ساگر حنيف بڙدي سنڌ پرست ۽ آدرشي انسان

تحرير: ساقي نديم شر

سنڌ جيڏي وڏي دل رکندڙ  قومي جدوجهد ڪارونجهر جبل جيتري رکندڙ مهان شخص  شهيد بشير خان کيس پنهنجي ساڄي ٻانهن ڪوٺيندو هو ته وري سنڌ جو تمام وڏو دماغ رکندڙ عبدالواحد آريسر سندس فن خطابت کان متاثر ٿي کيس ” ابوهريره “ سڏيندو هو.

بشير خان قريشي ۽ ساگر حنيف بڙدي جي جسماني وڇوڙي بعد قومي سياست ۾ چالاڪ ۽ عيار ماڻهن کي وڏا عهدا مليا سادن ۽ سچن ماڻهن کي ڌڪاريو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻي قومي سياست ميدانن کان موٽي وري ڊرائينگ روم ۽ بيڊ روم وسايا آهن. ساگر جي سموري زندگي ان کليل ڪتاب جيان هئي جنهن تي صرف سچ لکيل هو. ڇاڪاڻ ته ساگر سياست ۾ سوديبازي نه ڪئي. سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ عبدالواحد آريسر کان پوءِ ساگر حنيف بڙدي قومي تحريڪ جو اڪيلو اڳواڻ هيو جنهن جدوجهد ۾ گهڻو ڪجهه ڏنو پر ورتو ڪجهه به نه… توڙي سندس دوست جن سان گڏجي ھن ڪافي وقت گذاريو سي سندس اکين اڳيان ڏسندي ڏسندي لگزري ڪارن، فليٽن، بنگلن، زمينن ۽ پلاٽن جا مالڪ بڻجي ويا. هن کي پڻ لالچ  جي راهه تي آڻڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويا پر ساگر ڀٽائيءَ جي لفظن جي لڄ رکندڙ اُهو لاهوتي لال هيو جو سڀني امتحانن مان پار پيو.

ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي- موهيا ڪنهن نه مال،

سوڍيون سجهائي ويا- ههڙا جنين حال،

جتي ڇورين ڏنا ڇال- ته به لاهوتي لنگهي ويا.

ڪي ڪي ماڻهو مرندي به قومن لاءِ راهون هموار ڪري ويندا آهن، اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن مرندا، جيڪي آدرشن آڏو سيس نوائي زندگيءَ کي ڪو ڪارج ڏئي ويندا آهن، واقعي به ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ هڪ تاريخ رقم ڪندا آهن، موت به اهڙو هجي، ملڪن مان ٺڪاوَ نڪري وڃن، اهڙا ماڻهو جيڪي جوانيءَ جي ڏاڪي تي پير پائيندي ئي ڌڻيءَ کي پيارا ٿي ويندا آهن، سي درحقيقت ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۽ ايذائن کي پنهنجا ئي، سندن ڀرجهلو بڻجي پوندا آهن، اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي ديس جو درد سيني ۾ سمائي،  پنهنجي سهڻي سڀاءَ سان ڏاڍن آڏو سينا تاڻي همٿ ۽ حوصلي جي علامت بڻجي، بهادريءَ جي تاريخ جوڙيندا آهن، منجهن وطن جي محبت وارو جذبو سندن سهڻي سڀاءَ سان ملي نوجوان طبقي کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ديس ۾ رهندڙ پٺ تي پيل ماڻهن لاءِ جاڳرتا واري ماحول کي سازگار ڪرڻ ۾ راتو ڏينهان ڪوشان رهي، ڌرتيءَ جا دنگ سنڀاليندا آهن، اهڙن مانجهي مڙسن مان جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي به هيو، جنهن پنهنجي پوري زندگي ڪڏهن به اصولن جي سوديبازي نه ڪئي هئي، هو سن واري سائينءَ جي پوئواري ڪندو رهيو.

ڪن ماڻهن تي الائي ڇو چاهيندي به ڪجهه لکي ناهي سگهبو، ڇاڪاڻ ته ڪي ڪي شخصيتون لفظن جي محتاجيءَ کان الاهي مٿانهون هونديون آهن، ساگر حنيف بڙدي جي اڻ مندائتي وڇوڙي تي سنڌ جي قومي تحريڪ اڪيلي ٿي پئي آهي، ساگر سنڌ هو، سنڌ ساگر هئي، سنڌ ۽ ساگر هڪ وجود جا ٻه نالا ۽ حوالا آهن، جيڪي هميشه قائم رهڻا آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد قوم جي خوشحاليءَ لاءِ ارپڻ ڪندا آهن، اهي هميشه حيات رهڻا آهن، صدين پڄاڻان جڏهن سنڌ جي قومي تحريڪ جو ذڪر نڪرندو ته ساگر حنيف بڙديءَ جو ذڪر به ضرور نڪرندو، ڇو جو ان جي ذڪر بغير سنڌ جي قومي تحريڪ جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري آهي.

