ڪمپوٽر دنيا تي سافٽ ويئر خرابي يا سائبر حملو

تحرير: وفا گولو

سائنس انسانن جي روز مره جي ڪمن کي اُڪلائڻ لاءِ نت نيون ايجادون ڪيون آهن جن ۾ ڪمپيوٽر هڪ وڏي اهميت رکي ٿو جنهن ۾ اوهان پنهنجو اهم مواد محفوظ رکي سگهو ٿا جڏهن پهريون ڀيرو دنيا ۾ ريڊيو ايجاد ٿيو ته انسان حيران ٿيا بعد ۾ ٽي وي يا وري فيڪس مشين ايجاد ٿيون ته انسانن جي ڪمن ۾ وڏي آساني ٿي پر ان هوندي جديد هٿيار ٺاهيا ويا جيڪي انسانن جي جانين جا دشمن ٿيا جو اوهان هڪ بٽن سان هزارين ماڻهو ماري سگهو ٿا پر پوءِ به اهي ترقياتي ڪم جاري رهيا جن دنيا کي وڏو فائدو رسايو آهي

انسان پنھنجي آسودگيءَ جي لاءِ جيڪي به نيون ايجادون ڪيون آھن،ان ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو سسٽم دنيا کي ڳنڍڻ،وقت بچائڻ ۽ ڪم اڪلائڻ جو ھڪ شاھڪار نمونو آھي.ڪڏھن ڪڏھن ان ٽيڪنالوجي جي اونداھي پاسي جو  به مشاھدو ٿيندو آھي. اھڙو ئي مشاھدو جمعي ڏينھن 10 جولاءِ تي به ٿيو هو.جنھن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ فلائيٽ سسٽم سميت ڪئين شعبا ھڪ عالمي ٽيڪنيڪل مسئلي سبب متاثر ٿيا هئا،جنهن  جو سبب ڪرائوڊ اسٽرائيڪ نالي ھڪ سائبر ڪمپني کي قرار ڏنو پئي ويو. جيتوڻيڪ لاڳاپيل ڪمپني جو اهو چوڻ آھي ته اھو ڪو سائبر حملو نه آھي،پر تاحال صورتحال چٽي نه ھئڻ سبب  فوري طور ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالھه ھوندي.ڇو ته ممڪن آهي اهو سائبر حملو به هجي جنهن سافٽ ويئر کي متاثر ڪيو هو.

انهن ڏينهن ۾ آمريڪا، برطانيه، آسٽريليا ۽ ھندستان  سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي سان لاڳاپيل ٽيڪنيڪل مسئلو پيش آيو هو جنهن ڪمپيوٽر سسٽم کي متاثر ڪيو هو.جنھن ڪري  دنيا ۾ ھوائي  اڏامون به متاثر ٿيون. ڪمپيوٽر سسٽم تي ڀاڙيندڙ اھي  اسپتالون، ٽي وي چينلز، بئنڪون ۽ اسٽاڪ مارڪيٽن جو ڪم به متاثر ٿيو هو پر پاڪستان ۾ هن وقت تائين اهڙي فني خرابي رپورٽ نه ٿي آهي. ان فني خرابي سان اڪثر انٽرنيشنل  ايئر لائنز متاثر ٿيون هيو. سڄي دنيا ۾ ڪجھه ئي ڪلاڪن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اڏامون معطل ٿيون هيون.

اهو حملو 2017 ۾ ٿيل  سائبر حملي کان پوءِ آئي ٽي جو ايترو وڏو  مسئلو سامھون نه آيو ھو.تڏهن 150 ملڪن ۾ ٽي لک ڪمپيوٽر متاثر ٿيا ھئا. متاثر ٿيل اڪثر ادارا ۽ تنظيمون مائڪروسافٽ جي ڪمپيوٽر سسٽم تي ڪم ڪري رھيون  هيون، جنهن سبب ڪمپني تي پهريون شڪ پيدا ٿيو هو.

مائيڪرو سافٽ ويئر 356 سروس جي طرفان ايڪس اڳوڻي ٽوئيٽر تي ٻڌايو ويو هو ته  ” هڪ مسئلي جي تحقيق ڪئي پئي وڃي.جنھن سان صارفين  کي Microsoft 365  ٻين ايپس ۽ خدمتن جي استعمال ۾ پريشاني ٿي رھي آھي.”بهرحال، بعد ۾ اهو سافٽ ويئر سروسز بحال ٿي ويون هيون.

ان وقت سوئٽزرلينڊ جي فيڊرل آفيس فار سائبر سيڪيورٽي اهو پڻ ٻڌايو هو ته هن ٽيڪنيڪل مسئلي جو بنيادي سبب هڪ سائبر سيڪيورٽي ڪمپني آهي جنهن جو نالو ڪرائوڊ اسٽرائيڪ آهي ڪمپني پاران موڪليل هڪ اپڊيٽ ڪمپيوٽر سسٽم ۾ ٽيڪنيڪل خرابي پيدا ڪئي.ان کان اڳ آمريڪي ايئر لائنز پڻ ڪرائوڊاسٽرائيڪ کي ان جو ذميوار قرار ڏنو ھو. ھاڻي ڪرائوڊ اسٽرائيڪ تسليم ڪيو آهي ته ان ٽيڪنيڪل خرابي جو سبب اھي آهن. ڪمپني اهو چيو آهي ته "ونڊوز هوسٽ جي ھڪ اپ ڊيٽ ۾ خرابي ٿي آھي جيڪا درست ڪئي پئي وئي آهي.”ڪمپني موجب "هي هڪ سيڪيورٽي مسئلو ناهي، ۽ نه ئي وري ڪو سائبر حملو آهي.”

