پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ)سکر سينٽرل جيل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل پنوعاقل واسي ھندو نوجوان چيتن ڪمار جي وارثن پاران نوجوان جي پراسرار موت تي خدشا ظاھر ڪرڻ کانپوءِ روھڙي، صالح پٽ، ڪنڌرا، سنگرار جي ھندو پنچائتن طرفان ڪٺ ٿي گذريو، پوج پئنچائت پنوعاقل جي سرپئنچي ۾ ٿيل ڪٺ ۾ پنوعاقل جي مکي پرڀداس، سنتوش ڪمار، دريانو مل ۽ روھڙي جي مکي وڪي ڪمار، ڪنڌرا جي مکي لڌا رام، صالح پٽ جي مکي اشوڪ ڪمار ۽ سنگرار جي مکي وسو مل سميت ٻين ھندو پنچائت جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪٺ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پھرين مرحلي ۾ سکر پوليس آڏو مطالبو رکيو ويندو ته چيتن ڪمار کي ٻن شراب جي بوتلن ۾ گرفتار ڪندڙ اھلڪارن ۽ ايس ايڇ او خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي جاچ ڪاميٽيءَ جوڙي وڃي ڪٺ ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن سکر پوليس مطالبي تي عمل نه ڪيو ته ٻي مرحلي ۾ سکر ضلعي جي شھرن اندر شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڪاروباري بند ڪيو ويندو ، ھندو پنچائت جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پوليس پاران ٻن شراب جي بوتلن جي ڪري نوجوان کي پڪڙي تشدد ڪرڻ بعد مرڻينگ حالت ۾ جيل موڪليو ويو جتي ان جو موت واقع ٿيو آھي جيستائين انصاف نه ملندو تيستائين خاموش نه رهنداسين انھن پاران چيف جسٽس ، آئي جي سنڌ۽ وزير اعلي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي .