ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ گهريلو تڪرار تان ناٺي مبينا طور تي سھري ۽ معصوم ڌيءَ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس موجب نيو ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ اسٽار ھوم ۾ مبينا طور تي ناراض ناٺي سڪندر پنهنجي 47 سالن جي سھري زبير پٽ رزاق کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران سندس 8 مهينن جي فاطمه ڌيءُ سڪندر به قتل ٿي وئي، ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ مطابق ٻڌايو پيو وڃي ته نيو ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ سھري ۽ ناٺي وچ ۾ جهيڙو گهريلو تڪرار تان پيش آيو، پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدارن جي خلاف پوليس ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.