عورتن جو غيرت جي نالي تي قتل ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو پيو وڃي انساني حقن جي ڪميشن موجب 2021 ۾ 470 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿيون آهن جڏهن ته عورتن جي حقن جي ڪميشن موجب 1000 کان مٿي عورتن تي تشدد رپورٽ ٿيو آهي. اهڙي انڪشاف مان اها ڳالهه سامون اچي ٿي ته جديد دور ۾ به عورتن تي جانورن جيان تشدد ڪيو ٿو وڃي ۽ کين انسان نٿو سمجهيو وڃي.
واضح رهي ته رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جو انگ اهو آهي پر جيڪي رپورٽ نٿا ٿين انهن جي ڳڻپ ڪجي ته الائي ڪيترا هزار ڪيس سامهون ايندا. تازو ملتان ۾ 20 ورهين جي نياڻي تي سندس مڙس ظالماڻو تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 2021 ۾ حيدرآباد ۾ قرت العين کي سندس مڙس شديد تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو. جڏهن ته نور مقدم وارو هاءِ پروفائل ڪيس سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ پکيڙي ڇڏي. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته والدين عورت کي مرده حالت ۾ قبول ڪن ٿا پر جيري عورت جي گهر واپسي تي پابندي هوندي آهي. اڄ تائين والدين نياڻين کي چون ٿا ساهرن ۾ ڪجهه به ٿئي ان کي برداشت ڪرڻو آهي ۽ گهر واپسي رڳو مڙهه اچي. اهڙي طرح عورت دشمن سوچ وڌي ٿي ۽ ڪيترين ئي عورتن کي ته شاديءَ کان ئي خوف پيدا ٿي چڪو آهي. ظاهر آهي ته مردن جي اهڙي تشدد جا واقعا ڏسي ڇوڪريون ڪيئن اعتماد ڪن؟ ٻئي پاسي عورتن تي وڌندڙ تشدد ڳڻتي جوڳو به آهي. اسان وٽ ڪنهن به جڳهه تي عورتن جو انگ مردن جي برابر ناهي. هڪ خانگي بينڪ ۾ ”عورتن جي مدد لاءِ ڊيسڪ“ تي به ”مرد“ ويٺل نظر اچن ٿا، سنڌ اندر پڻ 5 سيڪڙو کان گهٽ عورتون سياست ۾ آهن جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اڃا تائين عورتن کي برابري جا حق ناهن مليا.
سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ تحريڪون هلنديون پيون اچن ۽ مختلف ننڍيون وڏيون تنظيمون پنهنجي وس آهر ڪم ڪري رهيون آهن. عورت فائونڊيشن، ناري جمهوري محاذ، سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف ويمن، عورت مارچ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ الائيِ ڪيتريون ٻيون تنظيمون آهن. ان جي باوجود به ڪو کڙتيل ناهي نڪتو جنهن جا سبب ڳولڻ گهرجن. انهن تنظيمن وڏا وڏا مارچ ڪرائي ثابت ڪيو آهي ته عورتن تي ٿيندڙ غير انساني تشدد وڌيو آهي جنهن لاءِ عورتون پاڻ ۾ گڏ ٿيون آهن. پدرشاهي سبب عورتن کي ذاتي ملڪيت سمجهيو ويندو آهي نڪي ساهه کڻندڙ انسان. ذاتي ملڪيت وارو تصور سرمائيداراڻي نظام جي اوسر سان وجود ۾ آيو، جڏهن قدرتي ذريعن تي انسانن قبضو ڪرڻ شروع ڪيو خاص ڪري1760ع کان شروع ٿيندڙ انڊسٽريالائيزشن ۾ جڏهن پورهيت کي جسماني طاقت روزگار مليو ۽ عورت جو ڪم رڳو گهر تائين محدود ڪيو ويو ته عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪرڻ شروع ٿيو. ان کان اڳ گروهي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ عورت کي ساڳيو انسان تصور ڪيو ويندو هو. واضح رهي ته ان وقت اولاد جي پيءُ جي ڄاڻ هجڻ جي اهميت نه رکندي هئي پر جڏهن طاقت جو توازن مٽيو ته هڪ عورت رکڻ جنهن کي ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين سمجهڻ واري سوچ جنم ورتو.
