ائين بھ ناھي تھ سستي بجلي نٿي ٺھي سگھي، ائين بھ ناھي تھ دنيا ۾ نعم البدل توانائي نھ پئي ٺھي پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان جتي قصو ئي ابتو ھلندو آھي.اتي ھر دور جي حڪمرانن عوام سان اھڙي جٺ ڪئي آھي جو ھڪ پاسي جن وٽ پنھنجا ٿورا ڪي گھڻا وسيلا آھن اھي ملڪ ڇڏڻ کي ترجيح ڏين پيا،جن لاءِ اھو ممڪن نھ آھي اھي ھتي جي حياتيءَ تي ُڪڙھي رھيا آھن.
ٻارڻ ۾پيٽرول،گئس،ڪوئلو ۽ بجلي اھم رھيا آھن،پر ترقي ڪيل ملڪن توانائي لاءِ نھ رڳو نوان تجربا ڪيا پر انھن مان فائدو پڻ حاصل ڪيو، پر پاڪستان ۾ عوام کي غير اھم مخلوق سمجھندڙ حڪمران ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ اشرافيا نھ رڳو وسيلن جي ڀيل ڪئي آھي پر ان مان عوام کي ڪو لاڀ پڻ نھ مليو آھي.جنھن ڪري عام ماڻھو سول توڻي غيرسول سرڪار مان مايوس ٿيو آھي.
اڃا تازين چونڊن ۾ پھرين پيپلزپارٽي 300 سئو يونٽن تائين بجلي فري مھيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، جنھن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن پڻ عام ماڻھو جي مٿي تان ھٿ گھمائڻ جي لاءِ اھڙو ئي اعلان ڪيو، پر ھر چونڊن دوران ٿيندڙ سکڻن اعلانن جيان اھو بھ سکڻو اعلان ئي رھي ويو.
ملڪ ۾ معاشي صورتحال ابتر ھئڻ جي ڪري بيروزگاري ۽ مھانگائي عوام کان جئيڻ جو جواز کسي ورتو آھي، جنھن ڪري بجلي جا بل ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائڻ لڳا،ڳرن بلن گھر گھر ۾ ماڻھن کي چيڙائي ۽ ذھني دٻاءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو آھي.گوجرانوالا ۾ بجلي جو ڳرو بل اچڻ تي تڪرار دوران وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ڊسڪه ۾ عورت بجلي بل ادا نه ڪري سگهڻ ۽ بجلي ڪٽجڻ تي سخت گرمي ۾ ٻارن کي تڙپندو نه ڏسي مايوسي ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪئي، امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ لڳي آھي. حڪومت گذريل سال 1198 ارب رپين جي بجلي خريد ڪئي ۽ ڪيپسٽي ادائيگي جي مد ۾ 3127 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي آھي.
آءِ پي پيز جي معاهدن ملڪ کي اونهي کاهي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، 25 ڪروڙ عوام انهن معاهدن جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، 6 کان 18 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ باوجود بجلي جا بل پهرين کان ڏهوڻ تي وڌيڪ اچي رهيا آهن، حڪومت اهو ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي ڊيڄاري ٿي ته جيڪڏهن آءِ پي پيز سان معاهدا ٽوڙبا تھ عالمي سيڙپڪار ڪمپنيون پئسو واپس کڻي وينديون، حالانڪ 52 سيڪڙو آءِ پي پيز حڪومت جي ملڪيت آهن، ظلم جي انتها اها آهي ته سرڪاري آءِ پي پيز به عوام کي لٽي رهيا آهن،هن وقت بجلي يونٽ 60 کان 80 رپيا وصول ڪيو پيو وڃي.
