آصف علي زرداري هڪ سياسي درس گاهه

تحرير: شرجيل انعام ميمڻ

اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جي 69  هين سالگرهه ملهائي وئي. هي هڪ بهترين موقعو آهي ته کيس پاڪستان جي استحڪام ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سياست ۽ عوام لاءِ سندس ڪيل خدمتن جي موٽ ۾ مڃتا ۽ سندس تاريخي ڪاميابين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو وڃي.

آصف علي زرداري جي هڪ وڏي ڪاميابي اها به آهي ته هُن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ تمام ڏکين حالتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي بقا لاءِ ڪم ڪيو. پاڪستان جي تاريخ  ۾ اها ڳالهه ڪنهن وڏي سانحي کان گهٽ نه آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل بعد سندس فخروند نياڻي محترمه بينظير ڀٽو کي دهشتگردن هٿان شهيد ڪرايو ويو جنهن جو مقصد پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سياسي پسمنظر ۾ پيپلز پارٽي ئي واحد سياسي پارٽي آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ جدوجهد ڪندي پاڪستان جي استحڪام، جمهوريت جي بقا ۽ عوام جي خوشحاليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اصل ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سياسي ڪردار ئي ملڪ جي مفاد پرست ٽولي ۽ جمهوريت جي دشمنن لاءِ هڪ وڏو چيلينج پئي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جيڪا 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي عوام جي هڪ سياسي پارٽي هئي جنهن جمهوري جدوجهد کي هڪ طاقتور سياسي قوت ۾ تبديل ڪيو  جيڪا اڄ به ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي نه رڳو پاڪستان جي عوام جي اتحاد جو مظهر آهي پر  ان کان اڳتي وڌي پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان جي عوام جي قومي اتحاد جو هڪ ادارو پڻ آهي. ان کي بچائڻ ۽ ان کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ يقيناً جمهوري ۽ قومي استحڪام لاءِ هڪ تاريخي ڪاميابي ٿيندي.

مرد حر آصف علي زرداري جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن 18هين آئيني ترميم ذريعي 1973ع جي آئين کي بحال ڪيو، جيڪو وفاق پاڪستان جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو. اها ضمانت آئين ۾ وفاقي پارلياماني جمهوري نظام طرفان ڏني وئي آهي. آصف علي زرداري ملڪ ۽ جمهوريت خاطر 18هين آئيني ترميم تحت پنهنجا صدارتي اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا. هاڻي صرف پارليامينٽ وٽ حڪومتون ٺاهڻ، تبديل ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ جو اختيار آهي. 18هين آئيني ترميم جو ٻيو وڏو ڪم اهو آهي ته غير سياسي قوتن لاءِ عوام جي جمهوري طاقت تي قبضو ڪرڻ يا سياسي عمل ۾ مداخلت ڪرڻ جا رستا لڳ ڀڳ بند ٿي ويا آهن. 18هين آئيني ترميم ذريعي صوبائي خودمختياري ڏني وئي آهي. ان ڪري ننڍين وفاقي يونٽن مان محرومي جو احساس ختم ٿي ويو آهي ۽ فيڊريشن آف پاڪستان مضبوط ٿي رهي آهي.

صدر آصف علي زرداري جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پاڪستان جي سلامتي کي درپيش خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ 18هين آئيني ترميم سان گڏ اهم سياسي فيصلا پڻ ڪيا. هن هڪ وفاقي يونٽ کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ سڃاڻپ ڏني اتر اولهه سرحدي صوبي (NWFP) کي هُن خيبر پختون خواهه جو نالو ڏئي (NWFP) جي عوام کي سڃاڻپ ڏني ان بعد صوبي ۽ ان جي ڀرپاسي جي قبائلي علائقن بابت اهو تاثر ختم ٿي ويو ته اهي علائقا عالمي طاقتن جي وڏي راند لاءِ ”بفر زون“ آهن. آصف علي زرداري 2009 ۾ گلگت بلتستان ريفارمز ذريعي پهريون ڀيرو انهن علائقن کي به هڪ ايڪي جي طور تي سڃاڻپ ڏني، کين ملندڙ اهڙي سڃاڻپ بعد به پاڪستان لاءِ خطرا گهٽيا. پنهنجي دور ۾ آصف علي زرداري نه رڳو بلوچستان جي عوام سان ڪيل زيادتين جي معافي گهري پر انهن کي ”بلوچستان رائيٽ پيڪيج“ به ڏنو ته جيئن انهن کي پاڪستان جي مکيه سياسي وهڪري ۾ شامل ڪري سگهجي.

