اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ريٽلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ بابت ٽيڪس اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ان اسڪيم تي هلندڙ مهيني کان عمل ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسڪيم تي عملدرآمد جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته واپارين سان صلاح مشوري کانپوءِ اسڪيم کي حتمي شڪل ڏني وئي جنهن جي منظوري ناڻي واري وزير ڏني، ان اسڪيم تحت ريٽلر ٽيڪس دڪان جي مسواڙ ۽ سيڙپ جي بنياد تي طئي ڪيو ويندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس 1200 رپيا ساليانو هوندو.هن چيو ته هن اسڪيم ۾ لڳ ڀڳ 150,000 دڪاندار اڳ ئي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته عارضي دڪاندارن کي اسڪيم تحت ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني ويندي.