عالمي مالياتي اداري اڳيان گوڏا کوڙيندڙ حڪومت اڃان بھ آءِ ايم ايف جي مطالبي جي نالي تي بجلي يونٽ 100 رپيا ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي ڪري ماڻهو اڳ ئي پريشان هئا هاڻي بجلي جي اگهن ۾ هر ٻئي ڏينهن اضافي جي ڪري انهن جي مشڪلات ۾ وڌي وئي آهي،نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته بجلي جي ڳرن بلن جي ڪري ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي رهيا آهن. ھاڻي ماڻهن جي پريشاني ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي رهي آهي، هڪ لائو پچي رهيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي بجلي بلن خلاف اڄ (جمعي ڏينھن ) اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو سڏ ڏنو آهي، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ضيا الحق شيخ چيو ته حقيقت ۾ آءِ پي پيز جا معاهدا ملڪي صنعت کي کوکلو ڪري رهيا آهن،بجلي بلن جي ڪري صنعتون بند ٿي رهيون آهن،
عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) روينيو جي صورتحال کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي حڪومت تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته قرض لاءِ شرط هر صورت ۾ پورا ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ مني بجيٽ آڻڻي پوندي.آءِ ايم ايف ذريعن اعتراف ڪيو ته حڪومت مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ حڪومت ٽيڪس مشينري جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف ذريعن موجب نئين آءِ ايم ايف پيڪيج جون قسطون جاري ڪرڻ جو ٽائم لائن تيار ڪيو پيو وڃي. آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا معاشي مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. پاڪستان کي سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ ئي قدم کڻڻا پوندا.
ٻئي پاسي فاقي حڪومت جي پرائيويٽ پاور پلانٽس (آءِ پي پيز) کي هر سال 2000 ارب رپيا ڪئپيسٽي پيمنٽ جي مد ۾ ادا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو خرچ ڀرڻ لاءِ عوام جي کيسي تي ڌاڙو لڳايو پيو وڃي. حڪومت هڪ آءِ پي پي کان 750 في يونٽ جي حساب سان بجلي خريد ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. اڳوڻي نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته ملڪ ۾ 90 آءِ پي پيز آهن، 2015 ۾ بجليءَ جي طلب 13 هزار ميگا واٽ هئي، پر پئداواري صلاحيت 20 هزار ميگا واٽ هئي، تڏهن آءِ پي پيز کي 200 ارب رپيا ساليانو ادا ڪيا ويندا هئا، هاڻي به طلب اوتري ئي آهي پر پئداوار وڌي 43 هزار ميگا واٽ ٿي وئي آهي ان لاءِ ڪئپيسٽي پيمنٽ ۾ ڏهوڻ تي واڌ ٿي وئي آهي ۽ اها 200 ارب رپين مان وڌي 2000 ارب ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت کي بجليءَ جو في يونٽ 35 رپين ۾ پوي ٿو پر اهو واهپيدارن کي 60 رپين ۾ ڏنو پيو وڃي پوءِ به حڪومت کي کربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو.
ماھرن جو چوڻ آھي تھ ڪيپيسٽي پئمينٽ تي ارب پتين جو جهيڙو آهي، جنھن ۾ عوام جو ڪو بھ فائدو ناهي. ٽيڪسٽائل لابي شروع کان بجلي ۽ گئس سبسڊي تي وٺندي رهي آهي. 2018ع ۾ ٽيڪسٽائل لابي کي 9 سينٽ في يونٽ هاڻ 14 سينٽن تي پهتو آهي.
ناڻي واري مملڪتي وزير موجب اسين سمجهون ٿا ته 60 رپين جي يونٽ تي دڪان ۽ 40 رپين جي يونٽ تي گهر نٿو هلي سگهي. حڪومت بلن جي معاملي تي عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ وزيراعظم 200 يونٽن سان صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب ڏنا پر مسئلي جو حل مستقل سڌارو آهي. ايترو اعتراف ڪافي نھ آھي،حڪومت سنجيدگيءَ سان مسئلي جو حل نھ ڳوليو تھ ڪو وڏ ممڻ مچي سگھي ٿو.