موسمياتي تبديليءَ جو مقابلو ڪرڻ ۽ ھڪ پائيدار مستقبل کي هٿي ڏيڻ جي عالمي ڪوشش ۾ سرمايا ڪاري کي ماحول دوست اقدام ڏانھن رخ موڙڻ سڀ کان اھم آھي. تنھن ھوندي به انھيءَ ڳالهھ کي يقيني بڻائڻ ته اھا سيڙپ ڪاري حقيقي طور تي مالياتي گھرجن جيڪا شراڪت ۾ اھم چيلينج پيش ڪري ٿي، اتي ئي گرين ٽيڪسانومي لاڳو ٿئي ٿي. گرين ٽيڪسانومي ھڪ درجا بندي جو نظام آھي جيڪو ان ڳالهھ جو تعين ڪرڻ لاءِ معيار مُهيا ڪري ٿو ته ڇا معاشي سرگرميون ماحولياتي طور تي پائيدار آھن.
گرين ٽيڪسانومي ڪيترائي ئي فائدا پيش ڪري ٿي، سڀ کان پھرين اھا حقيقي پائيدار سرمايا ڪاري کي ھٿ ٺوڪي ۽ گمراھ ڪندڙ دعوائن کان آجو ڪري گرين واشنگ جو مقابلو ڪري ٿي ٻي ڳالهھ ته اھي واضح معيار مُهيا ڪري سرمايا ڪارن جي رھنمائي ڪندا آھن، انھن کي ان قابل بڻائن ٿا ته ھو پنھنجا فنڊز ڪٿي ڪٿي رکن ۽ ان متعلق باخبر فيصلو ڪري سگھن. آخر ۾، غير يقيني صورتحال ۽ خطري کي گھٽائي ھو پائيدار سرمايا ڪاري جي موقعن کان فائدو حاصل ڪن ٿا، اھڙن منصوبن ۽ ٽيڪنالوجيز جي لاءِ وڌيڪ فنڊنگ جي حوصلا افزائي ڪن ٿا جيڪي سرسبز مستقبل ۾ حصو ونڊائن ٿا.
فتح مندي جي ھن منظرنامي سان سيڙپڪارن ۽ ماحول ٻنھي کي فائدو ھوندو آھي. سرمايا ڪار قابل اعتماد ۽ پائيدار سرمايا ڪاري جي امڪانن جي ھڪ وسيع رستي تائين رسائي حاصل ڪندا آھن. انھيءَ ڳالهھ کي يقيني بڻائيندي ته انھن جا فنڊز ماحولياتي گھرجن تي جوڳو اثر وجھندا ان وچ ۾ ڪاروبار پنھنجي پائيدار اقدامن جي لاءِ سرمايا ڪاري طرف گھرائي سگھن ٿا. مالي مدد حاصل ڪندي پنھنجي ماحولياتي ڪارڪردگي وڌائي سگھن ٿا. آخرڪار وسيلا ان پاسي جي سرگرمين ڏانھن رھنمائي ڪن ٿا جيڪي ھڪ مستحڪم مستقبل کي وڌائڻ لاءِ وچ ۾ ھوندا آھن ۽ انھيءَ ريت ماحول حقيقت ۾ بھترين ۽ منافعي بخش ٿئي ٿو.
گرين درجا بندي ترقي ڏياريندڙ آھي، جنھن ۾ مختلف ملڪ ۽ خطا پنھنجا پنھنجا فريم ورڪ تيار ڪري رھيا آھن. يورپي يونين پائيدار سرگرمين جي لاءِ جامع درجا بندي سان گڏ سڀني کان اڳتي آھي. يورپي يونين جي درجا بندي متعلق ريگيوليشن يورپي يونين جي اندر گرين يا پائيدار معاشي سرگرمين جي درجا بنديءَ لاءِ فريم ورڪ مُهيا ڪندي آھي. اھا ڇھن ماحولياتي مقصدن تي قائم آھي. ھڪڙي ڪمپنيءَ لاءِ يورپي يونين جي درجه بندي جي مطابق پائيداري جي طور تي درجا بندي لاءِ ان کي ٻين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بغير گھٽ ۾ گھٽ انھن مقصدن ۾ ڪنھن ھڪ ۾ حصو رکڻو پوندو. مثال طور ڪا به اھڙي سرگرمي جنھن جو مقصد آب و ھوا جي تبديلي کي گھٽ ڪرڻ آھي تنھن سان حياتيات تي به منفي اثر ٿئي ٿو ان کي پائيدار نٿو سمجھي سگھجي.
