شيون هاڻي اعلانن کان ڪجهه اڳتي ٿيڻ گهرجن، معني ”آغاز حقوق بلوچستان“ رڳو اعلانن ۾ رهجي ويو ۽ ان جو ڪجهه نه ٿيو، ڇو ته ان ۾ ته اهو به طئي هيو ته سون، ٽامي، چاندي، لوھ جون کاڻيون جيڪي به ٻاهرين ملڪن کي ٺيڪي تي ڏنيون وينديون انهن جي مالڪي يا ايگريمينٽ ڪرڻ وارا يا هلائڻ وارا رڳو هي مقامي بلوچ هوندا جيڪي ان علائقي جا رهواسي آهن، جيڪي آئين جي آرٽيڪل 172 (3) ۽ 58 تحت انهن شين جي لاءِ صوبي جي چونديل نمائندن جي ڪاميٽي ٺاهيندا جيڪا فيصلا ڪندي ۽ اهي پارليمان بلوچن جي نمائندي به ڪندا ان ڪري ته گيس ۽ پيٽرول جون رايلٽيون به بلوچن کي ملنديون ۽ انهن تي خرچ ٿينديون جيڪي اڃان تائين بلوچن يا اتان جي عوام کي نه ٿيون ملن ۽ نه ئي اهي صوبي مان نڪرندڙ ڪنهن به معدني وسيلي تي ڪنهن به طرح حق رکن به ٿا ڇو ته گوادر پورٽ جي نوڪرين ۾ بلوچن جي حصيداري، مالڪي، مينيجمينٽ ۽ فائدو بلوچن کي ملڻ گهرجي پر ان جو فائدو به وفاق کڻي ٿو وڃي جيڪو نه ٿيڻ گهرجي، ان ڪري ته وفاق جي ڏنل ان پيڪيج يا اعلان ۾ اهو به طئي ڪيو هيو، پر بدقسمتي سان اعلان رڳو اعلان رهجي ٿا وڃن.
چيني سامان جي سيڪيورٽي ۽ سي پيڪ جي پريشاني هاڻي وفاق کي ورائي وئي آهي، ان ڪري جو چين جيڪي سي پيڪ جا پروجيڪٽس گوادر ۾ هلائي ٿو انهن کي اتي فول پورف سيڪيورٽي کپي، ڇو ته چينين جون حياتيون اتي محفوظ ۽ سلامت هجن، ان ڪري موقعي پرستن اهو ڏٺو ته جتي اهي ماڻهو (چيني) ڪنهن طرح بنا سيڪورٽي جي ڪم ڪن ٿا يا ڪنهن تعليمي اداري ۾ پڙهائن ٿا ته انهن کي نشانو بڻايو ٿو وڃي، جيئن ڪراچي يونيورسٽي آسان ٽارگيٽ هين ته اهي ان حدف تي حملو ڪري ڏين ۽ ڪري ويا، هاڻي کڻي سڀني چيني باشندن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيندا (جيئن اسٽيل مل ۾ ڪن ڪندڙ چيني انجنيئر) ان کان اڳ چيني انجنيئرن گوادر پورٽ تي قربانيون ڏنيون هيون، يا داسو واري پاور پروجيڪٽ تي هي چينين جان جوکم ۾ وجهي پئي ڪم ڪيو پوءِ موقعو وٺي يا ان تاڙ ۾ هيا ته اهي چيني مخالف ايجنسيون ڪنهن طرح انهن داسو پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ انجنيئرن ۽ سڄي عملي کي نشانو بڻائي، ۽ شاطر ايجنسين ان معاملي جي سڄي زميداري طالبان تي وڌي ۽ ڪراچي واري زميداري به هڪ اهڙي بي نام عورت تي وجهي ويا، ڳالهه سمجھه کان وري به چڙهي وئي، ان ڪري جيترا چيني گوادر پورٽ يا بلوچستان جي پروجيڪٽس تي ڪم ڪن ٿا ان جيترا ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ڪم ڪن ٿا، پر سي پيڪ جي سڀني منصوبن ڪي لاءِ چين پاڪستاني سرڪار کان فول پروف سيڪيورٽي به گهري ورتي ڇو ته سنڌ جي ڪوسٽل ايرياز تي چين ترقياتي ڪم ڪندو، اتي چين سيڙپ ڪندو ۽ اتي ”پلان بي“ تحت ڪم هلائيندو، پوءِ گرين بس پروجيڪٽ هجي، سرڪيولرٽرين پرروجيڪٽ هجي يا ڪوسٽل ايريا وارا علائقا جيڪي سڀاڻي چيني ڪالونيون ٺهنديون، بهرحال، پر ڳالهه اها به آهي ته گوادر پورٽ جي ٺيڪن ۽ نوڪرين کان وٺي انتطاميا ۾ بلوچ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن يا انهن به ان ڪري وفاق اتي بلوچن جي مالڪي تسليم نه ٿو ڪري.
