کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي)ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۽ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حدن مان ٻن ڏينهن دوران 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن، جن مان ميمڻ ڳوٺ جي سيڪيورٽي گارڊ سهيل جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان گذريل ڏينهن ميمڻ ڳوٺ مان بحريه ٽائون ڊيوٽي تي ويندڙ سيڪيورٽي گارڊ 35 ورهين جي سهيل ميمڻ کي لنڪ روڊ بخشل ڳوٺ وٽان هٿيار بند اغوا ڪري کڻي ويا آهن، ان ڏس ۾ مغوي جي ڀاءُ احسان علي ٻڌايو ته ڀاءُ گهران ڊيوٽي لاءِ نڪتو ته واپس نه موٽيو آهي ۽ سندس موبائل تان وڊيو موڪلي هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ ڀاءُ زنجير سان ٻڌل هو سندس لوڪيشن ڪشمور جي اچي پئي، جڏهن ته پوليس حد جو جواز ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان ڪن ٽار ڪري رهي آهي، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته ڪيس داخل ڪري سهيل کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي طرف اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد مان ايان ملاح کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جي تلاش جاري آهي.