غزه ( م ڊ) فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس اعلان ڪيو آهي ته 31 جولاءِ تي تهران ۾ مارجي ويل اڳواڻ اسماعيل هانيه جي جنازي نماز 2 آگسٽ تي قطر ۾ ادا ڪئي ويندي. تنظيم پاران ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هانيه جون آخري رسمون پهرين آگسٽ تي ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ ادا ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ مڙهه 2 آگسٽ تي تدفين لاءِ قطر جي راڄڌاني دوحا منتقل ڪيو ويندو. حماس جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيه کي قطر جي شهر لوسيل جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو.
واضح رهي ته اسماعيل هانيه ڪافي عرصي کان قطر ۾ رهي رهيو هو.