رياست جڏهن به ڏمرجي ٿي تڏهن بلوچن کان جيئڻ جو حق به کسي ٿو وٺي، ڇو ته تاريخ ۾ بلوچن جي مٿان آرمي آپريشن متعدد دفعا ڪيا ويا آهن، پر حيرت اها به آهي ته ملڪ ۾ سياسي انارڪي ڪاهي پئي آ، ملڪ ۾ لسانيت ڪاهي پئي آ، ملڪ ۾ مذهبي جنونيت پر ڪڍيا آهن، ملڪ ۾ باغي پڻو وڌي ويو آ، ملڪ اندر قانون شڪنيون وڌڻ لڳيون آهن، ان ڪري ملڪ ان ڳالهه جو متحل ناهي ته ڪمزورن کي مٿان بندوقون سڌيون ڪري انهن جا نسل خاموش ڪرايا وڃن، يا هيل تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بلوچستان جو حصو رڳو 4 سيڪڙو رهندو آيو آ، جيڪو وڌائي 10 سيڪڙو ڪيو وڃي، جنهن ۾ غريب ماڻهن جي ڪفالت نه ٿي ٿي سگهي يا ڪجهه رهجي ٿا وڃن ان ڪري ٽرانسپيرينسي ڪئي وڃي، يا ايراني بارڊر سان گڏ جيڪا بزنس يا واپار يا امپورٽس ٿين ٿين ان جو فائدو لوڪل کي ملڻ گهرجي ان ڪري ته اتان جيڪي به شيون وڃن ٿيون اهي سڌو سنئون ”ايل اِي اي“ جيڪي اتان جون بارڊر فورسز يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن انهن جي مدد سان ملڪ جي ٻين حصن ۾ پڄن ٿيون پر بلوچن جي اتي ڄڻ رڳو چوڪيداري ڪندا هجن، ان ڪري انهن کي به ۾ حصيداري ملڻ گهرجي جيڪي اتان جا نشنل آهن، جيڪي اتان جا لوڪلز آهن انهن جو حق آ ته اهي به ان طريقي ڪجهه ڪمائن ۽ پنهنجي زندگي ان صورت بهتر ڪري سگهن.
هڪ ٻيو ٻرندڙ اشو اهو به آهي ته بلوچن جي گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪن ،انهن جي خاندانن کي بدلي ۾ معاشي مدد ڪن، ان ڪري ته گهر جا ڪمائو پٽ جڏهن غائب ۽ گم ڪيا ويندا يا گم ٿيل ماڻهو سال جا سال ڪنهن اذيت ۾ رکي وري چچريل لاش مالڪن جي حوالي ڪندا ته پوءِ انهن غريب ماڻهن جي مٿان ڇا گذريندي هوندي، ان ڪري جو بلوچ باشده وفاق کان پنهنجو حق ٿا گهرن، اهي ماڻهو جيئدان ٿا گهرن، اهي آسودي صوبي جا غريب ماڻهو روزگار جي لاءِ تڙپن ٿا، اهي ماڻهو بنيادي سهولتن جي لاءِ پريشان آهن اهي ماڻهو چاهن ٿا ته انهن جا نسل به هن ملڪ جي خدمت ڪن، اهي غريب الحال ماڻهو ڪنهن طرح نوڪرين ۾ اچن، اهي چاهن ٿا انهن کي انهن جا حق ڏنا وڃن، نه ڪي انهن کان انهن جو حق کسيو وڃي، انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي گهرڻ تي ازيتون ٿيون ملن، انهن کي صحت جون سهولتون گهرڻ تي جيل ٿا ملن، انهن کي تعليم گهرڻ تي دربدر ڪيو ٿو وڃي، ان ڪري شهبازسرڪار جون سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر هيل اهي اعلان ساڀيان ڪري ڏيکارين، جنهن ۾ سرڪار بس پروجيڪٽ کان وٺي روزگار جا مسئلا ۽ انهن خاندان جي ڪفالت جو ذمو به کڻي جيڪي سالن کان پنهنجا ڪمائو پٽ غائب ٿيڻ جي صورت ۾ اڌ چريا ٿي زندگي ٿا گذارن، جو ڪنهن کان حقن گهرڻ جي بدلي انهن ٻارن کان انهن جو پيءُ کسيو ٿو وڃي، ڪنهن ماءُ کان ان جو پٽ کسيو ٿو وڃي، ڪنهن زال کان ان جو مڙس کسيو ٿو وڃي ڪنهن پيءُ کان ان جو کاٽو پٽ کسيو ٿو وڃي، هاڻي اهي جي حقن جي بدلي مار موچڙا، جيل ڦاهيون ڪوڙا ۽ ازيتون سهندا ته پوءِ اهي ان ڳالهه ۾ جائز آهن ته اهي بي ايل او ٺاهن يا ڪا ٻي لبريشن آرمي جيڪا انهن جو آواز بڻجي ۽ انهن کي انهن جا حق ڏياري