گھٻرائيندا نھ ڪريو

تحرير: امر جليل

اڄ جي ڪٿا ۾ توھان  پوڙھن جون ڳالھيون ٻڌندا.اڄ جي ڪٿا ۾ جوانن ۽ نوجوانن لاءِ ڪجهه به ناهي. ان ڪري جوانن ۽ نوجوانن کي اڄ جي ڪٿا پڙهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.مان به توھان  وانگر ڪڏھن نو جوان ھوندو هئس. مان ماءُ جي پيٽ مان پوڙهو پيدا  نه ٿيو ھوس.مان ماءُ جي پيٽ مان هڪ عام ٻار وانگر ھڪ ٻار  پيدا ٿيو ھئس. ننڍپڻ کان پوءِ، ڇوڪراٽ جو دور ڏٺو ھو. ڇوڪراٽ مون کي سٺو لڳو ھو.ڇوڪراٽ کان پوءِ نوجواني ۽ جوانيءَ جو لا ابالي جو دور ڏٺو هو.تڏھن  هڪ لمحي لاءِ به اسان سوچي نه سگهندا ھئاسين ته هڪ ڏينهن اسين به پوڙها ٿي وينداسين.سج جيڪو مٿي تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ٻڏڻ لڳندو،ڏٺل منظر مبھم لڳندو. ٻڌل ڳالھه سمجھه ۾ نه ايندي. ڏٺل وائٺل ماڻھو اجنبي محسوس ٿيڻ لڳندا. طرفن جو تعين غيريقيني  ٿي ويندو.عبدالقدوس  اسان کي عبدالغفور سمجهه ۾ايندو. اهي ٻڌل سڌل  ڳالهيون مان توھان کي  نه ٻڌائي رھيو آھيان . انهن دورن مان گذريو آهيان ۽ گذري رهيو آهيان.

هڪ ٻي ڳالهه بھ مان توھان سان شيئر ڪري ڇڏيان، پوڙھائپ ۾توهان کي ڪم ۾ايندي.عام طور تي پوڙھائپ کان في الحال پري رھندڙ ماڻھون اسان سان ھمدردي جتائڻ ۾ ڪنجوسي نٿا ڏيکارين. اهي اوهان کي طرح طرح جي صلاحن سان نوازيندا رهندا آهن. توهان کي ڇا کائڻ گهرجي، ڪيترو کائڻ گهرجي،ڇا پيئڻ گهرجي، ڪيترو سمهڻ گهرجي،ڪيترو جاڳڻ گهرجي، ڪيتري ۽ ڪڏهن  ورزش ڪرڻ گهرجي، پوءِ اهي توهان کي يوگا جا ڳڻ ڳڻائڻ ويھي رھندا.

وڏي عمر جي ماڻھن جي  باري ۾ چڱي سوچ رکندڙ نوجوان توهان کي عملي طور تي مفيد ڳالهيون ٻڌائين ٿا. مثال طور، توهان کي باٿ روم ۾ ڪِرڻ  ۽ ھڏ گڏ فريڪچر ڪرائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.اھڙي قسم جا اڻ ڳڻيا ميسيج،ھدايتون،صلاح مشورا،اسان کي جوانن ۽ نوجوانن جي طرفان ملندا  رهندا آهن. اهي اسان جي صحت ۽ تن درستي جي حوالي سان  فڪرمند رھندا آھن.انھن سڀني جي مشورن تي ڊاڪٽرن جي مھر لڳل ھوندي آھي. نصيحت ۾ لکيل ڳالھيون ڪم جون ھونديون آهن، پر عمل جوڳيون ناھن ھونديون. مثال طور باٿ روم ۾ ڪِرڻ اسان  پوڙهن جي نصيب ۾ لکيو ويو ھوندو آهي. نصيب ۾ المناڪ  ڳالهيون ڪير لکي ٿو ؟ ڪو نٿو ڄاڻي، اسان پوڙها  اڪثر باٿ روم ۾ ڪِري پوندا آھيون.ڪڏهن مٿو، ڪڏهن هِپ بون ۽ ڪڏهن ھڏ گڏ ڀڃرائي ويھندا آھيون.مشورا موڪليندڙ  وساري ويھندا آهن ته ڪو پوڙهو شخص پنھنجي مرضي سان باٿ روم ۾ نٿو ڪِري، توهان جي نادر مشوري  جي مهرباني، باٿ روم ۾ اسان پوڙھن جو نھ ڪِرڻ اسان جي  وس جي ڳالهه نھ آهي.

اسان  پوڙها بس ايترو ڄاڻون ٿا پير تِرڪڻ  کانسواءِ اسين چڪرائي ڪِري پوندا آھيون. جڏهن به اسين پوڙها باٿ روم ۾ ڪِرندا آھيون. ڏاڍو ڪنو ڪِرندا  آھيون، ان کان پوءِ اسين وري ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي بيهي نه ٿا  ٿي سگهون، ان کان پوءِ اسين ٿوري عرصي لاءِ هن دنيا ۾ رهندا آھيون.

