لاهور( تجزيو: امداد سومرو) ملڪ جي سياسي صورتحال گهڻ طرفي مونجهارن جي ور چڙهڻ بعد اهو سوال انتهائي سنجيدگيءَ سان پيدا ٿي رهي آهي ته ڇا ملڪ ۾ ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت وجود ۾ ايندي؟ جڏهن ته اها پڻ هڪ ٺوس حقيقت آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت عوام لاءِ ڪجهه به ” ڊليور“ نه پئي ڪري، جنهن بعد ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت جي جڙڻ جي ضرورت ۾ شدت ايندي محسوس ٿئي رهي آهي، پر اهڙي سموري صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي نه ته ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر اچي رهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن اهڙي عوامي احتجاج جي ڪا اميد آهي جنهن جي نتيجي ۾ موجوده حڪومت جو خاتمو ٿئي ۽ ملڪ ۾ ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت قائم ٿئي يا وري ڪو ٻيو سياسي پسمنظر رکندڙ حڪومتي سيٽ اپ جڙي، گذريل ڏينهن ملڪ جي ٻن شخصيتن مفتي تقي عثماني ۽ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان اهڙي راءِ جو اظهار ڪري چڪا آهن ته ملڪ جو عوام حڪومت خلاف ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي ٻن اڳواڻن خواجه سعد رفيق ۽ خواجه آصف پڻ جيڪي ٽوئٽ ڪيا آهن انهن ۾ به صورتحال انتهائي مايوس ڪندڙ بيان ڪئي وئي آهي. اهڙي سموري صورتحال ۾ اهم سوال اهو آهي ته ڇا، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت اسٽبلشمينٽ جي حق ۾ هوندي، ڇا ٽيڪنوڪريٽ حڪومت اسٽبلشمينٽ جي فتح هوندي. هڪ عام تاثر اهو به آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ جنرل عاصم منير مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مان تنگ آهن جو مسلم ليگ (ن) حڪومت هلائي نه پئي سگهي ۽ ملڪي صورتحال بد کان بد تر ٿيندي پئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن جنرل عاصم منير ۽ اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي هٽائي ڪو ٻيو ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ قائم ڪرڻ گهرندا ته مسلم ليگ (ن) ڪنهن به صورت ۾ راضي نه ٿيندي ۽ سسٽم وائنڊ اپ ٿي ويندو، اهڙي صورتحال ۾ فتح تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي ئي ٿيندي.اهي قوتون جيڪي عمران خان جي سياست ۽ پارٽيءَ تي پابندي لڳائڻ لاءِ تيار ويٺيون آهن اهي اهڙي قسم جو ڪوبه ” ايڊوينچر “ نه ڪنديون، موجوده صورتحال ۾ عمران خان جو حڪومت ۾ واپس اچڻ جو رڳو هڪ ئي امڪان آهي ته قاضي فائز عيسى جي ريٽائرمينٽ بعد ايندڙ چيف جسٽس مخصوص سيٽن جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته ٻي ڳالهه آهي، اهڙي صورتحال ۾ به فتح تحريڪ انصاف جي ئي ٿيندي.