نئين سنڌ جو خواب ان وقت جي ترقي يافته خوبصورت، ڪشادي شھر ڪراچي جي وجود مان به لڳائي سگھجي ٿو ۽ جتي ھندن جي سماجي، علمي، ادبي ادارن جو ھجڻ مثال آھي، اھڙي ترقي يافته سنڌ اڏيندڙ ھندو سنڌين وطن جي ترقي ۾ پنھنجيون قربانيون ڏنيون جيڪي پڻ وسارڻ جھڙيون ناھن، وسارڻ جھڙيون ته اھي ماضي جون خوبصورت مذھبي ھم آھنگي جون مثالون به ناھن ۽ نه ئي گڏ ھوليون ڏياريون، عيدون ۽ محرم جا ڏيھاڙا آھن، وسارڻ جھڙيون اھا جاکوڙ به ناهي جنھن جي نتيجي ۾ انگريزن کان آزادي ملي ۽ وطن عزيز آزادي ٿي وجود ۾ آيو.
انھي تحريڪ ۾ ھندو پارليامينٽرين به پاڻ مڃايو ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ ڪردار به رھيو، سماجي کيتر ۾ سنڌ جي ھندن جي خدمتن کي ڪير وساري نٿو سگھي، بس جي وساريو ويو ته انھن جي قربانين کي، جيڪي پوءِ دين جي ديانتدارن وطن جي محبوب ۽ مخلص انسانن سان ڪيو ۽ جنھن جي ڪري ھڪ وڏي ناپاڪ سازش تحت لڏپلاڻ ٿي ۽ کين خوبصورت عمارتن ۽ ادارن مان ھليا ويا، ڪڍيا ويا، ماريا ويا، ڀڄايا ويا، ۽ اھي ادارا ۽ عمارتون ھاڻي به وجود ته رکن ٿيون پر اھي معيار ۽ اھليت نٿيون رکن.
نئين سنڌ اڏيندڙ ھندو پارليامينٽرين مان پھريون اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ديوان ڀوڄ سنگھه جيڪو 28 اپريل 1937ع کان 15 فيبروري 1938ع تائين رھيو ۽ پھرين ھندو ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ڄيٺي سپھيملاڻي جيڪا پھريون ڀيرو 1جون 1939ع کان 24 فيبروري 1945ع تائين ٻيو ڀيرو 14 مارچ 1946ع کان 5 نومبر 1946ع تائين رھي، جيڪا پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ھندستان لڏي وئي پاڻ ڪيترو ئي عرصو جيلن جي سلاخن پويان پڻ رھي سندس جدوجھد انگريزن خلاف مثالي رھي آھي، اھڙي ريت سرومل وشنداس پڻ 17 مارچ 1949ع کان 15 ڊسمبر 1951ع تائين پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ پھريون ھندو ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي پڻ رھيو سندس تعلق لاڙڪاڻي سان رھيو آھي.
سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ واري شروعاتي اجلاس 26 کان 28 ڊسمبر 1913ع آل انڊيا ڪانگريس ۾ ٿيو جيڪو سيٺ ھرچندراءِ وشنداس جي سربراھي ۾ ٿيو ۽ اھڙا ڪيترائي مھان ڪردار آھن جن سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو ھو، وطن پاڪستان جي وجود کانپوءِ ھندو پارليامينٽرين جو ڪردار ان جوش جذبي ۽ آدرش وارو ته ڪونه رھيو ڇو جو اندر ۾ مايوسين ۽ محرومين جو سمنڊ رھيو آھي ۽ محبوبن جي ماضي ۾ لڏپلاڻ ترقي ۾ رڪاوٽ رھي آھي، ۽ پوءِ جي ھندو پارليامينٽرين مان اھا اميد ۽ آس ته نٿي لڳائي سگھجي. پر اڪثريت جي اڳيان اقليت ٿي ويل وجودن مان ڪھڙيون اميدون، پر ترقي ۽ وطن ۽ ترقي جون اميدون اڄ به سرمائيندار ھندو طبقي مان رکي سگھجي ٿو ۽ اڄ به سنڌ جو ھندو سرمائيدار وطن ۽ صوبي جي ترقي جو مثال آھي توڻي جو ڏاڍ، جبر، اغوا، مذھب مٽائڻ، ڀتو وٺڻ لاءِ بي واجبين جا ھزارين مثال اڳيان اڳيان پوءِ به سنڌ سان وفا سندس وجود کي الڳ نه ڪري سگھيا.
