اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس تي پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تڪڙي فيصلي جو اصول پاڻ تي لاڳو نه ڪيو ته اهو افسوس جوڳو عمل هوندو. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع بابت ڪيس جي فيصلي ۾ پنهنجو اضافي نوٽ ۾ لکيو ته قانون ۽ روايت جي گهرج آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي عدالت فيصلو ڪري. چيف جسٽس لکيو ته ڊسمبر 2023 تي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو لکڻ لاءِ معاملو جسٽس اطهر من الله کي موڪليو ويو پر کيس فيصلو لکڻ ۾ 223 ڏينهن لڳي ويا، جسٽس اطهر من الله معاملو 18جولاءِ تي موڪليو، مون 19 جولاءِ تي نوٽ لکي ڇڏيو. جيف جسٽس لکيو ته منهنجي ساٿي ججن کي تڪڙن فيصلن جو ياد نه ڏيارڻ ذميوارين ۾ غفلت جي برابر آهي. هن لکيو ته سپريم ڪورٽ جا عدالتن کي مقرر وقت ۾ فيصلو ڏيڻ جا حڪم جاري ٿيل آهن پر اهو افسوس جهڙو عمل ٿيندو ته سپريم ڪورٽ جلد فيصلو ڏيڻ وارو اصول پاڻ تي لاڳو ڪري. خيف جسٽس لکيو ته اڪثر حوالو ڏنو ويندو آهي ته انصاف ۾ دير ناانصافي آهي، آئين تڪڙي انصاف جو گهرجائو آهي، ججز پنهنجو پاڻ آڏو جوابده آهن، ججن کي احتياط ۽ دل سان ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش وٺڻ گهرجي. چيف جسٽس پنهنجي اضافي نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته آرٽيڪل 201 تحت ڪنهن هڪ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ٻي هاءِ ڪورٽ تي لاڳو ناهي. جسٽس اطهر من الله جي فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته هڪ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ٻي هاءِ ڪورٽ تي به لاڳو آهي. چيف جسٽس لکيو ته پاڪستان وفاق آهي، جنهن ۾ هر صوبي جي هاءِ ڪورٽ مڪمل طور تي آزاد آهي.