ڪراچي( رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪارونجھر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ واري موقف کان يوٽرن وٺي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ثقافت کاتي کي حڪم ڏنو هو ته ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏئي، ثقافت ۽ سياحت کاتي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ نوٽيفڪيشن ڪڍڻ بدران معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. ڪارونجھر کي ھيريٽيج قرار ڏيڻ واري ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو، 7 مئي 2024 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ثقافت کاتي کي حڪم ڏنو هو ته ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ثقافت ۽ سياحت کاتي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ نوٽيفڪيشن ڪڍڻ بدران معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪارونجھر ڪيس جي وڪيل شنڪر لال ميگھواڙ کي ثقافت کاتي پاران داخل ڪيل درخواست تي پڻ نوٽيس ملي ويو. ان حوالي سان ڪارونجهر ڪيس جي وڪيل شنڪر لال عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 16 آڪٽوبر 2023 تي سنڏ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ڪارونجهر رينج کي هيريٽيج ڊڪليئر ڪيو هو ۽ وڌيڪ حڪم ڏيندي چيو هو ته ڪارونجهر جي وڻڪاري مهم هلائي ان جي اصل خوبصورتي بحال ڪئي وڃي ۽ هر ٽه ماهي رپوورٽ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي واري حڪم تي عملدرآمد لاءِ منهنجي درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 مئي 2024 تي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري کي ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ توهان کي ڪهڙي ڏکيائي پيش اچي اهيو ٻڌايو وڃي، پر ثقافت ۽ سياحت کاتي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ نوٽيفڪيشن ڪڍڻ بدران معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. ڪارونجهر ڪيس جي وڪيل شنڪر لال وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن اڳ مونکي سپريم ڪورٽ پاران نوٽيس وصول ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سردار شاھ 11 جولائي 2024 جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي ھئي ھي قدم ان جي بالڪل ابتڙ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص سرڪٽ بئنچ کي آگاهي ڏني ويندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اسٽي آرڊر جاري نه ڪيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڪم کان به نه روڪيو آهي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز پاران سيڪريٽري عبدالخالد چاچڙ سان موقف لاءِ رابطو ڪيو ويو پر فون اٽينڊ نه ڪئي.