ساگر حنيف بڙدي، قومي تحريڪ جو نهايت باصلاحيت اڳواڻ هو، جنهن هڪ منظم انداز سان سامراج سان مهاڏو اٽڪايو، سندس هلايل هڙني حربن کي ناڪام ڪندڙ ساگر حنيف ڪير سڏائيندو..!!

هو شعوري توڙي فڪري طور سيد جو سچو پيروڪار رهيو، هُن هميشه پنهنجي رهبر جي ڏسيل واٽ تي هلندي ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ جا خواب پاليا هيا، هن ته منتشر ٿي ويل قوم کي گڏائڻ ٿي گهريو، کيس هميشه اهو الڪو رهندو هو ته سنڌ جي غلام ماڻهن کي آجپي جي راهه تي ڪيئن گامزن ڪجي، هو شهيد بشير خان قريشيءَ جو هڪ بهادر ساٿي هو، ساڻس ڪيل پنڌن تي نظر وجهبي ته اڻ مندائتي وڇڙي ويل شاھ عبداللطيف جو شارح ۽ سن واري سائين جي ايم سيد جي سچيت پيروڪار ساگر حنيف بڙدي ڪٿي به سستيءَ ۽ ڪاهليءَ مان ڪم نه ورتو، وٽس دودي جهڙي دل هئي، ۽ دودا ڪڏهن به دفن ناهن ٿيندا

قومپرست اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي پهرين  مئي 1969ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پڊعيدن، انٽرسائنس سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان، بي. اي ۽ ايم اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽي ،ڄامشوري مان ڪئي، شاگردي واري دور کان وٺي، ساگر وٽ ڳالهائڻ جو ڪمال جو ڏانءُ هو، سنڌ جي موجن ڀري مهراڻ جهڙو جوشيلو نوجوان ساگر حنيف بڙدي 1986ع ۾ حافظ محمد سومري کان متاثر ٿي، سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ باضابطا شامل ٿيو.

1990ع ۾ سندس غير معمولي ذهانت جي ڪري تنظيمي سرگرمين کي ڏسي، مرڪزي قيادت کيس سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊرايو. 1995ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، کيس سنڌ يونيورسٽي يونٽ جو آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو. بعد ۾ هن جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو.

تعليم پوري ڪري سنڌ جي هن جوشيلي نوجوان جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙجي ويو. ساگر حنيف بڙدي، سائين جي. ايم. سيد جي نظريي سان سلهاڙيل رهيو، هن جو شمار سنڌ جي بهترين مقررن، شاندار ڪمپيئرن ۽ ڪالم نگارن طور ٿيندو رهيو. 2002ع دوران مرڪزي اليڪشن ۾ جسقم جو مرڪزي پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو. هيءُ هڪ ڀيرو جسقم جو قائم مقام مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. 2005ع ۾ جسقم پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل ’مرڻ گهڙي تائين  واري بک هڙتالي ڪئمپ م اڳواڻ طور مسلسل 31 ڏينهن بکَ جي حالت ۾ رهي پنهنجي وطن جي وسيلن جي مالڪي ڪئي هيائين.

ساگر حنيف بڙدي جيئي سنڌ هلچل سان واڳيل هئڻ سبب جوانيءَ جا ڪيترا ڏهاڙا جيل ۾ گهاريا آهن. هو ان وقت به جسقم جو مرڪزي اڳواڻ هو، جڏهن دل ساڻس بي وفائي ٿي ڪئي. ادب، سماجيات، سياست جي موضوع تي سندس ڪالم سنڌ جي اڪثر اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا.جڏهن ڌرتين جي جهونجهارن جا جنازا کڄندا آهن ته ڌرتيءَ جي دانهن آسمان کي ڏڪايو وجهندي آهي، هر گهر ۾ سندس ڏُک ملهايو ويندو آهي قومي تحريڪ جيتوڻيڪ ڪيترائي هاڃا برداشت ڪيا آهن، پر ساگر حنيف بڙديءَ جي اڻ مندائتي وڇوڙي سبب لاتعداد انومانن جنم ورتو آهي، هو وڏي شهيد بشير خان جو پڳ مٽ يار هو، ساگر حنيف بڙدي دل بيهڻ سبب اسان کان اڄوڪي ڏينهن تي وڇڙي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.