سنڌ جي ھندو پارليامينٽرين سنڌ اسيمبلي ۾ عوام جي ڪيتري سھائتا ڪئي آھي اھو سڀ ڄاڻن ٿا، ڪي به ڳجھا ۽ لڪيل ناھن رھيا ھندو پارليامينٽرين کي ھن وقت عوامي نمائندگي جي بجاءِ مخصوص سيٽن تي ويھاريو ويندو آھي، پارٽيون ڪھڙن بنيادن تي انھن جي سليڪشن ڪنديون آھن، ڪيترا عوامي نمائندا آھن جو انھن کي ميمبر چونڊرايو ويندو آھي، ڪيترا اقليتن جي مخصوص سرمائيدار طبقي جا نمائندا رھيا آھن، ڪيترا خانه بدوش، شيڊول ڪاسٽ قبيلن جي نمائندگي ڪندا رھن ٿا، انھن مان جيوراج مھشوري، ڊاڪٽر کٽومل، سريندر ولاسائي، پونجو ڀيل، انجنيئر گيانچند، ڀيرو لال ٻالاڻي، ڊاڪٽر پرتاب سينڌل کان سواءِ سڀ سرمائيدار ھندو طبقي جا نمائندا رھيا آھن جان مان صرف ھري رام ڪشوري لعل ميرپورخاص مان ۽ گيانچند ايسراڻي ٿاڻي بولاخان ڄامشوري جي تڪ تان عوامي ووٽ وٺي کٽي آيل آھن باقي سڀ ٽڪيٽن جي ڊوڙ مان پاڻ کي سرخرو ڪرائي فتح حاصل ڪري اقليتن جا نمائندا ٿيندا رھيا آھن. جن مطابق ھي ذاتيون بنگالي، بارر، بنواريا، بازيگر، اڊ ڌرمي، ڀنگي، بنجارا، ڀيل، چمار، چنل، چارن، چھرا يا بالميڪي، داگي يا ڪولي، ڌنڪ، ڍيڍ، دمنا، گانڌيلا، حلال خور، جاتيا، ڪلال، کتڪ، ڪولھي، ڪوري، ڪوچاريا، ماريجا، ماڙيچا، ميگهھ، ميگھواڙ، نات، اوڏ، پاسي، پرنا، رامديسي، سانسي، سپيلا، سريرا، شڪاري، سرڪبند، سوچي، واگري يا باگڙي ) هميشه اقليتن جي نالي تي جڙيل منسٽري ھجي يا انھن جي نالي تي نوڪرين ڪمن ۾ ڪوٽا ھنن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آھي.
اڄ اھو ٻڌي حيرت ضرور ٿيندي ته ايڏي وڏي تعداد ۾ اقليتن جي سيٽن تي سنڌ اسيمبلي ۾ رھندڙ ميمبرن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو انھي جو ڪارڻ مخصوص من پسند ماڻھن کي ملندڙ سيٽون ئي آھن. شيڊول ڪاسٽ جي ميمبرن کان سواءِ ڪنھن به ھندو سيٺ ڪڏھن به ڪنھن جوڳين جون جھڳيون به ناھن ڏٺيون، نه باگڙين جي زندگي جون بي وسيون ڏٺيون آھن، نه ئي ڪولھين ۽ ڀيلن جون ٻنين تي زندگين جي ڀيل ٿيندي ڏٺي آھي، نه ئي نياڻين جي ننگن جي عزت کي نيلامي کان بچايو آھي نه ئي ڪنھن اوڏڻ جي سرن جي بٺن تي مٽي ڳوھيندي دٻجي ويل بي وسيون ڏٺيون آھن، نه لوھارڻ جي ڇٻن ۾ چوڙيون وڪڻڻ وارو منظر ڏٺو، نه ئي سندس ڏاٽا ۽ ڪوڏار ٺپيندي جسم جي پگھر جي خوشبو محسوس ڪئي آھي. نه ئي انھن جا ڪي انساني بنيادي حق آھن، نه ئي ھي ڪنھن انساني حقن جي ادارن جي ذميوارين ۾ محسوس ڪيا ويندا آھن. ھنن جي ناءُ تي ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ھجي يا ملڪي ۽ بين الاقوامي انساني حقن جا ادارا ھجن بس سڀني ھنن کي ڪيش ڪرايو آھي ۽ ڪرائيندا رھندا شايد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جھڙي خيرات ئي ھنن جي وڏي ڪاميابي ھوندي.
ھنن جي اولاد لاءِ مخصوص سيٽن واري ڪوٽا به ناھي ڇو ته اھا ڪوٽا به سرمائيدار ھندن جي حوالي ھوندي آھي. شراب جي اسٽورن جي سياست به انھن جي نصيب ۾، منارٽي کاتي جا چيڪ به انھن جي حوالي، اھي ڪميٽيون به انھن جي حوالي، ٺيڪا ۽ ٺيڪيدريون به انھن جي حوالي، سڻڀيون پوسٽون به انھن جي نصيب ۾، سڀ سڀاڳا نصين انھن جا ۽ اسان جي حصي ۾ ڌوڙ ئي ڌوڙ. اسان اڄ به چاھيون ٿا ته سنڌ اڏيندڙ ھندو پارليامينٽرين اقليتن جي ووٽن جي اڪثريت رکندڙ خانه بدوش، لاڏائو، پينو قبيلن، شيڊول ڪاسٽ جي حقن جي لاءِ آواز اٿارين اھڙو ڪم جڏھن پاڪستان جي ناليواري سياست دان ڊاڪٽر ڪريم خواجه جي محنتن سان سينيٽر ڪرشنا ڪولھي کي سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ته ادي اھو چئي انڪار ڪيو ته اسان برابر جا وطن واسي آھيون اسان ھي بل سينيٽ ۾ پيش ڪري پاڻ کي الڳ نٿا ڪرڻ چاھيون، نتيجو اسان اوھان سڀئي ڏسي رھيا آھيو، وري به ڪامريڊ پونجو ڀيل جي سينيٽر ٿيڻ جي خوشي مان اڄ به اميد رکي سگھجي ٿي ته شايد ھو سينيٽ ۾ سنڌ واسين خاص طور شيڊول ڪاسٽ جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري جيڪو نئين سنڌ جي اڏاوت جو مثال ھوندو ٻي صورت ۾ ھي موھن جي دڙي جا ماڻھو جبر ۽ استحصال ۾ ماريا ويندا.