جيتوڻيڪ سنڌ جي زمينن تي والار ۽ قبضا ڪا نئين ڳالهه ته ناهي پر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪا ان ۾ تيزي ۽ شدت آئي آهي، اها يقينن ڳڻتي جوڳي ڳالهه ۽ ڌرتي ڌڻين لاءِ خطري جي گهنٽي آهي.ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ سنڌ واسين تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. نه رڳو سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو، جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويا، پر کين پنهنجي ئي ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ جا سانباهه پڻ ڪيا ويا. شهرن ۾ سوين بي گناهه سنڌين جو محض ان لاءِ قتل ڪيو ويو ته جيئن اهي پنهنجي شهرن ڏانهن اچڻ کان خوف کائي ڳوٺن تائين محدود رهن ته جيئن ڌارين جو قبضو سدائين لاءِ برقرار رهي.2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ دوران پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي رڳو سر بچائي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ايندڙ ڳوٺاڻن جي مٿان فائرنگ ڪئي وئي هئي، ته جيئن ان ڳنڀير صورتحال ۾ به سنڌ جا ماڻهو پنهنجو سر بچائڻ لاءِ پنهنجي شهرن ۾ به پناهه وٺي نه سگهن، اها ڪيڏي نه تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. جو سنڌ جا ماڻهو اهڙي مصيبت دوران يعني ٻوڏ ۾ جيڪڏهن کين ڪو نانگ به نظر اچي ويندو آهي ته ان کي به مصييبت زده سمجهي ان کي مارڻ کان پاسو ڪندا آهن.
اهڙن پُرامن ماڻهن، جيڪي پنهنجي ڪکاون گهرن ۾ بک ۽ ڏک تي به خوش خوش زندگي گذاريندا آهن، سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ سان مٿن ڇا گذرندي هوندي، ان ڳالهه جو سنڌ جي حڪمران کي ڪو به احساس ناهي، جيڪي پنهنجن جا پير ڪڍڻ ۽ ڌارين کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
گذريل اڱاري واري ڏينهن تي ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهي ۾ هڪ اي پي سي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سيد زين شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، نواز خان زئور، رياض چانڊيو، صفدر عباسي، نور ڪاتيار، اسلم خيرپوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اي پي سي ۾ شامل قومپرستن مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ اي کي سنڌ جي 6 هزار زمين ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي، مقامي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ سان گڏ سندن ڳوٺن کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته صدين کان آباد مقامي ماڻهن جي گهرن ۽ زمينن تي قبضا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، قومن جي اصلوڪن رهواسين بابت ٺهراءَ جي هيءَ رياست هر هر ڀڃڪڙي رهي آهي، جنهن سان وفاق ڪمزور ۽ قومن جي وچ ۾ ويڇا پيدا ٿي رهيا آهن، ملڪي سلامتي لاءِ اهو ضروري آهي، ته هر ان عمل کان ڪنارو ڪيو وڃي جنهن سان ملڪ ۾ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿين ۽ پوءِ پيچيندا ٿي وڃن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي جو وڏو حصو ڊي ايڇ اي جي حوالي ٿيل آهي، ۽ هاڻ وري سنڌ حڪومت وڌيڪ 6 هزار ايڪڙ زمين کين ليز تي ڏيڻ لاءِ وڃي رهي آهي، جيڪڏهن اهو سلسلو اهڙي طرح جاري رهيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جنهن ڏينهن سڄو ڪراچي ڊي ايڇ اي ۽ سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻجي ويندو،
ان لاءِ اسان سنڌ جي زمين نيلام ڪرڻ واري سنڌ سرڪار جي ان عمل خلاف ساڃاهه وندن جي موقف کي درست سمجهون ٿا ۽ ان جي ڀرپور حمايت پڻ ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته 6 هزار ايڪڙ زمين ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ( ڊي ايڇ اي ) کي ڏيڻ سان سوين گهر اجڙي ويندا ۽ هزارين ڳوٺاڻا دربدر ٿيندا. جيڪي صدين کان هاڪس بي واري علائقي ۾ آباد آهن، جڏهن ته اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته متاثر ڳوٺاڻن وٽ 1917ع جا ڪاغذ پٽ پڻ موجود آهن.
حڪمران پارٽي جنهن کي سنڌ جا ماڻهو لڳاتار چوٿون ڀيرو چونڊن ۾ ڪامياب ڪري اقتدار تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڊي ايڇ اي کي سنڌ جي زمين ليز تي ڏئي غريب ڳوٺاڻن کي بي گهر ۽ دربدر ڪرڻ جي بدران کين مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. ته جيئن حڪومتي دور پورو ٿيڻ کان پوءِ سندن سامهون اچڻ وقت اوهان کي ڪا هٻڪ ۽ لڄ جو احساس محسوس نه ٿئي.
ان لاءِ اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته سنڌ سرڪار ۽ حڪمران پارٽي سنڌ جي ساڃاهه وندن جي راين جي روشني ۾ آئنده جو لائحه عمل جوڙي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪن، سندن پُرامن آواز ۽ احتجاج کي اهميت ڏئي ڳوٺاڻن کي لڏائي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ( ڊي ايڇ اي ) کي زمين ڏيڻ وارو پنهنجو تڪراري فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري منجهن بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو اهو دائرو وسيع به ٿي سگهي ٿو. هونئن به ملڪ ۾ نيون احتجاجي تحريڪون جنم وٺي رهيون آهن، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل ٿي رهيا آهن، جن ڪڏهن به ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ حصو نه ورتو هو، پر هاڻ اهڙا هزارين عام زندگي گذاريندڙ ماڻهو سياسي تحريڪن جو حصو بڻجي رهيا آهن، جنهن سبب انهن تحريڪن ۽ احتجاجن کي منهن ڏيڻ صوبائي حڪومت ۽ وفاق جي وس کان ٻاهر نڪرندي نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ظلم انتها تي پهچندو آهي، تڏهن مظلوم اٿي کڙو ٿيندو آهي.
ظاهر ڳالهه آهي، جن ماڻهن جون جتي ڪيئي پيڙهيون گذريون هجن، اهي پنهنجي وڏڙن جون قبرون ۽ پنهنجا اجها آساني سان ڇڏي ڪيڏانهن ويندا؟ جڏهن ته حڪومت طرفان سندن لاءِ ڪا به متبادل رهائش جو بندوبست نه ڪيو ويو. ان لاءِ اچڻ وارو وقت حڪمرن پارٽي لاءِ ڳنڀير به ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته لڳاتار ناانصافين مان گذرڻ سبب سنڌ جي ماڻهن جي مزاج ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڏا احتجاج پڻ رڪارڊ ٿي رهيا آهن، جن جو سنڌي ماڻهن تي اثر پوڻ اڻٽر آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي جذباتي ۽ غير سياسي فيصلا ڪرڻ جي بدران سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.