عوام کان 1200 ارب رپين جي بجليءَ جا 3400 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (اعزاز سيد) پاڪستان ۾ 90 جي ڏهاڪي ۽ ان کانپوءِ آيل حڪومتن پاران  آءِ پي پيز سان ڪيل ٺاهه ملڪ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عوام مهانگي بجلي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي. بجلي پيدا ڪرڻ يا نه ڪرڻ باوجود آءِ پي پيز کي اربين رپين جون ادائگيون ڪيون پيون وڃن. هر حڪومت آءِ پي پيز کي فائدو ڏنو، ڇو ته اهي ڪمپنيون، پيپلزپارٽي، نواز ليگ اڳواڻن ۽ مشرف جي ويجهن ماڻهن جون هيون. آءِ پي پيز جي پئداوار تي ڪو به چيڪ ناهي، ڪمپنين جي چوڻ تي کين ڪئپسٽي پئمنٽ جاري آهي. پاڪستاني عوام 1200 ارب رپين جي بجليءَ جا 3400 ارب رپيا ادا ڪري رهيا آهن. هن سال آءِ پي پيز کي 2200 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن پر بدقسمتي سان انهن پئسن جو ڪو حساب ڪتاب ئي ناهي. هن وقت ملڪي پئداوار 44 هزار ميگا واٽ آھي، جڏهن ته کپت 18 کان 20 هزار آهي، اصل مسئلو بجلي جي ٽرانسميشن جو آهي، جيڪو 25 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پهچائڻ جي سگهه ئي نه ٿو رکي. انهن آءِ پي پيز مالڪن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سلمان شهباز، جهانگير ترين، ميان منشا، رزاق دائود، سهگل گروپ، دائود گروپ، فوجي فائونديشن سميت 44 ڪمپنين ۽ شخصيتن جون 101 آءِ پي پيز شامل آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 01 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.