حب (رپورٽ: يار محمد بروهي) حب شهر کي ڪراچي سان ڳنڍيندڙ متبادل رستو ٻوڏ وهڪرن لوڙهي ڇڏيو آهي، حب ندي ۾ وچولي درجو حب شهر کي ڪراچي سان ڳنڍيندڙ متبادل رستو ٻوڏ وهڪرن لوڙهي ڇڏيو آهي، حب ندي ۾ وچولي درجو جو ٻوڏ وهڪرو گذري رهيو آهي، جنهن سبب حب ندي جو متبادل رستو مڪمل تباهه ٿي ويو، جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رضا علي کوسي پهچي ٻوڏ وهڪرن جو جائزو وٺڻ بعد واپس ٿي ويو آهي، صرف پوليس جا 2 اهلڪار مقرر ٿيل آهن، جيڪي شهرين کي پنهنجي مدد پاڻ تحت حب ندي کان پري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حب ندي ۾ ٻوڏ وهڪرا ڏسڻ لاءِ شهري ڏورانهن علائقن مان اچڻ شروع ٿي ويا آهن،