سنڌ جي ماڻهن جي بدحالي، غربت ۽ بيوسي جا هونئن ته ڪيئي ڪارڻ آهن، جن کان آجو ٿيڻ ممڪن ته آهي پر آسان هرگز به ناهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ تي رڳو غاصب قومن ۽ سامراج ملڪن جو تسلط قائم ٿيل ناهي پر اها بدامني، لاقانونيت، انڌير نگري، سماجي ناانصافي توڙي اڻبرابري جي بدترين دور مان پڻ گذري رهي آهي.هتي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي انتظاري، ناانصافي سميت سخت رويا ڀوڳڻا پئجي ويندا آهن.
سنڌ ۾ جيڪو شخص هڪ ايڪڙ ٻني به کيڙي سگهڻ جي سگهه نٿو رکي، اهو هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ بڻيل آهي ۽ جيڪي محنت ڪش، هاري مزدور زرعي پيداوار ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اهي صحتمند کاڌ و خوراڪ ۽ زندگي جي بنيادي سهولتن کان به محروم نظر اچن ٿا.
جيڪڏهن ڪنهن جا ٻچا بک تي سمهيو پون، وٽن رهڻ لاءِ ڪو گهر ناهي، مٿن ڇانؤ لاءِ ڪا ڇت ناهي ۽ ٻئي پاسي ڪنهن جا ڪتا سچي گيهه ۾ تيار ٿيل طعام ۽ سندن گهوڙا صوف وغيرهه کائيندا هجن، ته اهو قدرت جو قانون ناهي، ڇاڪاڻ ته قدرتي نعمتن ۾ ڪنهن به قسم جو متڀيد ۽ ڪا به ناانصافي نظر نٿي اچي، يقينن اها سماجي اڻبرابري هٿرادو ۽ سرمائيدار ذهنيت جي پيدا ڪيل آهي.
ان قسم جي ذهنيت کي ايتري قدر هٿي ڏني وئي آهي جو تمام گهٽ ماڻهو سهڪاري سوچ رکندا آهن ۽ اهي ڪنهن جا مددگار بڻجندا آهن، نه ته اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي ٻين جي حق تلفي ڪندا رهن ٿا، ان سلسلي ۾ اهي اڪيلا ناهن هوندا، ساڻن هڪ مضبوط سسٽم ۽ سوچ گڏ هوندي آهي.
اهڙي طرح اهي ماڻهو، جيڪي مالي لحاظ سان مستحڪم هوندا آهن ۽ وٽن آمدني جا ڪيئي وسيلا پڻ موجود هجن ٿا، پر ان جي باوجود به هُو پنهنجو اثر رسوخ هلائي ۽ پئسو خرچ ڪري سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري وٺندا آهن، جن تي حقيقي طور تي انهن پڙهيل لکيل غريب ماڻهن جو حق هوندو آهي، جن وٽ زندگي بسر ڪرڻ جا ڪي به زريعا ناهن هوندا، اهي ماڻهو نوڪرين تي پنهنجي جاءِ تي گهٽ پگهار تي ڪو نه ڪو ملازم رکي ان کان سرڪاري ۽ پنهنجا ذاتي ڪم وٺندا رهن ٿا، سنڌ ۾ سوين اهڙا سفيد پوش ماڻهو بطور ڀنگي ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي صفائي ته رهي پري جي ڳالهه پر ڪنهن کي رستي ويندي کيڪارڻ به پسند ناهن ڪندا.
گذريل ڏينهن ڪشمور شهر جي عيد گاهه محلي ۾ خانگي لائين مين رفيق احمد چنه بجلي جو ٽرانسفارم ٺاهندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. معلوم ٿيو آهي ته رفيق احمد چنه کي هڪ لائين مين معمولي پگهار تي رکيو هو، جيڪو ان جي جاءِ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو هو، ڪالهه جڏهن هو ٽرانسفارم ٺاهي رهيو هو ته اوچتو بجلي اچڻ سبب کيس ڪرنٽ لڳو، جنهن ۾ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. رفيق احمد چنو فوت ٿيندڙ ڪو پهريون خانگي لائين مين ناهي، ان کان اڳي پڻ چار ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ چاڪر جکراڻي، گل محمد شيخ، فياض نائچ ۽ رجب سولنگي شامل آهي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته رفيق سميت پنجئي فوت ٿيندڙ خانگي لائين مينن جي قتل جو هڪ ئي طريقيڪار آهي، سو اهو آهي ته مرمت دوران اوچتو بجلي اچي ويندي آهي، جنهن سبب ڪم ڪندڙ خانگي لائين مين فوت ٿي ويندا آهن، ياد رهي ته بجلي اڳ ۾ ئيِ گرڊ اسٽيشن تان بند ڪرائي ويندي آهي. بجلي ڪنهن جي حڪم تي آن ڪئي وڃي ٿي؟ ان قتل جو ذميوار ڪير آهي؟ جيڪو خانگي لائين مينن کي قتل ڪندو رهي ٿو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڄ ڏينهن تائين اهڙي ڪا به جاچ ڪري رپورٽ پڌري ڪري ناهن سگهيا. جنهن جي نتيجي ۾ بي گناهه فوت ٿيندڙ خانگي لائين مينن جا لاش لڙهي وڃن ٿا، خدشو آهي ته تازو فوت ٿيندڙ نوجوان رفيق احمد چني جو لاش پڻ لوڙهيو ويندو.
حيسڪو جا لائين مين جيڪي غير قانوني بجلي وڪرو ڪري ڪروڙ پتي بڻجي چڪا آهن، اهي پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ جي بدران منٿليون وصول ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ پنهنجي جاءِ تي ڪو نه ڪو بيروزگار نوجوان رکي ڇڏيندا آهن، جن وٽ ڪو خاص تجربو يا سرٽيفيڪٽ وغيرهه به ناهي هوندو پر ان کي حسيڪو علمدار ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪيئن ٿا ڏين؟ جيڪڏهن حسيڪو اهلڪار ( لائين مين) پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ ۾ غفلت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ته کين نوڪرين تان برطرف ڪري سندن جاءِ تي انهن ئي نوجوانن کي رکڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ بنا ئي گهٽ اجرت تي خطرناڪ ڪم ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن.
بجلي جي مرمت دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيندڙ خانگي لائين مين چاڪر جکراڻي، گل محمد شيخ، فياض نائچ، رجب سولنگي ۽ رفيق احمد چنه جي قتل جو ڪيس لاڳاپيل آفيسرن ۽ لائين مين جي مٿان داخل ڪري کين فوري طور نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي ته جيئن اهي نوجوانن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪن.