ڪراچي/ سکر (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ جي موجوده حالتن ۾ اسلام آباد جو ڌرڻو ضروري آهي، جماعت اسلامي ملڪ ۾ ظالماڻي نظام، عوام دشمن پاليسين، بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڳرن بلن خلاف 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ وڃي رهي آهي جيڪو مطالبن جي منظوري تائين جاري رهندو، جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف به ڌرڻو هنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ مرڪز سکر ۾ رٿيل خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ضلعي امير مولانا حزب الله جکرو، ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري، سيد نظام الدين شاهه، خيرمحمد تنيو، امان الله تنيو، ميرهزار خان لاشاري، سُهيل قريشي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ 26 جولاءِ تي رٿيل ڌرڻي جي حوالي سان قافلن جي شرڪت جي منصوبابندي ڪئي وئي.