اسان جو سماج ايترو ته بي حس بڻجي ويو آهي جو انسانن کي هڪ ٻئي تي ترس نه ٿو اچي. غير ته ٺهيو پر سماج اندر پنهنجن ويجهن رشتن به ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. نوشهروفيروز جي صوبيه بتول جي واقعي بعد انسانيت پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي.
نوشهروفيروز شهر ۾ پنهنجن ويجهن رشتن والد ۽ ڀائرن عورت صوبيه تي تشدد ڪري سندس ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون آهن اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ انسان دوست تنظيمن توڙي سماجي ڌرين ڏک جو اظهار ڪيو آهي
گل ٽائون نوشهروفيروز ۾ جوابدار غلام مصطفيٰ (ڇوڪري جو پيءُ) پنهنجو ڀاءُ ۽ ٻين جوابدارن سان گڏجي پنهنجي ڌيءُ صوبيه تي حملو ڪري زخمي ڪيو ۽ سندس ڄنگهن کي زخمي ڪيو.
اهو واقعو ان لاءِ پيش آيو آهي جو متاثر ڇوڪري پنهنجي مڙس کان طلاق گهري هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ صوبيه نوشهروفيروز شهر ٿاڻي تي درخواست ڏني هئي ته سندس پيءُ ۽ ٻين مائٽن طرفان کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن. ۽ هوءَ پنهنجي مڙس کان طلاق ۽ قانوني تحفظ وٺڻ چاهي ٿي.
ان کانپوءِ پوليس ڇوڪريءَ کي لاڳاپيل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. عدالت جي هدايتن تي ڇوڪري کي دارالامان منتقل ڪيو ويو. جنهن کان ڪجهه ڏينهن بعد هن پنهنجي ماءُ جي گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ايس ايس پي نوشهروفيروز ڪيپٽن (ر) صدام حسين جي هدايتن تي، معاملي جو ڪيس متاثر ڇوڪري جي پيءُ ۽ ٻين جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار قربان شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. تمام جلد ٻين جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.
نوشهروفيروز رهواسڻ جون شديد تشدد ڪري ڄنگهون ڀڃي زخمي ٿي پيون آهي.پر سندس نام نهاد والد متاثر عورت ۽ ان جي ماءُ کي ڇڏي ڏنو هو جنهن شخص جو ڪردار ئي نه هو اهو پنهنجن ڀائرن سان ملي ڪري نياڻي تي شديد تشدد ڪيو آهي. اهڙي قسم جو خبرون ميڊيا تي پڻ گردش ڪري رهيون آهن جيتوڻيڪ ايف آءِ آر درج ٿي چڪي آهي. پر سوال ته جنهن شخص ٻارن ۽ انهن جي ماءُ کي ڇڏي ڏنو هجي اهو ڪهڙي حيثيت سان متاثر عورت کان گهُر ڪري پيو ته اُها ڪيس واپس وٺي. اسان جي سماج ۾ مرد جڏهن چاهي عورت ۽ ٻارن کي ڇڏي ڏي ۽ جڏهن چاهي انهن جي مٿان مالڪي ظاهر ڪري. پيءُ جي دعوا اهي ڪري سگهن ٿا جيڪي والد هجڻ جو فرض ادا ڪري باقي اولاد پيدا ڪري، ڇڏي ڏيڻ وارا ۽ پوءِ اولاد تي مالڪي ظاهر ڪرڻ وارا والد نه ٿا ٿي سگهن ۽ جيڪو ڪجهه هن نياڻي سان ٿيو اهو ڪو وحشي ئي ڪري سگهي ٿو. هن وحشي کي ڪڏهن سزا ملندي؟!
ان ڪري هاڻي هر هڪ کي انفرادي طورتي سوچڻ گهرجي ته انهن وٽ اصول ڪهڙا آهن؟ اڄ صرف هن وحشي شخص ئي نياڻي تي تشدد ناهي ڪيو ان جي ذميواري پوري سماج تي آهي جيڪي اهڙن ڪردارن کي سماج جڳهھ ڏين ٿا.
صوبيه بتول جڏهن اسپتال ۾ لڙڪ هاريندي پنهنجو بيان ڏي ٿي ته هر دل جي اندر انسانيت لڙڪ هاري ٿي ويهي. هي اسين ڪهڙو سماج اڏي رهيا آهيون جتي والد ڀائرن کان به نياڻيون محفوظ نه هجن ٺيڪ آهي صوبيه جو به قصور هوندو پر اهڙي انسانيت سوز حرڪت ڪرڻ يا قانون کي پنهنجو سمجهي فيصلا ڪرڻ جو حق ڪنهن کي نٿو ڏي ته اوهان ڪنهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري ان کي معذور ڪري قانون هر ڪنهن انسان کي زندگي گذارڻ جو حق ڏي ٿو انڪري نوشهروفيروز جي پوليس کي هڪ نياڻي مٿان انسايت سوز واقعي جي قانوني ڪارروائي ڪري ملوث هٿن کي گرفتار ڪري هڪ متاثر نيائي کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جيئن ايندڙ وقت ۾ سماج اندر اهڙا دل سوز واقعا جنم نه وٺن.