ڪپتان ۽ پي ٽي آءِ سان هڪ هڪاڻي وارا فيصلا

تحرير: علي محمد ميمڻ

حڪومت طرفان آخرڪار پنهنجي اختيارن ، قانوني ۽ آئيني حقن جو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ ۾ گهڻي دير نه ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت جو نظام ۽ حڪمراني جو ڪارخانو هلائيندڙ ڌرين، حڪمران اتحاد جي ٻن وڏين ڌرين مسلم ليگ نواز شريف کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي به سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن تي ڏنل فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.

پ پ طرفان فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ حامد رضا، اليڪشن ڪميشن ۽ سني اتحاد ڪائونسل سميت 11 ڄڻن کي ڌر بڻايو ويو آهي.پ پ جي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين حامد رضا آزاد اميدوار طور چونڊن ۾ حصو ورتو، سني اتحاد ڪائونسل طرفان ڪنهن به چونڊ نه وڙهي ته پوءِ مخصوص سيٽون  ان جماعت کي نٿيون ملي سگهن.اپيل ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪِ انصاف طرفان ته عدالت ۾ مخصوص سيٽن لاءِ  جڏهن درخواست داخل نه ڪئي وئي ۽ نه ئي اها ڌر بڻي ته پوءِ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏئي نٿيون سگهجن، پيپلز پارٽي جي نظرثاني واري اپيل ۾ اهو اچرج وارو نقطو اٿاريندي چيو ويوآهي ته تحريڪ انصاف کي ري گهريون سيٽون ڏنيون ويون آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين ۾ آئيني ۽ قانوني ماهرن جي هڪ وڏي ۽ تجربيڪار ٽيم ۽ قانوندانن جي وڏي تعداد ۾ مڃيل ماهرن جي سربراهي ۾  مارشل لاءِ جي دورن ۽ هر قسم جي حڪومتن ۽ تڪراري عدالت فيصلن خلاف پنهنجا ڪيس ڪاميابي سان وڙهڻ ۽ وڌ ۾ وڌ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جو هڪ رڪارڊ رکي ٿي اها هن ڀيري سپريم ڪورٽ جي تڪراري فيصلي خلاف وڏي تياري سان ميدان ۾ لهي آئي آهي.

پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي نظرثاني اپيل ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪجهه سوال پڻ اُٿاريا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته ڇا سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن؟ ڇا اهڙي پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن لسٽ جمع ناهي ڪرائي؟ ڇا اهڙي پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن جي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا؟ پيپلز پارٽي سوال اُٿاريو ته ڇا مخصوص سيٽون خالي ڇڏي سگهجن ٿيون يا اهڙي پارٽي کي ڏنيون وڃن جنهن چونڊ نه وڙهي هجي؟ ڇا مخصوص سيٽون اهڙي پارٽي کي ملي سگهن ٿيون جنهن جو هڪ اميداوار به قومي ۽ صوبائي سيٽ نه کٽي هجي؟ پ پ پنهنجي نظرثاني اپيل ۾ مخصوص سيٽن جو 12 جولاءِ جو فيصلو واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي.جڏهن ته هن کان اڳ مسلم ليگ نواز پڻ مخصوص سيٽن واري فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري چڪي آهي.

حڪمران اتحاد طرفان ته حڪومت هلائيندڙ ڌرين جو ڌار ڌار موقف نظرثاني اپيلن جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ وڏي تياري سان  جمع ڪرايو ويو آهي پر حڪومت طرفان ان حوالي سان پنهنجي اختيارن ۽ سرڪاري اٿارٽي طرفان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اڃا تائين پنهنجي ڪنهن به فيصلي جو اعلان  نه ڪيو ويو آهي پر تنهن هوندي به جلد ئي اهوفيصلو سامهون اچڻو آهي ۽ اهوفيصلو ڇا هوندو تنهن بابت يقينن اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو حڪمران ڌرين جي اتحاد کان مختلف نه هوندو پر انهن جي سرڪاري سطح تي مددگار ۽ حمايت ڪرڻ وارو ئي سرڪاري موقف هوندو جنهن جي معني اها پڻ ڪري سگهجي ٿي ته وفاقي حڪومت طرفان وفاقي وزير قانون ۽ اٽارني جنرل پڻ پنهنجو وزن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ميرٽ، قانون ۽ آئين جي برخلاف ۽ تڪراري قرار ڏيارڻ وارو ئي هوندو جنهن تحت باضابطا طور حڪومت طرفان پاڻ به نظرثاني  واري اپيل ئي دائر ڪئي ويندي ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي ميرٽ تي انصاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي، جنهن بعد اهو ممڪن آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي طرفان پاڻ ۽ ٻن سينئر ججن کي حاصل اختيارن جي فيصلي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي نئين فل ڪورٽ يا لارجر بئنچ جوڙي اهو ڪيس انهن حوالي ڪري ڇڏي جنهن ۾ڪيس جي ميرٽ مطابق فيصلو ڏنو وڃي.

اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر باجوا، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد ۽ جنرل احمد شجاع پاشا جي محنتن ۽ رياستي وسيلن ۽ اختيارن جي طاقت سان تيار ڪيل جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف هن وقت رياست جي نئين قيادت سان سڌو ٽڪراءَ ۾ اچڻ ۽ 9 مئي تي رياستي ادارن ۽ دفاعي مرڪز جي ايڇ ڪيو جو گهيراءُ ڪرڻ ۽ مختلف مرڪزن تي حملا ڪرڻ ۽ هڪ لحاظ کان ملڪ جي  فوجي قيادت ۽ رياست و حڪومت خلاف ڪيل بغاوت جي ناڪام ٿيڻ بعد هن وقت پنهنجي انجام ۽ ان جي نتيجن کي منهن ڏيئي رهي آهي. اڳوڻو وزير اعظم عمران خان هن وقت ڪجهه ڪيسن ۾ سال کن کان اٽڪ جيل ۽ ان بعد اڊيالا جيل ۾ قيد آهي پر اڃا تائين هن ۽ سندس  جماعت جي اڳواڻن خلاف باضابطا طور تي بغاوت ڪرڻ  وارا ڪيس هلي نه سگهيا آهن . رياست ۽ حڪومت جي ان ڏس ۾ بي وسي يقينن قانوني مونجهارن ۽ پي ٽي آءِ کي حڪومتي ادارن ۾ موجود سندس حامين ۽  سرگرم جنونين جي وڏي مدد ۽ سهولت ۽ ڍال حاصل آهي جنهن ڪري حڪومت، فوج يا رياست جي طاقت طرفان جوابدارن خلاف اڃا تائين ڪي ڪارگر قدم نه کنيا ويا آهن ۽ مضبوط ڪيس ٺاهڻ ۾ جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن انهن ۾ عمران خان جي تازي ڪيل ميڊيا ڪانفرنس ۾ جي ايڇ ڪيو تي پي ٽي آءِ جي ڪيل احتجاج سندس هدايتن ۽ حڪم تي ڪرڻ واري اعتراف بعد ڪيس کي فوجي عدالتن ۾ هلائڻ واري بنياد ضرور مهيا ٿي آهي يعني ڪپتان عمران خان طرفان  بدحواسي ۾پنهنجي ڪنڌ ۾ پاڻ ئي پنهنجو اعترافي بيان وارو رسو ويڙهي پاڻ کي سوگهو ڪري  رياست جي حوالي ڪرڻ وارو جيڪو ڪم ڪيو ويو آهي ان حوالي سان  سنڌي ۾ چواڻي مشهور آهي ته ” پنھنجي وڍئي جو ويڄ نه طبيب.

ٻئي پاسي، رياست يا فوج طرفان پنهنجي تازي موقف ۾ پي ٽي آءِ کي سياسي مافيا ۽ ڊجيٽل دهشت گرد قرار ڏئي ان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ويو آھي.جڏهن ته هن کان اڳ پڻ 9 مئي واري  حملن ۽ بغاوت واري واقعن ۾ ملوث جوابدارن ۽ڏوهارين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ وارا موقف پڻ رڪارڊ تي موجود آهن ان مان صاف اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏنل تازي فيصلي سان ملڪ ۾ جيڪو اڻوڻندڙ رد عمل پيدا ٿيو، ان بعدرياست، حڪومت ۽ سياسي ڌرين طرفان گڏجي هڪ ئي مخالف ۽ هڪ ئي دشمن خلاف هڪ هڪاڻي ڪرڻ ۽ شيطان کي پيدائش جي وقت ئي ختم ڪرڻ واري جنهن فيصلي تي  پيپلز پارٽي ۽ ڪجهه ڌرين ۾  جيڪي اختلاف هئا هاڻي اهي اختلاف پنهنجي بقآءِ ۽ ملڪ جي سلامتي جي حوالي سان يڪجا ٿي رهيا آهن ۽ هاڻي اصولي طور تي اهو فيصلو ڪيو پيو وڃي ته هاڻي جوابدار ڌر جي غدار ثابت ٿيڻ بابت وڌ کان وڌ شاهديون ملڻ کانپوء ڪا رعايت ڪرڻ ۽ گڏجي قدم نه کڻڻ جا ملڪ تي تمام گهڻا خراب اثر پوندا ۽ ملڪ ۾ انتشار ۽ افراتفري وڌي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ تازو ملڪ جي اندر وڳوڙ واري صورتحال بعد ٻاهرين دنيا ۾ پي ٽي آءِ جا سرگرم حامي ملڪ، حڪومت ۽ رياستي ادارن خلاف  تمام گهڻيون مشڪلاتون  پيدا ڪري سگهن ٿا، جيئن تازو  آمريڪي پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ قرارداد پاس ٿيڻ واري معاملي بعد اها صورتحال دنيا ۾وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿي تنهن ڪري اقتدار ۽ اختيار جي ايوانن ۾ وڏا فيصلا ڪرڻ ۽ خاص طور تي ڪپتان عمران خان کي سندس عمل ۽ ڪارروائين جي سزا ڏيارڻ ۽ سندس باغين واري جماعت پي ٽي آءِ سان ضرور هڪ هڪاڻي ڪرڻ گهرجي ۽ وڌيڪ ڍر ڏيڻ ۽ دير ڪرڻ بجآءِ انهن سان پاڻي مٿان پاڻي ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾موجود حالتون ۽ مستقبل ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي قيادت خلاف پيدا ٿيندڙ صورتحال ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ پراڻي جمهوري ۽ سياسي جماعت پاڪستان پيپلز لاءِ ڪا آئيڊيل به ناهي جو هن کان اڳ مختلف حڪومتن ۾ منظور ٿيل قانون ۽ اهڙي قسم جا آپريشن اڳتي هلي پيپلز پارٽي ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ۽ ڌرين خلاف ئي استعمال ٿيندا رهيا آهن ،هاڻي  ڏسجي ته اقتدار ۽ حڪومت جي ايوانن ۾ موجود وڌيڪ تجربيڪار، اعتدال پسند ۽ سمجهدار قيادت ۽ وفاقي سرڪار جي ڪرنگهي واري حيثيت ۾ موجود دنيا جي رنگن ۽ روپن کان واقف جماعت  پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف وارو سنجيده ڌر ڪهڙا ٿي فيصلا ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.