آءِ پي پيز مالڪن کي ڪجهه بھ  نه ٿيندو؟

تحرير: علي احمد ڍلون

ھن وقت آءِ پي پيز  جي ”جگا ٽيڪس“۽ انهن جي مالڪن خلاف ڪافي گوڙ  ٿي رھيو آھي. پر مون کي ھنن حڪمران منجھان انهن خلاف ڪنھن قانوني ڪارروائي جي اميد نھ آھي. جيڪڏھن غيرت مند حڪمران هجن ها ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ننھن چپٽيءَ جو زور ڀرين ها. پر هتي ڪو به رليف ئي نه آهي. هتي عوام سان  اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جنهن جو دنيا ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. عوام کي انهن پاور پلانٽس جي ادائيگي بھ ڪرڻي ٿي پئي، جيڪي بند پيل آهن ۽ جن جي پيداوار  تي 750 سئو رپيا في يونٽ خرچ بھ اچي رهيو آهي.

گذريل ڏينهن صنعت ۽ واپار واري اڳوڻي نگران وفاقي وزير جي رپورٽ سڄي ملڪ ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. جنھن  موجب گذريل سڄي سال دوران ھر آءِ پي پيز کي ادائگي، ٻارڻ  جي قيمت،ڪيپيسٽي  ادائيگي جي مد ۾ پڻ کربين  رپيا ادا ڪيا ويا. رپورٽ موجب ھڪ پاور پلانٽ مان سڀ کان مھانگي بجلي 750 رپيا في يونٽ جي حساب سان  خريد ڪئي پئي وڃي، حڪومت ڪول پاور پلانٽس کان سراسري  200 رپيا في يونٽ  جي حساب سان بجلي خريد ڪئي پئي وڃي، جڏھن تھ  ونڊ ۽ سولر پلانٽس کان 50 رپيا في يونٽ کان مٿي جي حساب سان بجلي خريد ڪئي پئي وڃي. يعني صلاحيت کان 29 سيڪڙو گھٽ پئداوار تي آءِ پي پيز کي 150 ارب رپيا (18ھزار ڊالر) جي ادائيگي ڪئي وئي.

حڪومت ھڪ پلانٽ کي15 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 140 ارب روپيا ادا ڪري چڪي آھي.ٻئي پلانٽ کي 17 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 120 ارب رپيا، ٽئين پاور پلانٽ کي 22 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 100 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، اهڙي طرح رڳو ٽن پاور پلانٽس کي 370 ارب رپيا ادا ڪيا ويا.

حد ته اها آهي جو ملڪ کي بچائڻ لاءِ 40 خاندانن سان معاهدا ڪيا ويا! جي ها، جيڪڏهن آءِ پي پيز مالڪن جي تفصيل ۾ وڃون ته انھن جا هن وقت 80 سيڪڙو مالڪ پاڪستاني آهن جڏهن ته 20 سيڪڙو مالڪ پرڏيهي آهن (ياد رهي ته اهي 20 سيڪڙو پرڏيهي به پاڪستاني ئي آهن جن ٻاهرين ملڪن ۾ ڪمپنيون رجسٽر ڪرايون آھن. بعد۾ پاڪستان ۾ ٺيڪا ورتا آھن)