يورپي يونين جي درجا بندي وسيلي يورپي ڪميشن 1990 جي سطح جي مقابلي ۾ 2030 تائين گرين ھائوس جي اخراج کي گھٽ ۾ گھٽ 55 سيڪڙو گھٽتائي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ 2050 تائين گرين ھائوس جو خالص اخراج نه ٿيندو. ان کان علاوہ، اي ايس جي (ماحولياتي، سماجي ۽ حڪمراني) جي معيار ۽ گرين درجا بندي ۾ ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏين ٿا، جڏھن ته اي ايس جي ڪنھن ڪمپنيءَ جي پائيداري جو وسيع پيماني تي جائزو وٺندو آھي، گرين درجا بندي بنيادي طور تي ماحولياتي اثرن تي ڌيان رکي ٿي، انھيءَ ڳالهھ جو تعين ڪري ٿي ڪھڙيون سرگرميون سياري جي موسم لاءِ حقيقي طور تي فائديمند آھن. پاڪستان جو رخ ڪندي، ملڪ کي فوري طور تي ماحولياتي تبديلي ۾ ٿيندڙ خطرن کي ڏسندي وڌيڪ پائيدار معيشت ڏانھن منتقل ڪرڻ جي ضرورت آھي.
ماحولياتي نقصان کي گھٽ ڪرڻ لاءِ گرين سرمايه ڪاري نھايت اھم آھي، جنھن سان گرين درجا بندي کي انمول بڻايو ويندو آھي. واضح قومي گرين درجا بندي قائم ڪري پاڪستان پائيداري منصوبن ۾ دلچسپي رکندڙ بين الاقوامي سرمايه ڪارن کي راغب ڪري سگھي ٿو، قابل تجديد توانائي، صاف ٽيڪنالوجيز ۽ موسمياتي لچڪدار انفرااسٽرڪچر جي لاءِ وائٽل فنڊنگ جا رستا کولي سگھي ٿو.
پاڪستان گرين درجا بندي تيار ڪرڻ جي ابتدائي مرحلن ۾ آھي، جيڪو پائيداري ڏانھن مثبت وک وڌائڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. گرين ٽيڪسانومي پاڪستان کي پائيدار ترقي ۾ ھڪ علاقائي رھنما جي طور تي پوزيشن ڏئي سگھي ٿو، گرين سرمايا ڪاري کي پاڻ ڏانھن متوجه ڪري سگھي ٿو ۽ مقامي ڪاروباري ادارن کي بااختيار بڻائي سگھي ٿو.
پاڪستان جي موجودہ گرين بينڪنگ پاليسين کي گرين درجا بندي جي فريم ورڪ سان پاڻ کي جوڙي مضبوط بنائڻ موافقت ۽ گھٽتائين جي ڪوششن لاءِ موسمياتي ماليات کي راغب ڪري ان جو فائدو وٺڻ به نھايت اھم اپاءَ آھن.
مالياتي ۽ اقتصادي سرگرمين کي پائيداري جي گھرجن سان پورو ڪرڻ لاءِ گرين معيشت ڏانھن منتقلي ۾ سھولت مُهيا ڪرڻ ۽ پيرس معاھدي جھڙن بين الاقوامي ماحولياتي گھرجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گرين ٽيڪسانوميز نھايت اھم آھن