آصف علي زرداري جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي اها به آهي ته هن ملڪ ۾ مفاهمت جي سياست کي متعارف ڪرايو ۽ ان کي اڳتي وڌائيندي ”سياست ۾ مفاهمت“ جي نظرئي کي متعارف ڪرايو جيڪو پاڪستان جي سياسي حالتن جي پسمنظر ۾ انتهائي ڪارگر ۽ مقبول ثابت ٿيو ۽ پاڪستان جي سياسي حلقن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اهڙي پيش قدميءَ کي ڪافي ساراهيو ويو. جڏهن ته هن وقت ”سياست ۾ مفاهمت“ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست جو بنيادي فلسفو بڻجي چڪو آهي. 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيام وقت پارٽيءَ جو ”بنيادي دستاويز“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ لکيو. ان جو پهريون باب ”مصالحت“ سان لاڳاپيل آهي. پوءِ 1970ع کان 2024ع تائين پيپلز پارٽيءَ جي هر چونڊ منشور ۾ مفاهمت جو باب شامل آهي. مفاهمت جو فلسفو اهو آهي ته سياسي قوتون هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران هڪ سياسي ۽ جمهوري پروگرام تي متفق ٿين ۽ جمهوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن، اصل ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي مفاهمتي فلسفي تحت پاڪستان جي سياسي پسمنظر ۾ ” سياسي عمل ٽڪراءَ بجاءِ، ٺهراءَ“ واري پاليسي کي رواج ڏنو جنهن کي هر طرف کان مڃتا ڏني وئي.

