اڄڪلهه پاڪستان جي روايتي ۽ غير راويتي يعني سوشل ميڊيا تي اھو بحث هلي رهيو آهي. ان بحث جي شروعات، تازو نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير رهندڙ گوهر اعجاز سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس ڪجهھ تفصيل شيئر ڪرڻ سان ٿي آھي گوھر اعجاز ھڪ ڪاروباري شخصيت آھي،وڏي عرصي تائين آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ايسوسي ايشن جو صدر رھيو آھي.گوهر اعجاز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪندڙ نجي ڪمپنين تي سخت تنقيد ڪئي. انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز يا آءِ پي پيز اھي پرائيويٽ ڪمپنيون آهن جيڪي پاور پلانٽس لڳائينديون آهن ۽ بجلي پئدا ڪري حڪومت کي وڪرو ڪنديون آهن، اڳوڻي نگران وفاقي وزير پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي ڪجهه دستاويز شيئر ڪندي چيو ته ”حڪومت آءِ پي پيز سان جيڪي معاھدا ڪري رکيا آھن،ان جي ڪري انهن خانگي ڪارخانن کان 750 رپيا في يونٽ بجلي خريد ڪري رھي آھي. ڪوئلي تي ھلندڙ بجلي ڪارخانن کان حڪومت اھو ئي في يونٽ 200 روپين ۾ خريد ڪري رهي آهي.
”پاڪستان ۾ آءِ پي پيز جي شروعات 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي.جڏهن وزيراعظم بينظير ڀٽو نجي ڪمپنين کي بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. اهڙي طرح پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو IPPs ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.بجلي جي ريگيوليٽر اداري نيپرا جي ويب سائيٽ تي پاڪستان ۾ هن وقت هلندڙ پاور پلانٽس جا تفصيل موجود آهن جيڪي 1994 کان ڪم ڪري رهيا آهن يا ان بعد جي حڪومتن جي دور ۾ لڳايا ويا آھن. اهڙين پرائيويٽ فيڪٽرين جو ُڪل انگ 200 کان وڌي ويو آهي، جيڪي بجلي پيدا ڪري حڪومت کي وڪرو ڪري رهيا آهن.
آءِ پي پيز جو ڏچو آخر ڇا آھي ؟ ملتان ۾ بجلي ورھايئندڙ ڪمپني ميپڪو جي بورڊ آف گورنرز ۾ ڊگھو عرصو رھندڙ ۽ توانائي جي شعبي تي گھري نظر رکندڙ خرم مشتاق اردو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ پاڪستان جي انرجي سيڪٽر کي نظر وجھڻ لازمي آهي. ”هن وقت ملڪ ۾ 41 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيلا موجود آهن، جڏهن ته موجوده ضرورت 30 کان 31 هزار ميگا واٽ بجلي جي آهي. پر بجلي جي ورڇ واري نظام ۾ رڳو 22 ھزارميگا واٽ بجلي کڻڻ جي گنجائش آهي.“
هن چيو ته ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن لوڊشيڊنگ بھ ٿي رهي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ ۾ بجلي ناهي. بجلي تھ ضرورت کان گھڻي وڌيڪ آهي. پر اسان جو سسٽم اپ گريڊ نه آهي. “هاڻي جيڪا بجلي پيدا ٿي رهي آهي ان مان گهڻي ڀاڱي آءِ پي پيز پيدا ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ڪانٽريڪٽ ۾ لکيل آهي ته هو ايتري وڏي سيڙپڪاري انڪري رهيا آهن ڇو ته حڪومت انهن کان بجلي خريد ڪندي. جيڪڏهن حڪومت انهن کان بجلي نه بھ وٺندي تڏھن پڻ حڪومت کي انهن جي پيداواري ڪيپسٽي( صلاحيت) جو 80 سيڪڙو ادا ڪرڻو پوندو“. خرم مشتاق جو چوڻ آھي ته ”جيڪڏهن هڪ آءِ پي پي 100 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت ان کان بجلي نه خريد ڪري رهي آهي ته پوءِ به حڪومت کي 80 ميگا واٽ بجلي جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.“ ان سوال تي ته ڇا منافعي واري ڪاروبار ھئڻ جي ڪري ايترا آءِ پي پيز ڪم ڪري رهيا آهن ؟ هن چيو ته ائين نه آهي.جن ڪمپنين جيڪا سيڙپ ڪئي آھي، انھن اھا رقم ڪمرشل بئنڪن کان ورتي آھي. جنهن ۾ انهن کي وياج ۽ اصل رقم پڻ بئنڪ کي واپس ڪرڻي ھوندي آهي. تنهن ڪري اهو يقيني طور تي هڪ محفوظ ڪاروباري ماڊل تھ آهي، انڪري ھن ۾ صرف وڏا سيڙپڪار ئي اچن ٿا. هاڻي تھ چين به تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي.“
نيپرا جي ويب سائيٽ تي ڏنل آءِ پي پيز ۾ ڪجهه اهڙا بھ آهن جيڪي صرف ٻه ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه اهڙا آهن جيڪي سوين ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.
ان مسئلي جو حل ڇا آهي؟
80 سيڪڙو ڪيپيسٽي بلنگ جي اعتبار سان سادي حساب موجب تھ حڪومت آءِ پي پيز کي 35 هزار ميگا واٽ کان جي ادائيگي ڪري ٿي، جڏهن ته 22 هزار ميگا واٽ بجلي خانگي ۽ صنعتي شعبن کي وڪرو ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح 13 ھزار ميگاواٽ جي اضافي ادائگي کي پورو ڪرڻ لاءِ في يونٽ جي قيمت هر روز وڌي رهي آهي. ان حوالي سان گوهر اعجاز ايڪس تي پنھنجي هڪ پوسٽ ۾ لکيو آھي ته ان جو ھڪڙو ئي حل آھي تھ حڪومت انھن آءِ پي پيز جو فرانزڪ آڊٽ ڪرائي. ۽ ڪيپسٽي چارجز جي صورت ۾ تباهي واري ادائيگي ۽ گردشي قرض کان نجات حاصل ڪري. توانائي جي شعبي ۾ سخت سڌارن جي ضرورت آهي. انهن معاهدن تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي.“
ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان به پنهنجي دور حڪومت ۾ آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪئي هئي پر ان جا ڪي به بھتر نتيجا سامهون نه آيا هئا.مختلف واپاري تنظيمون به هاڻي آءِ پي پيز خلاف بيان ڏئي رهيون آهن. بهرحال، حڪومت جا هٿ بين الاقوامي قانونن جي ڪري ٻڌل آهن.