هڪ وقت هيو جڏهن جنگون ٿينديون هيون جن ۾ فاتح کي غازي سمجهيو ويندو هو ۽ اهڙا هيروز اسان کي پڙهائي ذهن ۾ ويهاريو ويو ته مرد بهادر آهي، ويڙهاڪ ئي طاقتور آهي، جنگ ۾ مرد حصو وٺندا آهن ان لاءِ اُهي ئي عظيم آهن. تڏهن اهڙن جملن به جنم ورتو ”مردن جيان بهادر عورت“ جڏهن ته مٽجندڙ دور ۾ جنگ جو تصور ختم ٿي چڪو آهي هاڻي ذهني صلاحيت کي وڌيڪ اهميت آهي جنهن سبب عورتن کي ”مردانگي“ ثابت ڪرڻ جو ڪو موقعو نٿو ملي جنهن بعد هو عورتن تي تشدد ڪري پنهنجي مردانگي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
عورتن مزاحمت سان ثابت ڪيو آهي ته هو ڪنهن به صورت مردن کان گهٽ ناهن پر اسان جي سماج ۾ عورت مخالف سوچ ايتري ڀريل آهي جو عورتن جي حقن لاءِ ڳالهائيندڙ کي فوري طور تي مذهب جي خلاف هجڻ جي فتويٰ جاري ٿي ويندي آهي. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته مذهب جي نالي تي عورتن کي مسلسل استحصال جو نشانو بڻايو پيو وڃي،. تازو هڪ انٽرويو ۾ ساحل عديم جيڪو مذهبي اسڪالر آهي، عورتن کي مجموعي طور تي جاهل چيو. ان جو نه رڳو مردن پر ڪجهه عورتن به دفاع ڪيو. ساحل عديم موجب عورتون جاهل آهن ڇاڪاڻ ته هنن کي مذهب جو ايترو علم ناهي. ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت تسليم نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ئي عورتون عالم به آهن ۽ مذهب جي ڄاڻ رکن ٿيون ۽ ڪيترائي مرد آهن جن کي مذهب جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ ناهي هوندي. ڪهڙي سروي موجب اهو ثابت ڪيو ويو ته عورتن کي مذهب جو علم ناهي؟ اهڙي قسم جي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪين ڳالهين سان شهرت ماڻيندڙ ڪوڙا اسڪالر رهندو سماج ۾ فرق پيدا ڪن ٿا. اڻبرابري جي نظام ۾ عورتن ۽ مردن ۾ تفريق پيدا ڪرڻ سان مرد مخالف سوچ جنم وٺندي ۽ عورت مرد هڪ ٻئي جا دشمن بڻجي بيهي رهندا. حالانڪي اصل قصور وار رياست جو اڻبرابري تي ٻڌل نظام آهي. جيستائين استحصالي نظام ختم نه ٿيندو تيسيتائين برابر حق نه ملندا.
اصل دشمن مرد نه پر هي سماج آهي جيڪو ترقي پسند سوچ جو مخالف آهي. هتي رڳو عورتون پيڙهيل ناهن پر ٽرانسجينڊرز، اقليت ۽ قومي بنياد تي گروهه پيڙهيل آهن. جيسيتائين مزاحمتي تحريڪ ۾ انهن سمورن گروهن کي شامل نه ڪيو ويندو تيستائين استحصالي نظام ختم نه ٿيندو. پر جيڪي ڳالهيون اسان جي سوچ کي تبديل ڪري سگهن ٿيون انهن تي عمل ڪري اسان ڪنهن حد تائين پنهنجي سماج اندر روشن خياليءَ کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا. جنهن ۾ سڀ کان اول عورتن تي ”گارين“ ۽ خراب لفظن تي مڪمل پابندي هجي. ڪير به عورت دشمن لفظ چئي جنهن ۾ عورت جي بحيثيت جنس خلاف ڳالهه هجي ته اتي ئي کيس روڪيو وڃي. اسان وٽ عام طور تي جيڪي مردن کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ زنانا يا کدڙو فقير چيو ويندو آهي جنهن تي هو ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن ڄڻ کين گندي گار ڏني آهي. اهڙي روئي کي سڌاريو وڃي، اها گار ناهي پر پرامن هجڻ جي نشاني آهي. اسان وٽ ڪاوڙ، چڙ، وڙهڻ کي ساراهيو ويندو آهي پرامن رهڻ کي بزدلي سمجهيو ويندو آهي.
گهر اندر جنسي بنياد تي ٿيندڙ فرق کي پنهنجي تحت ختم ڪيو وڃي. ”حفاظت“ جي نالي تي عورت کي هراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي. عورت برابر انسان آهي جنهن کي ٻاهر گهمڻ، ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، روزگار ڪرڻ جو ايترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن مرد کي. عورت مخالف سوچ رکندڙ ماڻهن جهڙوڪ خليل الرحمان قمر، ساحل عديم جو بائيڪاٽ ڪرڻ کپي ۽ ماڻهن ۾ ڄاڻ پکيڙي وڃي ته عورت شيءِ ناهي، انهن جي جسماني عضون تي ڳالهائڻ ۽ حوس جو کليل اظهار ڪرڻ وارن کي اتي ئي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي، ان سان معاشرو ڪنهن حد تائين عورت دوست بڻجي سگهي ٿو ٻي صورت ۾ اهڙي اڻبرابري وڏي فرق کي جنم ڏيندي جنهن جي نتيجي ۾ مرد دشمن سوچ به وڌنڌي.
اسان کي عوام ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته سڀ انسان برابر آهن جن کي برابر موقعا ملڻ کپن ته جيئن معاشري ۾ هر ڪو آزاد ۽ مطمئن زندگي گذاري سگهي. انساني حقن لاءِ ڳالهائيندڙ پڻ واويلا ڪري رهيا آهن ته عورتن، ٽرانسجينڊر کي انسان سمجهيو وڃي ۽ کين بنيادي انساني حق ڏنا وڃن پر استحصالي نظام ۾ اهو ممڪن ئي ناهي ته پڙهيل گروهه کي ان جا بنيادي حق ملن. ان لاءِ پيڙهيل طبقي کي ڀرپور مزاحمت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ”آزادي“ لفظ کان خوف کائيندڙن کي ”آزادي“ جا نعرا ٻڌائڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ضرورت آهي ته عورت دشمن سوچ کي ختم ڪرڻ جا فوري اپاءُ ورتا وڃن ٻي صورت اسان کي ٻيون قرت العين، نور مقدم، قنديل بلوچ جهڙيون نياڻيون ان حسرت سان تڪينديون ته اسان سان انصاف ڪير ڪندو؟