اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ جلد جامع پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايڊجوٽنٽ جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ هڪ جامع پلان ترجيحي بنيادن تي تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. سيوريج ۽ فلڊ واٽر مئنيجمينٽ جو موثر نظام عالمي معيارن موجب اختيار ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ زير زمين سرنگهن ذريعي ٻوڏ جي جي پاڻي تي ڪنٽرول جي فزيبلٽي اسٽڊي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي.صدر چيو ته ڪراچي ۽ ان جي سامونڊي علائقن کي صاف سٿرو بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ دنيا جي ٻين ميٽروپوليٽن شهرن جي برابر ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت تجويز ڪيل سرنگھه منصوبي لاءِ عالمي ڊونرز کان ماحولياتي فنانسنگ وٺڻ تي غور ڪرڻ گھرجي.آصف علي زرداري چيو ته آلوده پاڻي صاف ڪرڻ واري نظام جي تعمير سان بلوچستان کي به زراعت لاءِ پاڻي ملندو، صاف پاڻي سسٽم جي تعمير سان ماهيگيري جي شعبي کي به بهتري ملندي، حيدرآباد شهر کي به شهري ٻوڏن کان نجات ملندي. گندي پاڻي جا مسئلا آهن جن کي ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.اجلاس ۾ صدر کي عالمي واٽر اينڊ سيوريج مئنيجمينٽ جي ماهرن پاران جامع بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ماهرن ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ ۽ سيوريج جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي هاءِ فلڊ زونز ۾ موجود روڊن جي هيٺان ننڍي ۽ وڏي سيوريج سرنگن جو نيٽ ورڪ جوڙي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل انڊر گرائونڊ سرنگن سان عوام، ٽريفڪ ۽ زمينن کي تڪليف نه ٿيندي. ڪراچيءَ ۾ روزانو 450 ملين گيلن گندو پاڻي پيدا ٿئي ٿو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گٽرن ۽ برساتن جو پاڻي ننڍن ۽ وڏن نالن ۾ گڏ ٿئي ٿو، سيوريج ۽ سيلاب جو پاڻي بغير ٽريٽمينٽ جي سمنڊ ۾ ڇڏڻ سان سامونڊي ماحوليات کي آلوده ڪري ٿو، ڪراچي ۾ ڊرين جي موجوده نيٽ ورڪ جي گنجائش محدود آهي اٽڪل 50 سيڪڙو برساتي پاڻي کي عام حالتن ۾ جذب ڪري ٿو، جنهن ڪري ڪراچي جي نظام کي شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.