اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم گيس (ايل پي جي) جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. اوگرا ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پهرين آگسٽ کان ايل پي جي في ڪلو جي قيمت ۾ 2 رپيا 27 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ايل پي جي في ڪلو جي قيمت 236 رپيا 99 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ملڪي ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 26 رپيا 90 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي 11.8 ڪلوگرام گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2 هزار 796 رپيا 56 پئسا ٿي وئي آهي. جولاءِ ۾ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 2769 رپيا 66 پئسا هئي.
-
جمهوريت، آئين ۽ سول ادارن جي بالادستي کي ڌچڪو لڳڻ وارو!
اسلام آباد(م ڊ) مشهور ۽ سينيئر صحافي سهيل وڙائچ دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. هڪ اردو اخبار ۾ لکيل پنهنجي ڪالم ۾ هن چيو ته رٿابندي ٿي رهي آهي ته سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو، اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو اڪثريتي فيصلو نه مڃيو ويندو ۽ ان کي غير موثر ڪيو ويندو، هن چيو ته مارشل لا نه لڳندي پر آئين جي دائري ۾ رهي ججن ۽ سياسي انصافين کي موثر نموني سان ڊيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سهيل وڙائچ جي دعويٰ آهي ته مفاهمت ناهي، هاڻي رڳو ويڙهه ٿي رهي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي، جمهوريت، آئين ۽ سول ادارن جي بالادستي کي ڌچڪو لڳڻ وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي ان سيشن کان اڳ قيدي نمبر 804 کي سرڪاري حراست مان فوجي حراست ۾ منتقل ڪرڻ جون تياريون جاري آهن.
-
ڪوئيٽا ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد
ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي شرپسندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پشين ڪلي مليزئي روڊ تي شرپسندن ليويز چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو، فائرنگ ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيد اهلڪارن جي سڃاڻپ ياسر الياس ۽ عبدالقدير جي نالن سان ٿي آهي.اختيارين موجب فائرنگ واري واقعي کانپوءِ ليويز ۽ پوليس سڄي شهر جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. اختيارين موجب واقعي ۾ مارجي ويل اهلڪارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اهلڪارن کي 3 گوليون لڳيون. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪوئيٽا ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ٿيل ٻن ليويز اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي گهرو وزير چيو ته ليويز اهلڪارن پنهنجو فرض ادا ڪندي شهادت جو بلند درجو حاصل ڪيو، هو شهيد ٿيل ليويز اهلڪارن جي قرباني کي سلام پيش ڪن ٿا.
-
نيپرا پاران اوور بلنگ معاملي تي بجلي ورهائيندڙ سمورن ڪمپنين کان وضاحت طلب
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) نيپرا اوور بلنگ جي معاملي تي سمورن ڪمپنين کان وضاحت طلب ڪري ورتي، اپريل کان جون 2024 ۾ ڪي اليڪٽرڪ سميت سموريون ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون اوور بلنگ ۾ ملوث قرار ڏنيون ويون آهن جنهن جو نيپرا پاران پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اوور بلنگ واري معاملي تي نيپرا سمورن ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کان وضاحت به طلب ڪري ورتي. نيپرا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سموريون ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون اپريل کان جون 2024ع ۾ اوور بلنگ ۾ ملوث ثابت ٿيون آهن، نيپرا جي اعليٰ آفيسرن تي ٻڌل انڪوائري ڪميٽي نيپرا اٿارٽي کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ اپريل کان جون 2024 دوران صارفين کان اوور بلنگ جي وصولي جي تصديق ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ سميت سموريون ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون اوور بلنگ ۾ ملوث آهن. نيپرا اٿارٽي سڀني کان اوور بلنگ بابت وضاحت طلب ڪرڻ لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن، جنهن موجب جيڪي صارف رجسٽرڊ يونٽن سان پنهنجا بل ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، انهن کان دير سان ادائيگي جو سرچارج به نه ورتو وڃي. نيپرا ناقص ميٽرز کي فوري طور تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سمورن ڊِسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڪنزيومر سروسز مينوئل جي شقن تي عمل ڪندي 30 ڏينهن اندر تعميل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.