اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ جوڙيل جي يو آءِ ڪاميٽي جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري ڳالهين بابت صلاح مشورا ڪيا آهن .ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي پي ٽي آءِٰ سان ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائڻ لاءِ لائح عمل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندڙن ۾ ڪميٽي چيئرمين ڪامران مرتضيٰ، مولانا لطف الله، اسلم غوري، مولانا امجد خان ۽ مفتي فضل غفور شامل آهن، ملاقات ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ رابطن تي غور ويچار ڪيو ويو.جڏهن ته ملڪ جي موجود سياسي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو.
-
غزا تي اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 64 فلسطيني شهيد
غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 64 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي حملن سبب شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 38 هزار 983 ٿي ويو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 89 هزار 727 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
-
وردي پائي سرڪاري اهلڪار بڻجندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي: علي امين گنڊاپور
پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته بنون معاملي تي بنون جي صلاحڪارن سميت سڀني جو ٿورائتو آهيان، سڀني انتظاميا سان گڏجي ڳالهين سان معاملو حل ڪيو. علائقي جي مشيرن معاملي تي ڪاميٽي ٺاهي آهي، ڪاميٽي مون سان ملي معاملي تي ڳالهائيندي. اسان عوام جا خدشا ختم ڪنداسين، سندن اميدن تي پورو لهنداسين. علي امين گنڊاپور پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته هٿياربند جتي به ملن انهن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، پوليس اهڙن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، سندن ٿاڪن کي خالي ڪرائي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج پوليس ۽ عوام بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. سڀني کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪري امن قائم ڪرڻو آهي.
-
عمران خان ۽ بشرا بي بي جو نيب ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار
اسلام آباد (م ڊ) توشا خانه جي نئين ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي ڪالهه اڊيالا جيل ۾ جسماني رمانڊ جي آخري ڏينهن نيب جي ٽيم آڏو پيش نه ٿيا. نيب ٽيم نئين توشا خاني ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي کان جاچ لاءِ اڊيالا جيل پهچي ٻن اڍائي ڪلاڪن تائين انتظار ڪندي رهي، پر پيغامن باوجود ٻئي جاچ ٽيم آڏو پيش نه ٿيا، نيب ٽيم اڍائي ڪلاڪن جي انتظار کانپوءِ واپس موٽي وئي. پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به نيب ٽيم پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ بشرا بي بي کان اڌ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا ڪئي هئي.