سوال  اهو  ٿو پيدا ٿئي ته انهن جا مالڪ ڪير آهن؟ خير، انهن جو نالو وٺڻ هتي وڏو ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. جيئن بليو اسٽار انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ، فرنٽيئر ميگا اسٽرڪچر اينڊ پاور پرائيويٽ لميٽيڊ، ڪي اي پاور لميٽيڊ کي 12 جون 2023 تي، ڪريمي انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ، ڪي او ڪي پاور لميٽيڊ، پختونخواه انرجي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن، بالاڪوٽ هائيڊرو پاور پلانٽ، پختونخواه انرجي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن گورڪن ،مانٽنٽن ھائيڊل پاور پلانٽ، سيفڪو ھائيڊرو پاور پلانٽ، ھائيڊرو پاور پلانٽ، ديوس انرجي پرائيويٽ لميٽڊ، جوڳي ڪبير والا پاورڪمپني لميٽيڊ،گل احمد انرجي لميٽيڊ،الڪا پاور پرايئويٽ لميٽيڊ ساھيوال،گوگيرا ھائيڊرو پاور ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ، لاھور زنگزانگ رينيول انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ، منڊي بھاوالدين  انرجي لميٽيڊ، مھر ھائيڊرو پاور پرائيويٽ لميٽيڊ،پنجاب پاور ڊولپمينٽ ڪمپني،پنجاب هائڊرو پاور پرائيويٽ لميٽيڊ، رسول ھائيڊرو پاور پرائيويٽ لميٽيڊ، پنجاب ٿرمل پاور پرائيويٽ لميٽيڊ، قائد اعظم ٿرمل پاور پرائيويٽ لميٽيڊ وغيرا، سميت درجن جي حساب سان پاور پروڊيوسرز جي مالڪ اسان جا سياستدان ۽ اشرافيه جا ماڻھو ئي آهن.

انهن جي مالڪن جا نالان ورتاسين تي  اهي اسان کي عدالتن ڏانهن ڇڪيندا ۽ چوندا ته اهي ڪمپنيون انهن جون ناهن پر الاڻي فلاڻي   جي مائٽن جون آهن، جنهن تي اسان کي خاموش رھڻو پوندو. بلڪ  ممڪن آھي تھ اھي ڪمپنيون انهن جي پٽيوالن  جي نالي تي نڪرن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي به بي نامي ڪمپنيون بھ ھجن!

بھرحال انهن ڪمپنين سان سڀ کان وڌيڪ معاهدا 2013ع کان 2018ع تائين جي مسلم ليگ ن جي حڪومتن ۾ ٿيا آھن، جن جو انگ 130 آهي. اهڙي طرح وھندڙ گنگا ۾پرويز مشرف به هٿ ڌوتا آھن، جنھن جي دور ۾ 48 ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون، پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ 35 ڪمپنيون ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ 30 ڪمپنين سان ڊگھي مدي جا معاهدا ڪيا ويا.

انڊپينڊنٽس  پاور پلانٽس يعني IPPs سان ٿيل معاهدن جي ڪري عوام کان بجلي بلن جي مد ۾ هر سال اربين رپيا ورتا ٿا وڃن. حڪومت طرفان نيپرا، آءِ پي پيز سان معاهدا ڪيا آهن ۽ ڪجهه ڪمپنين سان 2060 تائين جا معاهدا ڪيل  آهن، جنهن جو مطلب آهي ته انهن ڪمپنين کي ادائيگيون ايندڙ 33 سالن تائين جاري رهنديون.

توهان جي حيرانگي اتي ختم نه ٿيندي بلڪ گذريل 10 سالن ۾ يعني 2013 کان 2024 تائين ڪيپيسٽي پيئمينٽ  جي مد ۾ 8 هزار 344 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آھن. گذريل مالي سال ۾ آءِ پي پيز کي 1300 ارب رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته هن سال 2 هزار 10 ارب رپيا ادا ڪرڻا پوندا .توھان کي اھو ٻڌي بھ حيرت ٿيندي تھ ھڪ سياستدان موجب عمران خان جي ڪابينا ۾ 4 آءِ پي پيز مالڪ موجود رھيا آهن. يعني هر پارٽيءَ جي  حصي  جا مفاد يا بيوقوف هميشه ان جي ديوارن جي حفاظت لاءِ موجود هوندا آهن.

اصل مطلب تھ آءِ پي پيز  هڪ معاشي واردات  آهي. جيڪا  هن ملڪ جي سڀني وڏين سياسي پارٽين  پنهنجي  پنھنجي واري تي ڪئي آهي، پاڪستان ۾ توانائي جي بحران جي قومي ڏوھ هه ۾ سڀئي جماعتون ملوث آهن. پاڪستان دريائن جي نعمت سان مالا مال آھي ۽ ڊيمن لاءِ  ڪافي مثالي ماڳ آهن پر اسان جي حڪمرانن ان نعمت مان فائدو نه ورتو. ڪالاباغ ڊيم تي سياست ٿي آهي. داسو ۽ مهمند ڊيمن جي اڏاوت ۾ اجائي دير ڪئي وئي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ڇڏيو پر ڪراچي جھڙن  شهرن ۾ به بجلي چوري جو رجحان آهي.

اھو ڪم کاتي جي ماڻهن جي سرپرستي ۾ٿيندو آھي.چوري کي بل وارن صارفين جي کاتي ۾ وڌو ويندو آھي. دنيا جي  مهذب ملڪ ۾ غريبن کي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون پر هتي اشرافيه کي بجلي جي بلن جي مد ۾ نوازيو وڃي ٿو.

آءِ پي پيز مان جان ڇڏائڻ لاءِ ملڪي عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي عدالتون پنهنجو اثر استعمال ڪري سگھن ٿيون. ٻي صورت ۾ هيءُ ملڪ اڳتي نھ وڌندو. صورتحال خراب آهي، صنعتون بند ٿي رهيون آهن، سرمائيدار پنهنجو سرمايو ڪڍي رهيا آهن، پاڙيسري ملڪ ان مان فائدو وٺي رهيا آهن.

اپٽما جي رپورٽ مطابق صنعتي شعبي لاءِ قيمتون 17 سينٽ (47.60 رپيا) في ڪل واٽ تي پهچي ويون آهن، ان جي مقابلي ۾ هندستان ۾ صنعتي شعبي لاءِ 6 سينٽ، بنگلاديش ۾ 8.6 سينٽ ۽ ويتنام ۾ 7.2 سينٽ آھن. اسان کي بجلي جي اضافي پيداوار کي روڪي، ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر بڻائڻو پوندو ته جيئن پيدا ٿيندڙ اضافي بجلي استعمال ڪري سگهجي ۽ بجلي خريد ڪرڻ کانسواءِ آءِ پي پيز کي ڪيپيسيٽي سرچارج جي مد ۾ اربين رپيا ادا ڪرڻ کان بچي سگهون.

1991ع ۾ پاڪستان جي 60 سيڪڙو بجلي هائيڊرو مان پيدا ٿيندي هئي، جيڪا هاڻي گهٽجي 26 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ اسان آهستي آهستي ان مهانگي امپورٽ فيول مان بجلي پيدا ڪندڙ آءِ پي پيز جي چنبي ۾ ڦاسي ويا آهيون، جن جي بجلي جي قيمت  عوام ۽ صنعتڪارن  جي برداشت کان ٻاھر آھي.

اها سٺي ڳالھه آھي تھ بجلي چوري، لائين لاسز، ڪرپشن روڪڻ لاءِ 5 بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ڊسڪوز ۾ بقايا وصولي فوج جي حوالي ڪرڻ جون تياريون ٿي رھيون آهن.پر  خراب ڳالهه اها آهي ته انهن ڪمپنين کي ڪورٽ مان سٽي ملندي. تنهن ڪري  اختياريون پهريان انهن ماڻهن جي فهرست ٺاهين جيڪي انهن ڪمپنين جا مالڪ آهن، ان بعد هڪ ڀيرو انھن جو صفايو  ڪن ۽ انهن مالڪن سان هڪ هڪ ڪري ٻيهر معاهدو ڪن.

جيڪڏهن  فيصلا ڪرڻا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ خود احتسابي ذريعي پنهنجي ادارن ۾ اهڙا ماڻهو ڳوليو جيڪي انهن جا مالڪ هجن يا حامي. ڇو ته انهن ڪمپنين جا مالڪ ”سپورٽ“ کانسواءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، جيڪڏهن اهي نه مڃين ته پوءِ ماڻهو اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته انهن آءِ پي پيز مالڪن کي ڪجهه به نه ٿيندو، جيڪي غريبن جو خون نپوڙي رهيا آهن. جيڪڏهن توهان  پاڪستان کي بچائڻ چاهيو ٿا تھ پهريان انهن لابيز کي ٽوڙڻو پوندو، نه ته سمجھو ته انقلاب  دستڪ ڏئي رهيو آهي. جيڪو سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيندو!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.