ڪرائوڊاسٽرائيڪ  هڪ سائبر سيڪيورٽي ڪمپني آهي جيڪا 2011 ۾ قائم ٿي.هن ڪمپني جو مقصد دنيا جي وڏين ڪمپنين ۽ انهن جي ڪمپيوٽر سسٽم کي خطرن کان بچائڻ هو.

ڪمپني جي خصوصيت ۾ سائبر سيڪيورٽي تحت آخري پوائنٽ تائين تحفظ فراهم ڪرڻ  آھي.ڇاڪاڻ جو اھا خطرن سان ڀريل سافٽ ويئر يا فائلن کي ڪارپوريٽ نيٽ ورڪ تائين پهچڻ کان روڪي ٿي.ڪمپني کي اھا ذميواري به ڏني ويندي آھي ته اھا صارفين يعني وڏين ڪمپنين جي ڊيٽا ڪلائوڊ کي محفوظ رکي.

ڪرائوڊاسٽرائيڪ جو بنياد ٽيڪساس ۾ جارج ڪرٽز ۽ دمتري الپرووچ  رکيو ھو، ۽ شروع کان ئي ان ڪمپني سائبر حملن کي روڪڻ لاءِ ڪمپنين جي مدد ڪئي ھئي.ٽيڪنيڪل مسئلي سڄي دنيا ۾ ٽرانسپورٽ سسٽم، براڊڪاسٽرز، اسپتالن ۽ ٻين شعبن کي گھڻو متاثر ڪيو آهي.ايئر لائنز جا شيڊول متاثر ٿيا آهن برطانيا ۽ آمريڪا جي وڏن ٽي وي چينلن جي نشريات به متاثر ٿي آهي.برطانيا ۾ ڪيترن ئي ريئل ڪمپنين پڻ شڪايت ڪئي آهي ته انهن جا سسٽم ۽ شيڊول متاثر ٿيا آهن. آمريڪي رياست الاسڪا ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فون هيلپ لائن بھ موجود ناهي.پولينڊ ۾ بالٽڪ حب ٽرمينل بحري جهازن کي هدايت ڪئي آهي ته اھي ڪنٽينر آڻڻ کان پاسو ڪن. ان کان سواءِ برطانيا ۾ ڪجهه ڊاڪٽرن شڪايت ڪئي آهي ته اهي  پنھنجي ڪمپيوٽر  رڪارڊ تائين رسائي کان قاصر آهن.

آسٽريلوي ميڊيا موجب ان صورتحال دوران ملڪ جي ڪيترن ئي بئنڪن، ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين، ميڊيا ڪمپنين ۽ ايئر لائنز چيو آهي ته سندن ڪمپيوٽر سسٽم تائين رسائي نه ٿي رهي آهي ۽ آپريشن متاثر ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح نيوزيلينڊ جي ڪجهه بئنڪن مان به ان نوعيت جون شڪايتون مليون آهن.اسپين، انڊيا ۽ هانگ ڪانگ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايئرپورٽس ۽ اڏامون متاثر آهن. هندستان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ بئنڪ پنهنجن گراهڪن کي خبردار ڪيو آهي ته انهن جون خدمتون متاثر ٿي سگهن ٿيون.

ان وقت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بئنڪن، فضائي ڪمپنين، ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين، ٽيلي ويزن، ريڊيو نشريات ۽ سپر مارڪيٽس جا سسٽمز آمريڪي سائبر سيڪيورٽي ڪمپني جي سسٽم ۾ خرابي سبب آف لائين ٿي ويا هئا.

سائبر سيڪيورٽي ڪمپني ڪرائونڊ اسٽرائيڪ جي سافٽ ويئر ۾ خرابي سبب سموري دنيا ۾ مائيڪرو سافٽ جا آپريٽنگ سسٽم ونڊوز تي ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽرز متاثر ٿيا هئٰا.

ڪرائوڊ اسٽرائيڪ موجب، آمريڪا، برطانيا، نيوزيلينڊ، ڀارت ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ونڊوز ورڪ اسٽيشنز اسڪرين آف ڊيٿ ايرر سبب آف لائين ٿيا هئٰا.

سافٽ ويئر ۾ ٿيل خرابي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ۽ سسٽم جي بحالي تي ڪم هلندڙ هو. مائيڪرو سافٽ ان حوالي سان  ڪو بيان جاري ناهي ڪيو هو پر ان جي سروس اسٽيشن پيج تي چيو پئي ويو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.پر ان هوندي به دنيا هن سافٽ ويئر جي خرابي يا حملي سبب گهڻو متاثر ٿي هئي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن ڊجيٽل دنيا وارن کي پنهنجي سافٽ ويئر جي اپڊيٽ مهل هڪ ميسيج ڏيڻ گهرجي ته هن وقت کان هن وقت تائين سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿيندو جنهن سان دنيا جا ڪم ڪار اوچتو رکجڻ کان بچي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.