل جا ايران سان لاڳاپا هميشه مشڪل رهيا آهن. جانشيني جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻيو ممڪن اميدوار ظهير جبرين آهي، جيڪو اسرائيلي جيلن ۾ فلسطيني قيدين جو ذميوار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.