ننڍن وڏن کان علاوه ننڍڙا ٻار به اسان کي صلاح ڏيندا رھندا آھن تھ  ڏاڏا، نانا توهان ڏينھن ۾ اٺ گلاس پاڻي پيئندا ڪريو. توهان ڏينهن ۾ ٻه ليٽر پاڻي پيئندا ڪريو،ٿينڪ يو منھنجا ٻچڙا، مفيد مشورن جي لاءِ،

زميني حقيقتن موجب جڏهن اسين سڀ پوڙها ٿي ويندا آھيون، تڏهن اسان جي اندروني نظام جا انچرپنچر به پوڙھا ٿي ويندا آهن. مثال طور،مان 90 سالن جي لڳ ڀڳ آھيان. ڪو چٻري کان چٻرو تصور نٿو ڪري سگھي ته 90 سالن جي عمر ۾ ان جي دل، دماغ، گردو، هاضمي جو نظام، اکيون، نڪ، ڪن، ڄنگهون پنجويھه سالن جھڙي ڪارڪردگيءَ سان ڪم ڪندا ھوندا. عمر سان گڏ اسان جي مڪمل نظام جي پوئتي وڃڻ يعني زوال ۾بهتري بدران ابتري اچڻ لڳي ٿي. توهان مون کي ٻه ليٽر يعني اٺ گلاس پاڻي پيئڻ جي صلاح ڏيو ٿا،ان صلاح جي لاءِ  اسين پوڙھا  توهان جا شڪر گذار آهيون ان صلاح تي، پر ڇا ٿئي ٿو منهنجا ٻارو ،تھ  ستر، اسي، نوي سالن جي عمر تائين  ايندي ايندي يورينري سسٽم ۾ ڳڙٻڙ ٿي ويندي آهي.بليڊر  ڪمزور ٿي ويندو آھي. توهان پيشاب روڪي نه ٿا سگهو،پاڻي جي ٻن ڍڪن پيئڻ جي فورن بعد  توهان کي باٿ روم يا ٽوائلٽ وڃڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. اٺاويهه سال اڳ جڏهن مان سينئر سٽيزن ھئڻ بعد  اوپن يونيورسٽي مان رٽائرڊ ٿيو ھوس ۽ اٺ گلاس پاڻي روزاني پابندي سان پيئندو هوس.تڏھن مان اسلام آباد جي سمورن پبلڪ ٽوائلٽس جا ڏس پتا حفظ ڪري ورتا هئا.گھمڻ ڦرڻ کان نھ مڙُندو ھوس. بار بار پاڻي پيئڻ سبب مون کي بار بار ٽوائلٽ وڃڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي. ھاڻي آءٌ گھمي ڦري نھ ٿو سگھان، منھنجي ٽوائلٽ جو دروازو کليل رھندو آھي ته جيئن اٺ گلاس پاڻي پيئڻ کان پوءِ مون کي ٽوائلٽ وڃڻ ۾ دير نھ لڳي.

ھڪڙو حيرت انگيز مشورو اسان پوڙھن کي اڪثر ملندو رھندو آھي.ڏاڏا،نانا توھان ڪڏھن بھ گھٻرائيندا نھ ڪريو،ھي منھنجو پنھنجو ملڪ آھي. تڏھن کان ھي منهنجو ملڪ آهي، جڏهن کان اهو ٺهيو آهي، مان ڄاڻان ٿو، منهنجي ملڪ ۾ ڪهڙيون ڪھڙيون وبائون پکڙيل آھن،ڪھڙا ڪھڙا جن ڀوت ۽ راکشس منھنجي ملڪ ۾ گھمندا ڦرندا رھندا آھن.مونکي انھن کان ڊپ تھ لڳندو آھي پر مان گھٻرائيندو تڏھن آھيان جڏھن انھن سان منھنجو واسطو پوندو آھي،ھڪ ڀيري گڙنگ سياستدان سردار اسان جي پاڙي ۾ تشريف کڻي آيو.نامي گرامي سياستدان آھي، خبر ناھي ڪڏھن کان، ان کان بھ اڳ ان جا ابا ڏاڏا سياست تي ڇائنجي چڪا آھن ۽ منهنجو ملڪ هلائيندا رهندا آھن، هن ڀيري هوءَ  پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ لاءِ ووٽ گهرڻ آيو آهي. چيائين، ”منهنجو ڇا آهي؟ هن ڀيري مان سينيٽر ٿيندس،مونکي  ايم اين اي ۽ ايم پي اي ووٽ ڏيندا. هن ڀيري منهنجو پٽ ۽ ڌيءَ اسيمبلي ۾ توهان جي نمائندگي ڪندا. ملڪ چئوڻ تي ترقي ڪندو.

گھٻرائڻ جي ڳالهه تھ  آهي، ڀاءُ!

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.