آصف علي زرداري جهڙي نموني پيپلز پارٽيءَ جي مفاهمت جي فلسفي تي عمل ڪيو، ان جو جديد تاريخ ۾ ٻيو ڪو مثال نٿو ملي. هن مفاهمتي سياست ذريعي جمهوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن مان 18هين آئيني ترميم جي متفقه منظوري به شامل آهي. سياسي قوتن سان مفاهمت سان گڏ، هُن پاڪستان جي انهن غير سياسي قوتن يا اسٽبلشمينٽ سان به ٽڪراءَ جو رستو اختيار نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪنهن قسم جي مهم جوئي جو رستو اختيار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن سياسي قوتن ٽڪراءَ يا مهم جوئيءَ جو رستو اختيار ڪيو ته ان جو نقصان سياسي قوتن کي ئي ٿيندو. سياسي ۽ جمهوري ارتقا هي سفر دوران رياستي ادارن جي ”ايڊجسٽ“ ٿيڻ جي راهه کي روڪڻ نه گهرجي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تڪرار ۽ تلخيءَ جي روايتي سياست جي مخالفت ڪري رهيو آهي، جيڪو پڻ دراصل ان ئي مفاهمتي سياست جو تسلسل آهي ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي ۾ آصف علي زرداري جي تاريخي تقرير جو حوالو ڏيڻ ضروري آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان جي نسل جي سياست جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي. هاڻي اسان کي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي، اهو هي آهي ته اسان نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست جي ورثي کي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل نه ڪريون. مفاهمتي سياست ذريعي آصف علي زرداري سياست ۾ تدبر، برداشت، رواداري ۽ شائستگي کي مروج ڪيو. هن سياست ۾ عظيم روايتن کي اجاگر ڪيو  جيڪي حقيقي سياسي قوتن لاءِ هميشه تقليد جي لائق رهنديون.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ آصف علي زرداريءَ جو نالو انهن عظيم سياستدانن جي فهرست ۾ هميشه مٿاهون رهندو جن ڊگهي قيد جون سختيون برداشت ڪيون. کيس 11 سال جيل ۾ قيد رکيو ويو. هن ڪيترن ئي ڪوڙن سياسي ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ لاءِ قانون جو رستو اختيار ڪيو. سندس خلاف ايترا ته ڪيس ٿيل هوندا هيا جو هڪ ئي ڏينهن تي مختلف عدالتن ۾ سندس الڳ الڳ پيشيون ٿينديون هيون، هن جو عزم ۽ استقلال ڪنهن به مرحلي تي متزلزل نه ٿيو ۽ نه ئي هُن ڪو سمجهوتو ڪيو.هن پاڪستان جي عدليه سميت سمورن رياستي ادارن جو احترام ڪيو ۽ ڪڏهن به اهو نه چيو ته هو ڪنهن وڏي سياسي پارٽي جو اڳواڻ آهي ان ڪري مٿس پاڪستان جو ڪوبه قانون لاڳو نٿو ٿئي. هن ڪڏهن به پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن کي ادارن تي حملا ڪرڻ لاءِ نه اُکسايو. هن عدالتي فيصلن کي شهيد ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين هزارين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وانگر قبول ڪيو. هن ڪڏهن به رياستي ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي تي عمل نه ڪيو ۽ نه ئي ملڪ کي انتشار طرف ڌڪيو. هن پنهنجو سياسي سفر وڏي عزم ۽ استحڪام سان جاري رکيو  جمهوريت جي استحڪام لاءِ ڪم ڪيو. هن جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي اها به آهي ته هن پنهنجي خلاف تاريخ جي بدترين پروپيگنڊا ۽ ميڊيا ٽرائل دوران تمام گهڻي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ صرف ان فلسفي تي عمل ڪيو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي حيثيت جو تعين تاريخ ڪندي آهي نه ڪي سندس مخالفن جي پروپيگنڊا.ان جو هڪ وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هن پيپلز پارٽي جي بنيادي مشن کي اڳتي وڌائيندي جمهوري جدوجهد جي ثمرات کي عوام تائين پهچايو. عوام کي روزگار، رهائش ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون فراهم ڪرڻ، مالي وسيلا ماڻهن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ عوام جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ منصوبن تي عملدردرآمد ڪرڻ لاءِ پارٽي جي پروگرامن کي جاري رکيو.

آصف علي زرداري پاڪستان ۽ عوام لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سندس اعليٰ سياسي شعور جو مظهر آهي. هن هڪ سياسي خاندان ۾ اکيون کوليون. سندس والد حاڪم علي زرداري هڪ اهڙو سياستدان هيو جيڪو پنهنجي روح سان ترقي پسند ۽ عوام دوست هيو. ان جا نه صرف پاڪستان جي ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ رکندڙ سياستدانن سان ويجها لاڳاپا هئا، پر هو عوام دوست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۽ فردن جي مالي مدد پڻ ڪندو هو. پاڪستان جي معاملن تي سندس خيال بلڪل واضح هئا. آصف علي زرداري کي اهو سياسي شعور ورثي ۾ مليو، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان وابستگي جيي ڪري کيس حاصل ٿيو هو.

اهو سندس اعليٰ سياسي شعور، ڏاهپ، ديانتداري ۽ جدوجهد جو ئي نتيجو آهي جو کيس ٻيو ڀيرو اسلامي جمهوريه پاڪستان جو صدر ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. اهو اعزاز ڪنهن ٻئي کي نه مليو. جنهن سبب بلوچستان ۾ ٻيو ڀيرو پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي آهي. تاريخ  ۾ آصف علي زرداريءَ جو شمار انهن اڳواڻن ۾ ٿيندو، جن جون سياسي روايتون گهڻي وقت تائين قائم رهنديون ۽ جن کان سياست جا شاگرد رهنمائي حاصل ڪندا رهندا. هو سياسي مخالفن لاءِ به سياست جو اسڪول آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.