اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته 55 تڪ کلڻ وارا آهن ۽ 45 ڏينهن ۾ نمبر گيم تبديل ٿي ويندي. سوشل ميڊيا تي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ فواد چوري انڪشاف ڪيو ته مسلم ليگ ن اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد ذريعي چيف اليڪشن ڪمشنر لڳرايو. 2018 جي اليڪشن ڌانڌلي واري نه پر مئنييجڊ هئي. هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا هڪ واڌ پي ٽي آءِ کان ورتي ٻي مسلم ليگ ن کان وٺڻ چاهي پيو. هن چيو ته 2019 ۾ جڏهن نواز شريف کي ٻاهر موڪليو ويو ته مون کي لڳو ته ٻئي پاسي ڪم شروع ٿي ويو، سڀني مسئلن جو حل گرينڊ ڊائيلاگ آهي، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي هڪ حقيقت آهن، انهن سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. انٽرويو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ويندي ئي پيرين پيس ۽ معافي گهري ورتي ان لاءِ مون کي پريس ڪانفرنس نه ڪرڻي پئي. سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته شهباز شريف ليڊر ناهي جڏهن ته نواز شريف ليڊر آهي، مان مريم نواز کي جيل ۾ وجهڻ جي حق ۾ نه هيس، صلاح ڏني هئي ته ان کي جاتي امرا ۾ نظربند ڪريو. فواد چوڌري موجب سئو سيڪڙو ٻيهر چونڊون ٿينديون ان ۾ ڪا ٻي راءِ ناهي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي جاري پيغام ۾ فواد چوڌري لکيو ته اسٽيبلشمينٽ 18 سيٽن جي بنياد تي شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو، شهباز شريف کي ان اميد تي وزيراعظم بڻايو ويو ته هو آصف زرداري سان گڏجي اسٽيبلشمينٽ جي سياسي بيانيي جو بار کڻندو ۽ پي ٽي آءِ باني جي مقبوليت جو ازالو ٿيندو پر موجوده سيٽ اپ جو اسٽيبلشمينٽ کي ڪو فائدو ناهي. هن چيو ته هن سيٽ اپ کان نه سياست سنڀالي پئي وڃي نه معيشت، هي سيٽ اپ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي.