حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ ڊاڪٽر سعيد ميمڻ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. پنجاب حڪومت ارسا کي خط لکي بليڪ ميل ڪري اضافي پاڻي کڻڻ چاهي ٿي. ارسا پنجاب جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي سنڌ کي حصي جي پاڻيءَ کان محروم ڪري رهيو آهي. ارسا هڪ وفاقي اڻ ڌري اداري بدران پنجاب جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. ارسا ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب سنڌ کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته 1945ع جي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه تي عمل ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي وزيرن مشيرن ۽ نام نهاد چونڊيل نمائندن جا ناجائز واٽر ۽ مائينر ختم ڪري پاڻي چوري ۾ ملوث ڪردارن کي سزا ڏني وڃي.