ڪراچي ( رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي ۽ رحيم يار خان ۾ پوليس اهلڪارن تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ گهوٽڪي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ هٿياربندن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هن چيو ته ملڪ جي هر صوبي جي پوليس امن امان لاءِ بحال ڪرائڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.